• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي ڪٿي هو ڪٿي

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
دانه فلفل سياه وَ خال مه رويان سياه
هر دو يڪ رنگ است اما اين ڪجا وَ آن ڪجا
مرچ جو داڻو به ڪارو ۽ محبوب جي مُک جو تِر به ڪارو ، ٻنهي جو رنگ هِڪ ئي آهي پر هي ڪٿي هو ڪٿي ۔

ابرو ياران بُران وَ شمشير جلادان بُران
هر دُو برآنست اما اين ڪجا وَ آن ڪجا
يار جا ڀِرون به قتل ڪن ۽ جلادن جي ترارون به قتل ڪن ، ٻئي قتل ٿا ڪن پر هي ڪٿي هو ڪٿي ۔
نا معلوم ايراني شاعر
هن تي منهنجي مزاح
محبوبم سياه وَ زُغالِ سنگ سياه
هر دو يڪ رنگ است اما اين ڪجا وَ آن ڪجا
منهنجو محبوب ڪارو ۽ ڪوئلو به ڪارو آهي ، ٻنهي جو رنگ ڪارو آهي پر هي ڪٿي هو ڪٿي ۔
محبوبم چاق است وَ گاپ هم چاق است
هر دو چاق است اما اين ڪجا وَ آن ڪجا
منهنجو محبوب صحتمند آهي ۽ مينهن به صحتمند آهي ، ٻئي ٿُلها متارا آهن ، پر هي ڪٿي هو ڪٿي ۔
 
جواب: هي ڪٿي هو ڪٿي

مرچ جو داڻو به ڪارو ۽ محبوب جي مُک جو تِر به ڪارو ، ٻنهي جو رنگ هِڪ ئي آهي پر هي ڪٿي هو ڪٿي ۔

واقعي سچ آهي، ٻنهي جي سونهن ۽ ٻنهي جي ڪشش ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ۔۔۔۔ لاجواب شيئرنگ
 
Back
Top