مهاجر صوبي لاءِ چوچيڙي ڪير پيو ٻاري؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ميب طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2012۔

  1. ميب

    ميب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2012
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محمد عيسيٰ ڀٽو

    [JUSTIFY]ملڪ ۾ نئين صوبن ٺاهڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪوششون تيز ڪيون پيون وڃن ۽ امڪان آهي ته سالياني بجيٽ 2013-2012ع جي پاس ٿيڻ کان پوءِ نئين صوبن جي تشڪيل ڏانهن تيزي سان قدم وڌايو ويندو، نئين صوبن جي تشڪيل ۾ صرف پنجاب اهڙو صوبو آهي جتي هڪ ٻئي صوبي جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي جنهن جا بنيادي سبب موجود آهن، هڪ اهو ته پبجاب تمام وڏو صوبو آهي جنهن جي آبادي 9 ڪروڙن کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي جتي صوبائي حڪومت جو انتظام سڀالڻ انتهائي ڏکيو ٿي پيو آهي خاص ڪري ڏکڻ پنجاب جي ڏوراهن علاقن تائين صوبائي حڪومت جي مشينري انتهائي سست رفتاري سان ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ تخت لاهور پاران هن خطي جي عوام کي تمام گهڻين بنيادي صحولتن کان محروم رکيو پئي ويو، ان ڪري ڏکڻ پنجاب جي عوام پاران گهڻي عرصي کان گهر ڪئي پئي وئي ته هتي هڪ نئو صوبو تشڪيل ڏئي هتان جي عوام مان هميشه جي لاءِ محرومين کي ختم ڪيو وڃي جنهن تي موجوده حڪومت جنهن جو وزيراعظم به ان علائقي سان تعلق رکي ٿو اتان جي عوام جي دل جي ڌڙڪن جو آواز ٻڌي انهن سان هائو ۾ ها ملائيندي ڊنڪي جي چوٽ تي اعلان ڪيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پنجاب کي انتظامي بنيادن تي ٻن حصن ۾ ورهائي اتي ڏکڻ پنجاب کي الڳ صوبي جو درجو ڏئي سرائڪي عوام کي پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي. ۽ ٻيو ته سرائڪي عوام زبان، خطي ۽ ڪلچر جي لحاظ کان تخت لاهور جي ڪلچر کان هڪ الڳ شناخت ۽ حيثيت رکن ٿا جيڪي صدين کان پنهنجي ڌرتي جا مالڪ، درياهن ۽ سهرائن جا وارث ۽ چئيني موسمن جا امين ٿي رهيا آهن ان ڪري قومي فرض بڻجي ٿو ته هتان جي عوام کي پنهنجو الڳ صوبو ڏئي انهن جي حيثيت ۽ حقن کي تسليم ڪيو وڃي. ان هلچل دوران 18 آئيني ترميم پاس ڪئي وئي جنهن کان پوءِ صوبي سرحد جو نالو به تبديل ڪري ان کي خيبرپختونخواهه جو نالو ڏئي پٺاڻن کي پنهنجي شناخت ڏني وئي جن جو چوڻ هو ته هنن جو اهو مطالبو 60 سال کان پراڻو هو پر ان ڏانهن ڪنهن به حڪومت ڌيان نه ڏنو جيڪو هاڻي موجوده جمهوري سرڪار باالخصوص صدر مملڪت آصف علي زرداري جو ان ۾ وڏو ڪردار آهي جنهن هڪ آئيني طريقي سان پٺاڻن کي پنهنجي سڃاڻ ڏني جيڪو سندن جو بنيادي حق هو. ان دوران هزاره ڊويزن جي ڪجهه ماڻهن پاران به گهر ڪئي وئي ته هزاريوال هڪ الڳ قوم ۽ هن خطي جا اصل مالڪ آهن تنهن ڪري انهن کي به الڳ صوبو ٺاهي ڏنو وڃي، ان تحريڪ ۾ ڪجهه ڏينهن ڪافي گرما گرمي رهي پر جيئن ته اهو انڌي وارو ٻک هو جي لڳو ته ٺيڪ آهي جي نه لڳو ته ويٺا ساڳي جاءِ تي ئي هوندا سون جي جيان مثال وارو هڪ شوشو ڇڏيو ويو، ان تحريڪ جو حشر ان وقت خراب ٿيو جڏهن ڪراچي جي هڪ سياسي پارٽي ان جي پٺڀرائي ڪرڻ شروع ڪري ڏني، ان پس منظر ۾ ڄاڃين کان وڌيڪ ڌوڪڙائن کي وڌيڪ خوشي ٿي رهي هئي جڏهن هزاريوال جو اڳواڻ گل زمان خان ڪراچي جي هڪ پارٽي کان همايت وٺڻ آيو هو، پر ائين کڻي چئجي ته ڄاڃين جو خرچ به ڌوڪڙائن پئي ڀريو جنهن جي جلسن ۽ ريلين جا خاص انتظام ڪراچي ۾ ڪيا ويا، پر جيئن ته هي غير فطري، غير آئيني ۽ دٻڙ دوس جي بنياد تي رکيل تحريڪ جو بنياد هو جنهن پنهنجي وقت کان اڳ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. هزارا صوبي جي تشڪيل جو معاملو هزريوال جو هو پر جلسا ۽ ريليون ڪراچي ۾ ڪڍرايون ويون ”ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الهيار“ جي مثال جيان انهن جي مقروهه ارادن کي سڀڪو سمجهي رهيو هو ته هي ماڻهو ڇا ڪري رهيا آهن جن جو مقصد صرف ڪراچي کي سنڌ کان ڇني ڌار ڪري نئين صوبي جي تشڪيل ۾ِ پنهنجي لاءِ راهه هموارڪرڻ جي ناڪام ڪوشش هئي. هاڻي جڏهن ڏکڻ پنجاب جي صوبي جي تشڪيل وارو معاملو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي جتي پنجاب اسمبلي ۾ نواز ليگ پاران نه چاهيندي به پيش ڪيل ڪرارداد کي اتفاق راٰءِ سان منظور ڪيو ويو آهي ته ڪراچي جي گهٽين ۾ ان جي خوشي جا گيت ڳايا ويا ۽ سرائڪي عوام کان وڌيڪ ڪراچي جي ان جڙتو گروپ کي خوشي ٿي رهي هئي، ان ڪرارداد جي روشني ۾ هاڻي ڏکڻ پنجاب جي صوبي جي تشڪيل ۾ هاڻي ڪابه ڏکيائي پيش نه ايندي ۽ هاڻي اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سرائڪي عوام لاءِ پاڪستان جي نقشي ۽ دنيا جي گولي تي هڪ ڌار صوبو هوندو جيڪو موجوده حڪومت پاران انهن لاءِ خاص تحفو هوندو.
    نئين صوبن جي تشڪيل لاءِ جيڪو طريقو آئين ۽ قانون ۾ موجود آهي اهو مهذب طريقي سان اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، گلگت بلتستان جي تشڪيل به آئيني طريقي سان ڪئي وئي جنهن جو پهريون بل قومي اسمبلي مان اڪثريت راءِ سان پاس ڪرائي ان کي صوبي جو درجو ڏنو ويو، خيبر پختونخواهه جو نالو به هڪ آئيني ترميم ذريعي تبديل ڪيو ويو جيڪو سڀني جي سامهون مثال آهي، هاڻي جڏهن پنجاب اندر سرائڪي صوبي جي تشڪيل جو وارو آيو آهي ته ان لاءِ به حڪومت قومي سطح تي سڀني سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪري انهن کي اعتماد ۾ وٺي پهريان اتان جي اسمبلي مان ڪرارداد پاس ڪرايو آهي ۽ هاڻي ان جو ٻيو مرحلو اهو هوندو ته پنجاب اسمبلي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان آئيني بل پاس ڪري ان کي گورنر ڏانهن دستخط لاءِ موڪليندي جنهن کي صوبي اندر آئين جو حصو بڻايو ويندو ۽ ان جو ٽيون مرحلو اهو هوندو ته قومي اسمبلي به ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان بل پاس ڪري سينيٽ ڏانهن موڪليندي ۽ سينيٽ جي منظوري کان پوءِ صدر مملڪت ڏانهن دستخط لاءِ اماڻيو ويندو، صدر مملڪت جي دستخط ٿي وڃڻ کان پوءِ باقاعدي سان ڏکڻ پنجاب کي صوبي جو درجو ملي ويندو. اهو آهي قانوني ۽ مهذب طريقو جيڪو ڪراچي ۾ رهندڙ جڙتو گروپ کي به اختيار ڪرڻ گهرجي باقي صرف ريليون ڪڍي ديوران ۽ بينرن تي نالا لکي اهو چيو وڃي مهاجر صوبو کپي ته ان ڳالهه کي ڪير به تسليم نه ڪري سگهندو. جيڪڏهن هڪ ڪروڙ سنڌي ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿي اهو مطالبو ڪن ته مهاجرو سنڌ خالي ڪري پنهنجي وطن واپس وڃو ته آيا ان مطالبي کي ڪير تسليم ڪندو؟ بلڪل نه، تنهن ڪري اهڙي صورتحال پيدا نه ڪئي وڃي جنهن سان سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندرڻ جي وچ ۾ نفرتون پيدا ٿي وڃن ۽ فائدو ڪنهن ٽين ڌر کي پوي. ياد رهي ته منهنجو اشارو صرف ان اردو ڳالهائيندڙن جڙتو گروپ ڏانهن آهي جيڪي اهڙي قسم جون حرڪتون ڪري پاڻ کي مشقوق بڻائي رهيا آهن، باقي ٻيا سمورا اردو ڳلهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن جن جو سنڌ سان فطري رشتو جڙيل آهي. مواذنو ڪيو وڃي تهِ سرائڪي ۽ مهاجر صوبي جي تشڪيل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، سرائڪي عوام سالن کان داهون ڪندو رهيو آهي ته هنن کي حق نٿا ڏنا وڃن ۽ جيڪڏهن ڪو سرائڪي خطي جو معانو ڪري ڏسي ته يقينن هو ان ڳالهه کي تسليم ڪندو ته هن خطي جي ماڻهن جو جائز مطالبو آهي جڏهن ته مهاجر صوبي جو اڻ ڍنگو مطالبو ڪندڙ جڙتو گروپ غلط بياني ڪري رهيو آهي ته مهاجرن کي حق نٿا ڏنا وڃن ته هتي ابتي گنگا کي وهائڻ برابر ڳالهه هوندي. دنيا ڄاڻي ٿي ته اڄ به ڪراچي اندر سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار ۽ تعليمي ادارن ۾ داخلائن جا دروازا بند آهن، تازو مثال ڪراچي يونيورسٽي ۾ 6 هزار 5 سئو سيٽن مان سنڌين لاءِ صرف 30 سيٽون، ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي، واٽربورڊ، پي آئي اي، سول ايويئيشن، پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري، ڪي پي ٽي، پاڪستان اسٽيل مل، پورٽ قاسم ۽ ٻين ننڍن وڏن قومي توڙي صوبائي ادارن سان گڏ پرائويٽ ادارن ۾ صرف ملازمتن جو تناسب ڏٺو وڃي ته انهن ۾ سنڌي گهڻا يا ٻيا گهڻا نظر ايند جيڪي چون پيا ته انهن جا حق سنڌي کايو ٿا وڃن. دنيا اهو به ڏسي رهي آهي ته جيڪي حق نه ملڻ جون داهون ڪري رهيا آهن دراصل اهي ٻين جا حق دٻايو ويٺآ آهن. جنهن وچ شهر مان سنڌ جي ورهاڱي جو آوز اٿاريو پيو وڃي ته حق نٿا ملن انهن جي علائقن جو جائزو ورتو وڃي ۽ ڪراچي جي انهن ٻهراڙين علائقن جي صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪيتري حق کان ۾محروم آهي جتي اڪثريت سان سنڌي عوام رهي ٿو اڄ به اهي علائقا بنيادي صحولتن کان محروم آهن. هن وقت سڄي ڪراچي ۾ جڙتو گروپ تيار ڪرائي انهن پاران سنڌ ورهائڻ جاِ بينر، پوسٽر لڳرايا پيا وڃن پر اهي ڌريون اڃا تائين خاموش آهن جيڪي ڀٽائي جا بيت پڙهي پاڻ کي سنڌ جا هلالي پٽ چورائي سنڌي عوام کي بيوقوف بنائي رهيا هئا. ان ٽولي پاران مجرماني خاموشي ظاهر ڪري ٿي ته سنڌ جي وحدت خلاف چوچيڙي ڪٿان پئي ٻاري وڃي.
    ان جڙتو گروپ پاران اڻ ڍنگو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته مهاجرن کي حق نٿا ڏنا وڃن ان ڪري ضروري آهي ته مهاجرن کي الڳ صوبو ٺاهي ڏنو وڃي ته هي مثال به موجود آهن ته پورٽس اينڊ شپنگ جي وزارت گذيل ڏهن سالن کان هڪ ارداو ڳالهائيندڙ کي مليل آهي جنهن پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ 11 سئو کان وڌيڪ ماڻهو ڀرتي ڪيا آهن جنهن ۾ سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر ڀرتي ڪيا اٿس. مشرف دور 2001ع دوران پورٽ قاسم مان 334 ۽ ڪي پي ٽي مان 2800 سئو ملازمن کي جبري برطرف ڪيو ويو هو، جڏهن انهن جي بحالي جو وارو آيو ته صرف ڪي پي ٽي مان برطرف ڪيل 2800 ملازمن کي بحال ڪيو ويو جڏهن ته پورٽ قاسم مان برطرف ڪيل 334 ملازمن کي ان ڪري بحال نه ڪيو ويو جو انهن ۾ سنڌي ملازمن جو انگ وڌيڪ هو جيڪي اڄ به پ پ جي جمهوري حڪومت باوجود درپدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ٻي ناانصافي اها ته انهن مان 23 ملازم 2009ع دوارن عدالت پاران بحال ڪيا ويا پر ان وفاقي وزير جي مداخلت سبب انهن جي پوسٽنگ ۽ پگهارون روڪيون ويون جيڪي اڃا تائين رڪيل آهن انهن ملازمن جو صرف ايترو ڏوهه هيو ته انهن ۾ 17 سنڌي ملازم آهن جن جو انگ وڌيڪ هئڻ سبب انهن کي روزگار کان محروم رکيو ويو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن 23 ملازمن جي عدالت پاران بحالي کان پوءِ به ان وفاقي وزير پنهنجي ماڻهن جي ڀرتي جاري رکندي 300 کان وڌيڪ ٻيا ماڻهو ڀرتي ڪري ورتا آهن جڏهن ته انهن 23 ملازمن کي سنڌي هجڻ ناتي اڃا تائين قبول نٿو ڪيو وڃي، اهي 23 ملازم جنهن به قانوني فورم تان جيتي پيا اچن ته انهن کي وڌيڪ Litigation يعني مقدمي بازي ۾ ڦاسائي انهن خلاف ڪنهن ٻئي فورم تي اپيل ڪري انهن جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي ملازم اتي ئي رٽائر ٿي وڃن پر انهن کي ملازمت نه ملي سگهي. اهڙي ظلم ۽ ذيادتين جي باوجود به ڪو ائين چوي ته اردو ڳالهائيندڙن جا حق سنڌي کايو ٿا وڃن ته ڪجهه خدا جو خوف ڪيو وڃي. يا ته اهي ڌريون سڌو سئون سنڌي عوام سان وڙهڻ ٿيون چاهن يا انهن جو اڃا ڪو ٻيو مقصد آهي پر جيڪو به مقصد آهي اهو سنڌي عوام جي تصور کان مٿاهون آهي، ڇو ته سنڌي عوام ٻيو سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهي ٿو پر سنڌ جي وحدانيت خلاف ڪا به چرپر برداشت نٿو ڪري سگهي. اسان ڏٺو آهي ته سنڌي ماڻهو ان معاملي ۾ ڏاڍا حساس ۽ جزباتي آهن جيڪي چون ٿا ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي جنهن جي گود ۾ اسان سڀ پلجي رهيا آهيون ۽ سنڌي پنهنجي ڌرتي سان ائين پيار ڪندا آهن جيئن ماءُ پنهنجي ٻچي سان پيار ڪندي آهي، هڪ پاسي ماءُ جو درجو رکندڙ ڌرتي آهي ته ٻئي پاسي ڌرتي سان بي پناهه محبت ۽ عشق وارو رشتو آهي جيڪو ماءُ پاران ڏنل پينگهي جي لولي کان وٺي قبر جي سفر تائين جڙيل آهي، هي سنڌوءَ جي پاڻي ۽ ان جي ٻيٽ مان اٿيندڙ چمڪندار واري جي زرڙن جو اثر آهي جيڪي پنهنجي ڌرتي جي پيار سان جڙيل آهن. سنڌ واسي ڪڏهن به اهو نه چاهيندا ته سنڌ جي نقشي سان ڪا هٿ چراند ٿئي پر گهڻي عرصي کان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته سنڌين جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪائي پئي وڃي ۽ ٻلي به آهستي آهستي ٿيلي مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان لساني جڙتو گروپ پاران مهاجر صوبي جا بينر هڻي سنڌي اردو جيڪي گذريل اڌ صدي کان پيار ۽ محبت سان هڪئي صوبي اندر رهيل هئا انهن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سڀني تي فرض لاڳو ٿئي ٿو.[/JUSTIFY]

    meb_110@yahoo.com
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مهاجر صوبي لاءِ چوچيڙي ڪير پيو ٻاري؟

    پ پ پ اها پارٽي آهي جنهنکي ڀٽي خاندان ۽ سنڌ جي ووٽرن پنهنجي واحد ۽ صرف واحد پارٽي ڪري سنڌ جي نمائينده پارٽي ٺاهي ڇڏيو ،،،، هيءَ اها پارٽي آهي جيڪا ووٽ ته سنڌين کان وٺندي آئي آهي ۽ سنڌين جي ڪلهن تي بندوقون رکي پاڪستان جي حڪمراني حاصل ڪندي رهي آهي ،،،،

    پر افسوس جو جڏهن به هن پارٽيءَ کي سنڌ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ته هن ان فرض کي پٺي ڏئي پنهنجا مخصوص مفاد حاصل ڪيا آهن ۽ سنڌين تي ظالم طبقي جو راڄ قائم ڪري رشوت، اقربا پروري ۽ سنڌ کي طرحين طرحين ۽ انيڪ قسم جا نقصان ڏيندي رهي آهي

    جيڪڏهن هيءَ پارٽي صرف سنڌ سان سچي ۽ مخلص هجي ها ته هن وقت سنڌين کي نه لهر نه لوڏو، پ پ پ جا حمايتي خابرو شروع ته تعرفي گيتن سان ڪندا آهن پر آخر ۾ اچي سنڌ جي ورهائڻ جي سازش ايم ڪيو ايم تي يا مهاجرن جي هڪ طبقي تي هڻي سنڌين جي دلين تي هڪ دفعو ٻيهر شينهن ڙي شينهن جا نعرا هڻي وري ووٽ وٺڻ جا جتن ٿي رهيا آهن جڏهن ته انهن سنڌ دشمنن ماڻهن سان ڀاڪرين پاتل پ پ پ الائجي ڪيئن پاڻ کي ڌار سمجهي ٿي؟

    پنجاب کي ورهائڻ جو ڪارنامو صرف اليڪشن کٽڻ کان وڌ ٻيو ڪجه به ناهي پر ان مطالبي ۽ پ پ پ جي ان حماقت قانوني طور سنڌ کي ٽوڙڻ جو سبب پيش ڪري ڇڏيو آهي ،،،، ڀلا جيڪڏهن پنجاب ٽوڙيندا ته ڇا پنجاب پ پ پ کي سنڌ جي نمائينده جماعت سمجهندي ان جي ظاقت ٽوڙڻ لاءِ ان ئي قانون جو سهارو نه وٺندو؟ ۽ ڇا جيڪي هندستاني 70 سالن ۾ به سنڌي ٿي نه سگهيا آهن ۽ فطرتن پنهنجي پيءُ جا به پٽ ناهن ته ڇا اهي هميشه پ پ پ سان ڀاڪرين رهندا ؟ ۽ سنڌين جو قتلام ڪرڻ کان گسي ويندا

    حاصل مطلب ته سنڌ جي ٽوڙڻ جي جرآت ڌارين کي مهيا به پ پ پ ڪئي آهي ۽ پاڻ کي هڪ دفعو ٻيهر اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ سازشي ۽ منافقي واري سياست ڪري رهي آهي

    اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ گدڙن ناهي کاڌي، اڃان سنڌي جيئرا آهن ۽ اهو منصوبو سنڌين جي لاشن تي ممڪن ٿي سگهي ٿو پر جيستائين هڪ سنڌي به جيئرو هوندو ته اهو ڪم ڪون ٿيندو ،،،،، ڪراچيءَ کي باهه ڏئي ڇڏينداسون پر ڌارين جي حوالي نه ڪنداسون

    ڪراچي آهي ڇا، ؟ نه ته پنهنجي زراعت اٿس، نه پاڻي ۽ نه ئي گئس يا بجلي ،،،،، ڌپ ڪري ويندي ڪراچي ۽ مهاجرن سڏائيندڙن جي حالت ڌوٻي جو ڪتو نه گهر جو نه گهاٽ جو،

    رکو الله تي ،،،،

    جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا، پو سور نه رهندا ساڳيا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مهاجر صوبي لاءِ چوچيڙي ڪير پيو ٻاري؟

    محترم دوست عيسى ڀٽو صاحٻ سلام

    اوهان انگن اکرن سان گڏ تفصيلي ليک لکيو آهي۔ هن جڙتو گروپ جي پويان اصل ۾ ايڪ ڪيو ايم ئي آهي۔ ايم ڪيو ايم اهڙو ڪم پئي ڪري جو حڪومت جا به مزا پئي وٺي ۽ ساڻ سنڌ جا نعرا هڻي سنڌ جي تقسيم وارن سان گڏ آهي۔ پر سمجهڻ وارن جي اکين تي پٽيون ٻڌل ناهن۔

    سنڌ حڪومت کي کي اهڙو عمل ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ گهرجي مگر افسوس جو سائين قائم علي شاهه جو حڪم به ايئن آهي جيئن پاڻيء تي ڦوٽو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو