• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لُٽ جو مال نه آهي سنڌ (وائي ) نثاراحمدناز

نثارناز

سينيئر رڪن
ساٿيو سنڌ جا ويري پنهنجو ناپاڪ منصوبو مهاجرستان ، يا مهاجر صوبي لاءِ سنڌ امڙ جي ڪُک ۾ خنجر هڻي ان کي ٻه اڌ ڪرڻ ٿا چاهين اسان سنڌين
کي متحد ٿي سنڌ کي ٽوڙڻ واري عمل جي خلاف ميدان ۾ اچڻ گهرجي، هر انهي سنڌ جي غدار کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ گهرجي ته سنڌ ماءُ جا ٽڪرا ڪرڻ وارا غدارو سنڌ خالي ڪريو. هڪڙي وائي سنڌ جي ويري کي وارننگ جي صورت ۾ تحرير ڪئي اٿم جيڪا توهان سان ونڊي پنهنجو قومي فرض پورو پيو ڪريان اميد ته اسان جي سڀئي سنڌي شاعر پنهنجي تخليقن ۾ غدارن سان ويڙهاند ڪندي نظر ايندا.​

وائِي
نثاراحمدناز

ڳالهه ڪمينا ڌيان ۾ ڌَرِ..!
لُٽِ جو مال نه آهي سنڌ.
ڪتو بڻجي ڏاڙِهين ويٺو،
شل موت پَوَئِي او مُنڪَرِ...!
لُٽ جو مال نه آهي سنڌ.
نيت تُنهنجي کوٽِي کاڻا،
ڪرڻو آهين تُون ڪنڌ ڀَرِ..!
لُٽ جو مال نه آهي سنڌ.
مورڙا دودا هوشُوءَ پارا،
ماريندا سڀ تو مانگَرِ...!
لُٽ جو مال نه آهي سنڌ.
رهڻِي آهي قيامت تائين ،
ڌرتِي ماتا، سنڌ اَمَرِ..!
لُٽ جو مال نه آهي سنڌ.
مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون،
چوي ٿو سارو سنڌ نگر...!
لُٽ جو مال نه آهي سنڌ۔​

559439_10150910165403216_794048215_9922756_768014328_n.jpg
 
جواب: لُٽ جو مال نه آهي سنڌ (وائي ) نثاراحمدناز

سنڌ ضرور رهندي پر اسان جيڪڏهن پاڻ نه سڌاريو ۽ پاڻ ۾ تبديليون نه آنديون ته پوء سنڌ رهندي ته ضرور پر ڪهڙي روپ ۾ اها خبر ناهي۔

اوهان جا احساس، اوهان جا جذبا جوان آهن ۽ سنڌ لاء اسان به پتوڙيون پيا پر وري به اسان جيڪڏهن ٻڌي ۽ اتحاد نه ڪيو ته وقت هٿن مان نڪري ويندو۔ لاجواب چترڪاري
 
Back
Top