شمشير الحيدري ٻيهر پئدا ڪون ٿيندو

'شمشير الحيدري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    شمشير الحيدري ٻيهر پئدا ڪون ٿيندو
    بي بي سي اردو تان ورتل

    [​IMG]


    [JUSTIFY]ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ جي 80 ساله اديب، شاعر ۽ دانشور شمشير الحيدريءَ کي اديبن ۽ دانشورن ليجينڊِ ۽ سنڌ جو نشان قرار ڏنو آهي.
    سنڌ جي اديب، شاعر، ڊرامه نگار، براڊڪاسٽر ۽ ٽيلي ڪاسٽر شمشير الحيدري چيو آهي ته هن ڪجهه به نه ڪيو آهي، هن کان جيڪو به ٿيو آهي، کيس محبت ڪرايو آهي.

    ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هيترن سارن ماڻهن کي ايتري دير تائين ويهي ۽ هڪ ئي ماڻهون جي باري ۾ ڪيترن ڪلاڪن تائين ڳالهائيندي ٻڌندي کيس يقين ٿيو آهي ته محبت سان محبت ڪرڻ ۽ ان تي يقين رکڻ وارا اڃان ختم ناهن ٿيا ۽ هو ان سفر جو اڪيلو مسافر ناهي.

    شمشير الحيدري جي تقرير کان اڳ آڊيٽوريم ۾ ڀريل ماڻهن ڪيترن منٽن تائين اٿي ڪري تاڙيون وڄائي شمشير الحيدريءَ سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو.

    [​IMG]

    لوڪ ورثه ڪميٽي ۽ پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي اشتراڪ سان ٿيندڙ هن تقريب ۾ امداد حسيني، يوسف شاهين، محمد احمد شاد، غلام نبي مغل، ڊاڪٽر سليمان شيخ، شازيه مري، غزاله رحمان رفيق، عبدالغفار تبسم، جي اين مغل، جامي چانڊيو، رفيق احمد ٻرڙو، سلطانه صديقي، مهتاب اڪبر راشدي ۽ محمد ايوب شيخ، شمشيرالحيدريءَ کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو، هن موقع تي امر پيرزادي شعري خراج پيش ڪيو، جڏهن ته شمشير الحيدري جي نياڻي نسيم الحيدريءَ سندس ڌيءَ جي ناتي سان ڳالهايو.

    تقريب جي ميزباني جو فرض ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڊائريڪٽر نصير مرزا ادا ڪيو.

    تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي ممتاز شاعر ۽ دانشور امداد حسيني چيو ته؛ شمشير ڪڏهن به ڪنهنجي پيروي نه ڪئي، هي اهو واحد ماڻهون آهي جنهن جي پيروي سموري سنڌ ڪئي، جيڪو هن لکيو آهي، ۽ جنهن طرح سان لکيو آهي ان ۾ پهريان کان موجود زبان ڪارائتي نه هئي، انڪري هن پنهنجي زبان ايجاد ڪئي، اسين هن جي ايجاد ڪيل زبان کي نه ڳوٺاڻي ۽ نه وري شهري زبان چئي سگهونٿا.

    انکان پهريان روزنامه برسات جي يوسف شاهين چيو ته سنڌ جيڪي نمايان شخصيتون پئدا ڪيون آهن انهن ۾ شمشير جو نالو نمايان آهي ۽ رهندو، هي نه فقط پاڻ وڏي شخصيت آهي پر هن وڏن شاعرن، اديبن کي ئي نه پر تمام وڏين شخصيتن کي پڻ اڀاريو آهي.

    سنڌ جي وزير اطلاعات شازيه مري چيو ته شمشير الحيدري اسانجي سنڌي ادب جو ليجينڊ آهي، هو هڪ اهڙو صحافي ۽ دانشور آهي جنهن هميشه عوام جي آزادي ۽ جمهوريت جي لاءِ ڪم ڪيو آهي.

    آرٽس ڪائونس جي صدر محمد احمد شاه چيو ته آرٽس ڪائونسل ۾ شمشير الحيدري جي اعزاز ۾ تقريب جو ٿيڻ، ڪنهن ٻي جي نه خود آرٽس ڪائونسل جي وقار ۾ اضافو آهي، هن سان تقريب جو انعقاد ڪرڻ وارن جي عزت افزائي ٿي آهي.

    ناول نويس غلام نبي مغل ٻڌايو ته شمشير الحيدري ڪيئن نون لکڻ وارن جي حوصلا افزائي ۽ تربيت ڪندو رهندو آهي، هن چيو ته شمشير اڪيلو اديب ۽ دانشور آهي جنهنجو ڪنهن لابيءَ سان ڪو تعلق ناهي، ان جو چوڻ هو ته شمشير ۾ اهي سڀ خوبيون آهن جي ڪنهن هڪ عظيم انسان ۾ هونديون آهن.

    [​IMG]

    سنڌي دانشور ڊِاڪٽر سليمان شيخ چيو ته شمشير الحيدري تي ڳالهائڻ هن لاءِ انتهائي تڪليفده آهي، ڇاڪاڻ ته هو هن کي 1960 کان سڃاڻي ٿو ۽ تڏهن کان هو هن ماڻهونءَ کي جنهنجيون عظمتون ڳڻائي رهيا آهيون، هڪ ڪوارٽر ۾ رهندي ڏسي رهيا آهيون، هي ماڻهون ڪيترن اخبارن جو مدير رهيو، ڪيترن ادارن جو سربراهه. هن جو چوڻ هو ته شمشير الحيدري جا سنڌي قوم تي تمام وڏا احسان آهن.

    تقريب کي مخاطب ٿيندي غزاله رفيق چيو ته، شمشير اديب به آهي ۽ شاعر به، هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي خوشبو آهي، اصل ۾ ته سندس شخصيت ئي اهڙي آهي جنهن ۾ نفرت نالي جي به ناهي صرف محبت، محبت، محبت ۽ صرف محبت آهي ۽ اها محبت کيس سنڌي زبان سان به آهي.

    منشي عبدالوهاب چيو ته شمشير الحيدريءَ جيڪو ٻارن لاءِ سنڌي زبان ۾ لکيو آهي جو جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه به لکيو هجيس ها ته به سندس نالو سنڌي زبان ۾ هميشه زنده رهي ها. هن چيو ته شمشير سنڌ جو نشان آهي.

    عبدالغفار تبسم چيو ته، شمشير جي باري ۾ هن وقت اسان جيتريون به ڳالهيون ڪيون آهن، هي انهن کان وڌيڪ مٿاهون آهي، هي حقيقت ۾ صاحب ڪردار ماڻهون آهي ۽ سندس جهڙو ڪو ٻيو ناهي.

    ممتاز صحافي جي اين مغل چيو ته، صحافت ۾ شمشير الحيدريءَ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان سبب کيس هميشه ياد رکيو ويندو، هو ڪڏهن به مصلحت پسنديءَ جو شڪار ناهي ٿيو.

    تقريب کي جامي چانڊيو، رفيق احمد ٻرڙو، “ هم“ ٽي وي جي سلطانه صديقي، مهتاب اڪبر راشدي، پي ٽي وي جي ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر مصطفا مندوخيل پڻ خطاب ڪيو ۽ ٻڌايو ته شمشير سنڌ جو پهريون اينڪر ، سنڌي زبان جي پهريون ڊرامه نگار ۽ سنڌي زبان جو پهريون اسڪرپٽ لکندڙ رهيو آهي.
    تقريب جي آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي جنهن ۾ شمشير الحيدريءَ جو ڪلام پيش ڪيو ويو.
    [/JUSTIFY]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: شمشير الحيدر ٻيهر پئدا ڪون ٿيندو

    واقعي سائين شمشيرالحيدري سنڌي ادب جو سرمايو آھن
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: شمشير الحيدري ٻيهر پئدا ڪون ٿيندو


    جن گهري ورتي هئي دل، ياد جو تحفو ڪري،
    سي به اڄ ’شمشير‘ جي خاطر خبر ڀلجي ويا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شمشير الحيدري ٻيهر پئدا ڪون ٿيندو

    منهنجي محنت سجائي ٿي جو اسانجي دوست علي علي سنڌيءَ ۾ بيت لکي هن ليک جو شان وڌايو آهي،

    ٿورا ناهن ٿوار دوستن جا خاص ڪري خاص ڪري عبدالواحد جا

    سدا جڙيا هجا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: شمشير الحيدري ٻيهر پئدا ڪون ٿيندو

    علي ظفر اردو م لکندو آهي ته بابا ان جو به ڪو سبب هوندو ڪا مجبوري هوندي بابا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: شمشير الحيدري ٻيهر پئدا ڪون ٿيندو

    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ادا خوشي قسمتي سان اسان به ان پروگرام ۾ شرڪت ڪئي سين۔محترم شمشِر الحيدري جهڙي مهان شخصيت کي ڀيٽاء ڏيڻ لاء ماڻهون (جن ۾ عورتن جو به ڪافي تعداد هو)تمام پري پري کان آيا هئا۔جن پروگرام جي دوران ان جو کولي تاڙِين وڃائي ۽ ڪافي وقت تائين اٿي بيهي اظهار ڪيو،هال سڄو مهمانن سان ڀريل هو ۔پروگرام حسب روايت پنهنجي مقرر وقت کان ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو،جنهن جو اظهار مسٽر محمد احمد شاه پنهنجي تقرير ۾ به ڪيو۔هن پروگرام جو مين آرگنائيز محترم ڊاڪٽر محمد ايوب شيخ جن هئا۔قران پاڪ جي تلاوت کانپوء سائين شمشير حيدري صاحب جن جي پراڻي دوست هدايت الله بلوچ صاحب سائين جا ڪجه شعر،بيت ؤ غزل ٻڌائيند فرمايو ته شمشير صاحب پنهنجي ناساز طبيعت جي ڪري هنن کي حڪم ڏنو آهي ته هو انهن جي جاء تي هنن جو ڪلام پڙهن۔محترما شازيه مري پنهنجي گهر ۾ ڀاء جي شادي جي مصروفيت جي ڪري ٻئي نمبر تي تقرير ڪندي فرمايو ته شمشير الحيدر جهڙي عظيم شخصيت جي هوندي هن محفل جو انهن کانسواء ڪير به مهمان خصوصي نه ٿو ٿئي سگهي۔انهن جي ڀيٽاء واري پروگرام ۾ هو مهمان نه پر ميزبان ٿئي آئي آهي۔سائين کي شليڊون ،اجرڪ،گلن ۽ ڪيش رقم جا تحفا ڏنا ويا۔مسٽر نظر محمد ڳاهوء،پولٽيڪل سيڪريٽري چيف مينسٽرسنڌ،پريزڊنٽ سنڌ ادبي بورڊ هنن کي پهرين شليڊ ڏني،محترم مهتاب اڪبر راشدي هنن کي سنڌ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جي طرفان شليڊ ڏني،محترم غزاله رفيق ٻه هنن کي شليڊ ڏني،پهريون دفعو تاريخ ۾ سنڌ اسمبلي جي طرفان سائين شمشير الحيدري جي خدمتن جي ڀيٽاء ۾ مسٽر نثار احمد کوڙو جن شليڊ موڪلي،جيڪا سائين (ريٽائرڊ) جسٽس سپريم ڪورٽ محترم ديدار حسين شاه جن شمشير الحيدري صاحب جن کي ڏني۔ آرٽس ڪائونسل جي صدر محترم محمد آحمد،شمشير الحيدري صاحب کي آرٽس ڪائونسل جي لائيف ٽائيم ميمبر شپ ڏني۔اها لائيف ٽائيم ميمبر شپ چند ماڻهن کي اڃا تائين ڏني ويئي آهي ،جنهن جو ذڪر ڪمپيئر محترم نصير مرزا پنهنجي ڪمپيئرنگ دوران ڪيو۔ان کانپوء اسٽينڊنگ آويشن(اٿي بيهي) ۾ محترم شمشير الحيدري جي ڪتاب جي مهورت ڪئي ويئي،جيڪو شايد انگريزي زبان ۾ هو،ان وقت تاڙين جو ايتري ته گونج هئي جو اسان ان ڪتاب جو نالو نه ٻڌي سگهياسين ۽ بعد ۾ ڪوشش ڪئيسين ته اسان کي اهو ڪتاب ڏسڻ لاء ملي پر اسٽال تي موجود نه هو۔بهرحال اهو ڪتاب ڏيڻ جو وعدو اسان سان محترم نظر محمد ڳاهو ڪيو۔انهن کانپوء محترما مهتاب اڪبر راشدي تمام سهڻن الفاظن ۾ شمشِر صاحب جن کي پنهنجي لکيل تقرير ۾ ڀيٽاء ڏني۔هنن شروعات هن جملي سان ڪئي،"چانھ ۾ کير ڪيتري پيندو،جواب مليو بلبل جي اک ۾ موجود هڪ لڙڪ جيترو۔"مان سوچان پئي ته ايتري ٿوري کير جي زحمت به ڇو،هي شخص (شمشير الحيدري) ايتري ڪڙي چانھ پيڻ وارو ايڏي مٺي شاعري ڪيئن پيو ڪري،ايڏا بهترين اسڪرپٽ ڪيئن پيو لکي،ايڏو پنهنجي ڳالهين ۾ مزاح ڪيئن پيو پيدا ڪري"اهو سڀ ان وقت ٿي رهيو جڏهن هڪ ٽي وي پروگرام جي ريڪارڊنگ ٿي رهي هئي۔محترم مهتاب چنا پنهنجي تقرير جي دوران شمشير الحيدري صاحب جن سان گذاريل ڪافي گهڙين جا ذڪر ڪندي فرمايو ته هنن پنهنجي زندگي ۾ جن به وڏن ماڻهن جا انٽرويو ڪيا، انهن جو اسڪرپٽ محترم شمشير الحيدري جن لکي ڏنا هئا،هنن الاهي سارن ماڻهن جا انٽرويو ڪيا پر جي نه ڪيو انٽرويو ته محترم شمشير الحيدري جو انٽرويو نه ڪيو۔ان جو سبٻ،بقول محترم مهتاب راشدي جن جي ،ان انٽرويو جو اسڪرپٽ هنن کي ڪير لکي ڏئي هان۔سائين شمشير الحيدري جو هڪ غزل پڙهندي محترما فرمايو ته هو ان جي آخري بيت ڪڏهن به نه پڙهندي ۽ نه پڙهڻ چاهيندي،اهو بيت هنن کي سخت ناپسند آهي۔(اسان جي خيال مطابق ٿي سگهي ٿو ته ان بيت ۾ شمشير الحيدري صاحب پنهنجي هميشه جي جدائي جي ڳالھ ڪئي هجي، انڪري محترما مهتاب راشدي جن ان کي نه پڙهڻ چاهينديون هجن۔) محترما مهتاب اڪبر راشدي جي سهڻن ۽ پيار ڀريل الفاظن جي ڀيٽاء کانپوء،ان کانپوء محترم انور پيرزاده (شاعر،اسان کي ٻڌايو ويو)جي پٽ امر پيرزادو محترم شمشير الحيدري جي هڪ غزل کي مرڪزي خيال ٺاهي ،ان جي جواب ۾ پنهنجو لکيل ڀيٽاء واريون ڪجھ شاعري پيش ڪئي۔محترم جامي چانڍيو ايڪس ٽمپور(بغير لکيل) سائين شمشير الحيدري جي باري ۾ ڏاڍن سهڻن الفاظن ۾ ڳالهايو۔هنن جي سنڌي الفاظن جو استعمال جملن ۾ ڏاڊو خوبصورت هو ۽ هنن وٽ سنڌي ادبي الفاظن جو تمام وڏو ذخيرو موجود هو ،ان جو اندازو اسان کي هنن جي ان بغير لکيل تقرير مان ٿيو جڏهن ته سواء محترما شازِيه مري صاحبه ،جي اين مغل، جامي صاحب ۽ ادي نسيم الحيدري جي ٻين سڀني لکيل تقريرون ڪيون۔سڀني مٿين ڏاهن ان ڳالھ تي تمام گهڻو زور پئي ڏنو ته سائين شمشير الحيدري فرمائيندو آهي ته هو شاعر نه آهي پر شاعري اٽڪل سان ڪندو آهي،بقول جامي چانڊيو صاحب جي جيڪڏهن اهڙي بهترين شاعري اٽڪل سان ڪري سگهجي ٿي ته حيدري صاحب جن اها اٽڪل انهن شاعرن کي به سيکارين جن جا ڪافي مجموعه ڇپجي چڪا آهن،پر محترم شمشير حيدري صاحب جي شاعري جي الف کي به نه پهچي سگهيا آهن۔محترم امدادحسيني جو چوڻ هو ته جنهن قسم جي شاعري محترم شمشير الحيدري جن ڪئي آهي،اها اٽڪل سان ڪڏهن به نه ٿي ٿئي سگهي۔محترما شازيه مري صاحبه جن سائين شمشير الحيدري کي پنهنجي وزارت جي طرفان پنج لک رپئي ڏيڻ جو اعلان ڪيو۔ دائريڪٽر سنڌ ثقافت کاتو محترم رفيق احمد ٻروڙو پنهنجي تقرير جي دوران محترم شمشير الحيدري صاحب جا اهئي ڪتاب جيڪي اڃان نه ڇپيا آهن يا وري ٻيهر ڇپرائڻ آهن، جي ڇپائي جو پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي طرفان وعده ڪيو ۽ وڌيڪ چيوء ته محترما سسئي پليجي جي هدايتن جي مطابق سائين شمشير الحيدري جي هر ڪتاب جا ڏه ڏه سيٽ هر ڊسٽرڪٽ جي ڪلچرل لائبريري ۾ رکيا ويندا۔
    محترم نصير مراز ۔سائين شمشير الحيدري جي گهر واري جيڪا هال ۾ موجود هئي،انهن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيوء ته اسان آماء کان پڇو ته اوهان شمشير الحيدري صاحب کي ڇا ڏنو،هنن جواب ڏنو ته اسان ان کي اٺ (8) ٻار ڏنا۔اهئي ڪا گهٽ ڳالھ آهي ڇا۔ نصير مرزا مزحيه انداز ۾ چيو ته سائين شمشير الحيدري صرف اٺ ڏينهن آماء(حيدري ضاحب جي گهر واري) سان گذاريا ۽ ٻيو وقت دوستن ۽ پنهنجي سرڪاري مصروفيت کي ڏنو۔بقول سڀني مرد مقرارن جي صدر ضياالحق واري دور ۾ شمشير الحيدري مهراڻ اخبار (آن وقت پير پاڳارو ان اخبار جو مالڪ هو)جو چيف ايڊيٽر هو۔هنن پنهنجي محنتن ،بهادري،آمر اڳيان نه جهڪندڙ انسان جي حثيت ۾ ان آخبار جي سرڪليشون ٻارهن هزارن کان ٻٽيھ هزارن تائين کڻي ويو۔هنن ضياالحق جي خلاف لکڻ شروع ڪيو،جڏهن پير پاڳاري کي خبر پئي ته شمشير الحيدري کي گهرايون ۽ چيائون ته توهان هي ڇا پيا ڪيو۔اسان پيا هلون ساڄي پاسي وري اوهان پيا هلو کاٻي پاسي،ايئن اسان ۽ توهانجو ساٿ ڪيئن هلندو،محترم شمشير الحيدري جواب ڏنو،اسان کي ان ڳالھ جو اڳ ۾ ئي خدشو هو،انڪري اسان پنهنجي استعفي کڻي آيا آهيون۔شمشير صاحب استعفي ڏئي ان نوڪري کي ڇڏي ڏنو۔محترم غزل رفيق رحمان،انگريزي ۾ تقرير ڪئي،انهن چيوء ته محترم شمشير حيدري جيترو سٺو شاعر آهي،ان کان وڌيڪ سٺو اسڪرپٽ رائٽر آهي،ان کان وڌيڪ خوش مزاج آهي۔هن جي ڪهڙي ڳالھ جي تعريف ڪري ڪهڙي ڳالھ جي تعريف ڪجي۔هنن به تمام سٺن الفاظن ۾ محترم شمشِر الحيدري جي تعريف ڪئي ان کان پوء ٻين محترمن جن جا نالاء ادا نثار ابڙو جن پنهنجي ليک ۾ ڪيو آهي پنهنجي مقالن ۾ محترم شمشير الحيدري جن کي تمام بهترين الفاظن ۾ ڀيٽاء ڏني۔۔ان کانپوء وارو آيو اسان جي ادي نسيم االحيدري۔"جيڪا هڪ ٻئي رشتي سان به اسان جي لاء تمام گهڻي معتبر ۽ وڏي عزت جي قابل آهن"،هنن کي چيئو ويو ته هنن هڪ ڌي جي حثيت ۾ پنهنجي والد(محترم شمشِرالحيدري) کي ڪيئن ڏٺو آهي۔هنن چيئو ته حضرت علي ڪرم الوجھ جن کان پوء هنن سڀني کان وڌيڪ عزت ۽ محبت پنهنجي والد صاحب سان ڪئي آهي۔هنن پنهنجي والد کي ڀيٽاء ڏيڻ لاء، ڪجھ پنهنجي شاعري جيڪي شمشير الحيدري جي شان ۾ ڪئي ويئي هئي پڙهي ٻڌائي۔ان کانپوء پنهنجي والد صاحب جي فقيرانه طبيعت،اصول پرستي،محنت،مهمانداري،هر ماڻهون جي ڪم اچڻ وارو جنون،خود داري ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ واري طبيعت جون ڳالهيون ڪندي سڄي محفل کي مهوت ڪري ڇڏيو۔هنن جي هڪ هڪ جملي مان محترم شمشير الحيدري جي لاء محبت،عزت ۽ عظمت بي انتهاء ظاهر ٿي رهئي هئي۔هنن پنهنجي والده محترم جي باري ۾ فرمايو ته بابا سائين جون ايڏيون مصرفيتون ڏسي ۽ گهر وارن کي گهٽ ٽائيم ڏيڻ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن آماء چونديون هيون ته "شاعر ۔ليکڪ ۽ اديب سان ڪڏهن به شادي نه ڪرڻ گهرجي۔جو هو زال کان وڌيڪ پنهنجي شاعري ۔ادب ۽ ليکن کي ٽائيم ٿو ڏئي"۔ادي نسيم الحيدري پنهنجي بابا جون کوڙ ساريون سٺيون ڳالهيون محفل ۾ ونڊ ڪيون،جن سان انهن جي مهان بابا جي وڏي ڏاهپ جو اندازو صاف صاف لڳي رهيو هو۔ادي جن محترم شمشير الحيدري جي بيماري ۽ اکين کان هاڻي نظر نه اچڻ واري ڪفيت جو اهڙو ته ڌي واري جذباتي انداز ۾ ڪيو جو هال ۾ ويٺل هر عورت توڙي مرد جي اکين مان ڳوڙها نڪري ويا۔انهن جو اهو جملو"شل الله پاڪ اهڙو ڪو معجزو ڪري جو بابا سائين وري ڏسڻ لڳن"سڄي هال مان نه رڳو آمين جون صدائون آيون پر ڳلن تي ڳوڙها به اچي ويا۔اهو جملو اڃا تائين اسان جي ذهن ۾ گونجي رهيو آهي۔ادي جي لفظن جي ڀيٽاء کانپوء۔محفل جو مور هن صدي جي نه وسريندڙ شخصيت محترم شمشير الحيدري پنهنجي نحيف جسماني ساخت جي باوجود ڀرپور آواز ۾ پنهنجي سيٽ تي ويٺي ويٺي مختصر خطاب ڪيو،جنهن ۾ انهن اهو ڪجه فرمايو جيڪو ادا نثار ابڙو جن مٿي لکيو آهي۔
    ان وقت رات جا تقريبن ٻارهن ٿي چڪا هئا،مهمانن کي ماني کائڻ لاء چيو ويو، جيڪا آئڊيٽرويم جي وارنڊي ۾ لڳل هئي،برياني جو آئٽم هو،برياني هون ته ڪافي تعداد ۾ هئي پر واه ڙي بک وه ۽ تڪڙ، هر ڪو ماڻهون برياني تي ايئن ٽٽي پيو جيئن ان کي پوء ماني نه ملندي،اهو لڪاء ڏسي اسان ماني کائڻ کان توبھ ڪئي ۽ نظر محمد ڳاهو سان گڏجي هال ۾ وڃي سائين شمشير الحيدري جي ڪٽنب سان ڪجھ گهڙيون ڳالهيون ڪيون سين ته سائين شمشير الحيدري جي اکين جي ديد لاء ڇا ٿو ڪري سگهجي ۔نظر محمد ڳاهي صاحب جن هنن سان وعدو ڪيو ته هو پنهنجي سرڪاري حثيت ۾ هنن جي هر ممڪن مدد ڪندا۔اسان کي ٻڌايو ويو ته محترم ممتاز حسين ۽ هڪ ٻيو فنڪار شمشير الحيدري جن جو ڪلام ڳائي ٻڌائيندا۔اهو وقت ٿيو هو 1245 جو،ان وقت اڃا اسٽيج جي صفائي ٿي رهي هئي۔ باوجود دل جي چاهڻ جي، دير جي ڪري اسان واپس گهر روانه ٿي وياسين ۽ اهئا موسيقي نه ٻڌي سگهياسين

    محترم نصير مرازا جي ڪمپيئرنگ جي تعريف نه ڪرڻ سچ مچ ته زيادتي ٿيندي۔هنن جي ڪمپيئرنگ جو انداز ۽ وچم شاعري پڙهڻ جو انداز دل کي موهيندڙ ۽ دلڪش هو۔اسان کي ڏاڍو پسند آيو۔

    محترم شمشير الحيدري جي پيروڍي شاعري جو به خوب تذڪرو نڪتو۔محترم جامي چانڍيو صاحب،مان ڏوهي آء۔مان ڏوهي آء تي ڪيل محترم شمشير الحيدري جي پيروڊي شاعري "مان ڏوئي آء۔مان ڏوئي آء۔مان ڪيترا ڀت رڌيا"ٻڌائي محفل ۾ مسڪهرائٽ پکيڙي۔اهڙي طرح محترم امداد حسيني به شمشير صاحب جي هڪ پيروڍي جيڪي شيخ اياز جي شعري تي ٿيل هئي جو ذڪر پنهنجي مقالي ۾ ڪيو۔


    پاڪستان ٽيلويزن جي طرفان محترم شمشير الحيدري تي ٺهيل پندرهن يا ويھ منٽن جي ڊاڪومينٽري فلم به اسڪرين تي ڏيکاري ويئي۔

    محترم ميمبرس اسان ڪي ايڏا وڏا ليکڪ نه آهيون پر ڪوشش ڪئي آهي ته سائين شمشير الحيدري کي ڀيٽاء ڏيڻ واري تقريب جو اکين ڏٺو حال سادي انداز ۾ پيش ڪيون۔پڙهڻ جون پيشگي مهربانيون۔ 
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري ٻيهر پئدا ڪون ٿيندو

    ’شمشير‘ کي سڏ ڪريو، ’ شمشير‘ ڪٿي آهي؟
    محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد


    *********

    شب و روز ’شمشير‘ ڳرندو وڃين،
    لڳي وئي زماني جي توکي نظر


    *********

    جن گهري ورتي هئي دل، ياد جو تحفو ڪري،
    سي به اڄ ’شمشير‘ جي خاطر خبر ڀلجي ويا


    *********

    تنهنجا اي ’شمشير‘ هي نغما،
    ڄڻ ته ڇڄي پيئي ڪا تار!


    *********

    ڪٿي آهي ’شمشير‘، جو چنگ چوري،
    زمانو ته ڀلجي ويو ” چارڻ“ جون ڳالهيون.


    شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    مونکي گهڻو افسوس آهي جو هن پروگرام جي شرڪت لاء ڪيترن ڏينهن کان آس هيم پر ڪنهن اوچتي پريشاني ۽ مجبوري سبب ڳوٺ وڃڻو پيو۔ مختلف دوستن جا فون ايندا رهيا ۽ پروگرام هلندي به گهڻن ئي دوستن جا فون آيا ته اوهان ڪٿان ويٺا آهيو ۔۔۔۔ دوستن جون مهربانيون جيڪي ايڏو پيار ڏين ٿا۔

    سائين شمشير جي شخصيت تي ڇا لکي ڇا لکجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ جي هن عظيم ڏاهي، بهترين شاعر، دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جي بنيادڪار ۽ خوددار شخصيت جي مالڪ کي ڪروڙين سلام ۽ سندس لاء دعائون۔

    سائين غلام مصطفى جا خاص ٿورا جنهن هن پروگرام جو تفصيلي ذڪر ڪندي اسان کي ڄڻ ته هن پروگرام ۾ موجودگيء جو احساس ڏياريو۔ سائين نثار مان ڪوشش ۾ آهيان ته هن پروگرام جي تفصيلي وڊيو رڪارڊنگ هٿ ڪري دوستن سان ونڊ ڪجي۔ پنهنجي ليجنڊز کي سندن ئي زندگيء ۾ ڀيٽا ڏيڻ جو هي سلسلو ڏاڍو وڻيو ۽ اميد ته هي سلسلو جاري رهندو۔

    هن پروگرام جون ڪجهه تصويرون اسان جي دوست حميد ڀٽو جي ٿورن سان پيش آهن۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    وڌيڪ تصويرون ڏسڻ لاء حميد ڀٽو صاحب جو فيسبوڪ البم وزٽ ڪيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: شمشير الحيدري ٻيهر پئدا ڪون ٿيندو

    مان هميشه تحرير کي مختصر لکڻ تي عمل ڪندو آهيان ۽ دوستن کي به صلاح ڏيندو آهيان ۔۔۔۔ جو هن تيز رفتار دور ۾ ايترو وقت ڪاٿي جو سمورو پنو پڙهي سگهجي ۔۔۔۔ پر هن موضوع جي سٽ سٽ پڙهندي ڄڻ وقت رڪجي ويو هجي۔۔۔ بي بي سي اردو تي لکيل انور سن رائي جي ليک جو سائين نثار ابڙو طرفان خوبصورت لفظن سان جڙيل ترجمو ۔۔۔ سنڌ جي ليجنڊس جو جهڙوڪ داستان سجايل هجي۔۔۔
    مٿان سائين غلام مصطفى جن جي اکين ڏٺي احوال جي خوبصورت انداز جهڙوڪ اسان کي مڪمل پروگرام جون جهلڪيون سجايل انداز ۾ ڏيکاريون هجن۔۔۔
    مون کي ڪافي افسوس ٿيو هو جو نوابشاهه مان هن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٽائيم سان نڪرڻ باوجود ان ڪري نه پهچي سگهيس جو رستي ۾ آنڌي ۽ طوفان گاڏين کي هلڻ کان روڪي ڇڏيو هو۔۔۔ ۽ پوءِ 2 کان اڍائي ڪلاڪ گذري ويا ته ڊرائيور منهنجا دڙڪا نه برداشت ڪندي گاڏي سوري ته سهي پر آرٽس ڪائونسل پهچندي 12 وڄي ويا۔۔۔ ۽ اهو پروگرام جنهن ۾ مٿي سائين نثار طرفان جڙيل لفظن ۾ ۽ سائين غلام مصطفى جي سجايل اکرن ۾ موجود واقعن کي ڏسڻ کان رهجي ويس۔۔۔
    هڪ دفعي سائين نثار ابڙو سان ڪچهري دوران منهنجي والد جن جو ذڪر نڪتو۔۔۔ سندن سان منهنجي محبت جو اظهار سائين نثار ابڙو جن سمجهي سگهيو هجي يا نه پر گفتگو دوران منهنجي وري وري خاموشي کيس ان ڳالهه جي پڪ ضرور ڏني ته اندر ۾ محبت جي جذبن کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ وڏا رستا گهرجن ۔۔۔ ۽ جي رستا نه ملندا ته اهي اکين مان ڳوڙهن جي صورت اهڙي طرح نڪرندا جو جسم جا ٻيا عضوا به مفلوج ڪري وجهندا آهن۔۔۔
    سائين شمشير جن جي ڌيء محترمه نسيم حيدري جا پنهنجي والد سان محبت وارا جذبا ۔۔ ڪاٿي ٿا ايترو تڪڙو لفظن جو روپ ڌارين ۔۔۔ اهي اکين مان نڪرڻا ئي هئا ۽ يقينن حال ۾ ويٺل سمورن ماڻهن لاءِ اهي نظر نه ايندڙ جذبا ڪيڏا نه چٽا ڏيکاريل هوندا جو اهي پڻ اکين مان نڪرندڙ پاڻي کي روڪي نه سگهيا هوندا۔۔۔

    ادا سليمان کي عرض آهي ته مڪمل پروگرام جي وڊيو حاصل ڪرڻ جي جستجو جاري رکجو جيئن هن جذباتي لڳاؤ سميت پنهنجي ليجنڊس کي ڏنل ڀيٽا کي ڏسندي پنهنجا جذبا به وائکا ڪري سگهجن۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شمشير الحيدري ٻيهر پئدا ڪون ٿيندو

    مٺڙي سهڻي ڀاءُ غلام مصطفي جي ليک منهنجي اکين ۾ به آب آڻي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هن تقريب ۾ ڳالهائڻ واريءَ ۽ جنهن تي ڳالهايو ويو ٻنهي جي روحاني ڪيفيت کان واقفيت هجڻ سبب جيڪو تصور اڀريو تنهن ڳوڙها آڻي ڇڏيا ،،،، تمام سٺي، تفصيلي ۽ ڪارائتي رپورٽ لکيل آهي

    مٿان وري ادي سليمان جي ليک ۽ ونڊ ڪيل تصويرن پڻ هن ليک کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، پر مونکي سليمان مان اميد هئي ته هو هوندو ته نه فقط تصويرون ۽ اکين ڏٺو احوال ۽ گهڻو ڪجهه ملندو پر افسوس جو سندس مجبوريءَ سبب خواهش پوري نه ٿي سگهي ،،،، !!!

    ٿورا ناهن ٿورا، ڳائي ڳائبا ڪيترا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شمشير الحيدري ٻيهر پئدا ڪون ٿيندو

    حميد ڀٽو صاحب واري لنڪ الائجي ڇو مون وٽ نٿي کلي ۽ هيٺيون ميسيج ٿو اچي؛

    This content is currently unavailable

    لک ٿورا ٿيندا درستگي ڪرڻ جا
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري ٻيهر پئدا ڪون ٿيندو

    روزانه عبرت پاران هيٺين رپورٽ شايع ڪئي وئي آهي۔

    شمشير سنڌ جو هيرو آهي، ڌرتي جوهر فرد ساڻس بي انتها محبت
    ڪري ٿو، شال کيس ٻيهرنور ملي: اديب دانشور

    ڪراچي(رپورٽ: ضياءَ قريشي) نالي وارن اديبن دانشورن ۽ صحافين چيو ته شمشير الحيدريپاڻ ملهايو آهي، سڀني ڪردارن ۾ اُتم رهيو آهي، ڪي آيا ۽ وڪامندا رهيا پر شمشير هڪ گهڙي لاءِ به ڌرتي خاطر سوديبازي نه ڪئي، کيس مٿي مرزا قليچ بيگ جو لقب ملڻ گهرجي، هنن چيو ته اسين سڀ شمشير سان بي انتها محبت ڪيون ٿا ۽ سندس محبت موٽائي نه ڏينداسين، دل سان سانڍڻ چاهيون ٿا.هن پنهنجو نور نچوڙي ڌرتي لاءِ شاعري ڪئي، سندس جو قوم کي وڏو احسان آهي، شمشير سنڌ لاءِ خزانو ۽ گڦت آهي، شل معجزو پوي سندس نور واپس اچي ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه رات آرٽس ڪائونسل پاران اطلاعات کاتي جي سهڪار سان شمير الحيدري سان رچايل رهاڻ ۾ ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي نامياري شاعر عظيم قلمڪار شمشير الحيدري هٿ ٻڌي شريڪ ٿيلن جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته آئون ڪنهن کي ڏسي نٿو سگهان، ڪير ڪير آهن، مون ڪم ڪيو آهي ۽ نه ڪيو آهي، سڀ اوهان آڏو آهي، مون جيڪو ڪجهه ڪيو، ذميواري سمجهي ڪيو آهي، آئون سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي پري کان آيا آهن يا جيڪي ويجهو کان آيا آهن، سڀني جي مهرباني اطلاعات واري صوبائي وزير شازيه مري خطاب ڪندي چيو ته هن پروگرام ۾ ڪير به خاص مهمان نه آهي، شمير الحيدري خاص مهمان آهي، اسان جي قوم جو مستقبل روشن آهي، هن چيو ته اهو چيو ويندو آهي ته اسان پنهنجي هيروز کي وساري ڇڏيون ٿا. شمشير سنڌ جو ليجينڊ آهي، اسان پنهنجي هيروزکي ناهي وساريو، هن چيو ته شمشير جو ادب ڌرتي خاطر وڏو ڪردار آهي، اسان لاءِ اهو خزانو گفٽ آهي، اسان جي خوشقسمتي آهي، جو هن ليجينڊ جي احسانن جي عيوض کيس ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون، ايم آر ڊي جي جدوجهد هجي يا ڌرتي جي حقن لاءِ جدوجهد ۽ جمهوريت آزادي لاءِ شمشير جو تمام وڏو ڪردار آهي، سنڌ ڌرتي جو صوفي ڪلچر ۽ ادب جو رشتو قائم دائم رهندو.

    نامياري صحافي ۽ عوامي آواز جي ايڊيٽر جي اين مغل چيو ته جهڙي ريت شمشير کي شان ۽ مان ملي رهيو آهي، اهو ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي، ائين لڳو ته سنڌ نئون جنم ورتو آهي. اهڙيون روايتون برقرار رهڻ گهرجن جو شمشير جهڙن رول ماڊلز کي زندگي ۾ مڃتا ڏيون. هن چيو ته شمشير اها شخصيت آهي جنهن شاعر اديب ڪمپيئر ڊرامو نگار ٽي وي ڪمپيئر ۽ صحافي جي حيثيت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيا آهن. شمشير سڀني ڪردارن ۾ اتم رهيو، ڌرتي سان ڪميٽمينٽ رکيائين، هڪ سيڪنڊ لاءِ به ڪمپرومائز نه ڪيائين، اسان کي مٿن فخر آهي پر اسان اهو به ڏٺو ڪئي آيا ۽ وڪامجي ويا پر شمشير سنڌ سان نڀايو، کيس مني مرزا قليچ بيگ چئجي نامياري ڪمپيئر ليکڪه مهتاب اڪبر راشدي چيو ته شمشير شفاف ۽ کليل ڪتاب وانگر آهي، سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ هن ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان جدوجهد هلائي، اسان سڀ شهيد سان بي انتها محبت ڪيون ٿا ۽ سندس محبت پاڻ سان سانڍڻ چاهيون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته حڪمران مفاهمت کيڏندي باهه سان کيڏي رهيا آهن، 4 ڏينهن جي ڪنهن نه ڪم جي حڪومت خاطر پنهنجن کي گروي رکيو اٿن، ڀتين تي چاڪنگ ۽ پينا فليڪس لڳي ويا آهن ته مهاجر صوبو کپي.نامياري شاعر عبدالغفار تبسم چيو ته شمشير پنهنجي اکين جو نور نچوڙي شاعري ڪئي، ماڻهو عهدن ۽ رتبن تي وڪامجن ٿا پر شمشير نه وڪاڻو. نامياري اديب غلام نبي مغل چيو ته شمشير اسان لاءِ مشعل راهه رهيو آهي، خبر نه آهي ته اهڙي شخصيت لاءِ سنڌ حڪومت ڪجهه ڇو نه پئي ڪري، الائي ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن کي ٽوڙيو ويٺا آهن، مون کي روئڻ ٿو اچي ته اهڙي شخصيت کي پنهنجو گهر ڪونهي، شمشير جهڙين خوبين وارو ماڻهو مون ڪٿي نه ڏٺو، نامياري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته شمشير اسان جي رهنمائي ڪئي آهي، اڳتي وٺي هليو. سندس سنڌي قوم تي وڏو احسان آهي.

    ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته مرده پرستي کي ڇڏڻو پوندو. هنن ليجينڊ جيڪو سنڌ کي ڏنو آهي، اسان کي هنن مان سکڻ گهرجي. آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه چيو ته شمشير سموري عمر ڪمپرومائز نه ڪندو هن چيو ته شمشير کي ڀيٽا ڏيڻ سان آرٽس ڪائونسل جي وقار ۾ بي انتها اضافو ٿيو آهي. شمشير الحيدري جي نياڻي نسيم حيدري چيو ته موليٰ علي جي شخصيت کانپوءِ بابا منهنجو آئيڊيل آهي، هميشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي، ظلم ۽ جبر آڏو اڏول رهيو آهي، بابا ڏکن ۽ سختين مفلسي واري زندگي ۾ به پراعتماد پرسڪون ڏٺو آهي، مشڪلاتن جي باوجود جيڪا شير بابا کي مضبوط ڪني آئي آهي، اها سنڌ سان سچائي محبت، نسيم حيدري اهو چئي لڙڪ لاڙي ويٺي ته ڪاش معجزو ٿي پوي ته بابا جي اکين ۾ روشني ٻيهر اچي ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ ويهي سگهي.

    نامياري صحافي يوسف شاهين چيو ته سنڌ جيڪي وڏيون ادبي شخصيتون پيدا ڪيون آهن، انهن ۾ شمشير نمايان آهي، کيس زندگي ۾ ڪڏهن به مايوس نه ڏٺو آهي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ تي اردو ٻولي مڙهي وئي، سنڌ ڏانهن حجرت وڏو واقعو آهي، هندن سان زيادتيون ٿيون. هن چيو ته مهاجر صوبي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، سنڌ ۾ پختون صوبو ۽ پنجابي سيٽلر به نئين صوبي جي گهر ڪري سگهن ٿا. نامياري شاعر امداد حسيني چيو ته شمشير کي ڪاپي ڪرڻ ۽ فالو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، شير نعرن تي نه پر عمل تي يقين رکيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڊي ايم پي ٽي وي مصطفيٰ مندو خيل جامي چانڊيو سلطانه صديقي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ٻي ويهڪ ۾ محفل موسيقي جو پروگرام رٿيو ويو، ان موقعي تي مظهر حسين ممتاز لاشاري ۽ ٻين پنهنجا سر وکيريا.
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اچو ته پنهنجي هيرن کي جيئري مان ڏيڻ سکون!

    ڪراچي آرٽس ڪائونسل پاران شاعر، اديب ۽ صحافي شمشير الحيدري سان رکيل رهاڻ يقيناً هڪ منفرد تقريب هئي. عام طور تي اسان جي سڃاڻپ مرده پرست طور ٿيندي آهي، پر ڊاڪٽر ايوب شيخ جي ڪوششن سان شمشير الحيدري کي جيئري مان ڏئي هڪ نئين سنڌ کي جنم ڏنو ويو آهي. مون پهريون ڀيرو شمشير الحيدري جي آواز ۾ جهيڻائي ٻڌي هئي. هميشه هر حال ۾ کلڻو ملڻو شمشير باوجود ڪمزوري جي هر ماڻهو سان تعارف ڪرائڻ کانپوءِ ساڳئي پيار ۽ پاٻوهه سان ملي رهيو هو. هن تقريب ۾ جنهن به ڳالهايو، تنهن سچ پڇ ته خوب ڳالهايو ۽ شمشير سان انصاف ڪيو. پر وقت جي گهٽتائي ڪري شمشير صاحب جا اڃا ڪيترائي ساٿي ڳالهائڻ کان رهجي ويا. ٻيو ته ڇڏيو پر خود شمشير جي ڳوٺاڻن بدين مان آيل پروفيسر عبدالله ملاح، زهير حيدري ۽ ڊاڪٽر مسرت خواجه به ڳالهائڻ کان رهجي ويا. شمشير جي ڌيءَ نسيم حيدري جيڪا پاڻ به شاعره آهي، تنهن پنهنجي والد جي ڪيترن پهلوئن تي ڳالهايو ۽ آڊيٽوريم ۾ ويٺلن تي عجيب ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. هڪ ڌيءَ جو پنهنجي پياري والد کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو Tribute ٿي سگهي ٿو. نصير مرزا صحيح چيو هو ته شمشير جو سڄي زندگي جو ڪيل پورهيو قبول ٿيو، جنهن کي اهڙو باصلاحيت اولاد نصيب ٿيو. سڀني مقررن جتي شمشير جي شاعري، ادبي، سماجي ۽ صحافتي خدمتن تي ڳالهايو، اتي سندس اصول پسندي، سچائي، سادگي ۽ هڪ باڪردار انسان طور به ذڪر ڪيو. سندس مزاح خاص ڪري اهم شاعرن جي پيروڊيءَ جو به ذڪر ٿيو. سندس عاجزيءَ جي به ڳالهه نڪتي ته ڪيئن نه هو پاڻ کي وڏو شاعر چورائن بدران شاعري ڪرڻ جي اٽڪل اچي وڃڻ جي ڳالهه ڪندو هو. پر بقول امداد حسيني جي ته ان ۾ به شمشير جي اٽڪل آهي ته هو پنهنجي پاڻ کي وڏو شاعر ڇو چوي؟ اهو ته عوام چئي. ڊاڪٽر سليمان شيخ سگا جي تصور کان وجود تائين شمشير جي اهم ڪردار جي ڳالهه ڪئي. چوندا آهن ته ماڻهو تبديل نه ٿيندو آهي، وقت ۽ حالتون تبديل ٿينديون آهن. هن تقريب هلندي مون کي ياد پئي آيو ته شمشير ته اڄ به ساڳيو آهي پر اها به هڪ حقيقت آهي ته پ پ حڪومت ۾ کيس ڪيئن نه سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري واري عهدي تان زبردستي هٽايو ويو هو، جنهن لاءِ هن عدالت جو به در ڪڙڪايو هو. گهڻن سالن کانپوءِ آمريڪا ۾ سانا جي اجلاس ۾ جڏهن سنڌ جي اڳوڻي وزير سيد عبدالله شاهه سان ملاقات ٿي هئي ته عبدالله شاهه هڪ دوست جي حيثيت ۾ شمشير کان ادبي بورڊ مان هٽائڻ تان معذرت ڪئي هئي ته هن ان وقت جي چيئرمين جي چوڻ تي کيس هٽائي غلطي ڪئي وئي. شمشير پنهنجي پراڻي دوست سيد عبدالله شاهه کي به کلندي چيو هو ته، ”يارن سان ڪهڙا ليکا.“ اها سيد عبدالله شاهه جي وضح داري هئي جو هن کي شمشير سان پيش ايندڙ واقعي تي معذرت ڪئي. وضح داري ۽ پنهنجن وڏن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ جي جهلڪ ته خود مون شمشير ۾ به ڏٺي، جڏهن شمشير هڪ دفعي منهنجي گهران ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان فون تي ڳالهايو هو. شمشير جنهن نسل سان تعلق رکي ٿو، اهو تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي. سنڌ کي اڄ به اهڙن سچن ۽ بي لوث هيرن جي ضرورت آهي، جيڪي هاڻي ناياب ٿيندا پيا وڃن. شمشير کي جيڪڏهن موقعا ۽ وسيلا ملن ها ته شايد هو سنڌ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪري وڃي ها. اسان جيستائين هن جو قدر ڪيو، تيستائين هو پنهنجي اکين جو نور وڃائي چڪو آهي. ڪاش هو پنهنجي اکين سان هيءَ رهاڻ ڏسي سگهي ها! بهرحال وري به دير آيد درست آيد، اچو ته پنهنجن هيرن کي جيئري مان ڏيڻ جي روايت قائم رکون.

    ناصر علي پنهور/ڪراچي
    ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  14. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڇا ته خوبصورت ليک ۽ وري انهي تي رايا۔ منهنجو پنهنجو اهو پسنديده مشغلو آهي ته ڪنهن ايوينٽ جو واقعو تفصيلي لکان ۽ انهي بابت پڙهان ته پيرائتي ڳالهه هجي۔ سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب ته ڪمال ڪندي بهترين ليک ڏنو آهي۔ منهنجي سائين شمشير الحيدري سان صرف هڪ ملاقات آهي۔ جيڪا سچل ڳوٺ ۾ الطاف شيخ صاحب جي مان ۾ رکيل پروگرام ۾ مئي 2011 ۾ ٿي هئي۔ انهي کان اڳ سندن پي ٽي وي هليل پلي ڏٺا هئم ۽ شاعري پڙهي هئم جيڪي سنڌي ٻولي لاءِ ڪيل ڪمن ۾ شاهڪار جو درجو رکن ٿا۔ اسان هڪ ئي ضلعي جا آهيون اهو ٻڌي سائين شمشير الحيدري صاحب منهنجو پيار مان هث پڪڙيو ته ڪافي دير تائين پڪڙي رکيو۔ اهڙي شفقت تي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي۔

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  16. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    ڪجهه ماڻهن کي آئون سنڌ جي ڪمائي تسليم ڪندو آهيان، سنڌ ته سموري اهڙن ڪردارن سان ڀري پئي آهي، پر ويجهڙ جي ڳالهه ڪجي ته اسان جي شهر بدين جي اهڙن ڏاهن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سومار شيخ، سائين مرهم صاحب ۽ شمشيرالحيدري سچ پچ ته صدين جي ڪمائي آهن ۔۔۔ لڳي ٿو اسان جا اهل ِ سخن جاڳي پيا آهن۔ پهريون ڀيرو اهو ڏسڻ لا مليو آهي ته اسان جي ڪنهن ڏاهي کي جيئري مان سمان مليو۔ نه ته سدائين مرده پرست ٿي اسان پنهنجي عظيم ورثن تي لفظي گُل هاريندا آهيون۔ الله پاڪ محترم شمشير الحيدري کي شال وڏي ڄمار ۽ صحت ڏي ۽ سنڌ جي ادب جو اهو وڻ سدائين ميوا ڏيندو رهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    شمشيرالحيدري جي مان ۾ ٿيل پرو گرام بابت تفصيلي رپورٽون ، اکين ڏٺو احوال ، تقريب جون مختلف تصويرون ، سهڻو ۽ يادگار البم آهي ،
    پروگرام ۾ شرڪت جي آس رهجي وئي ، اهو ڏک تا دم حياتي رهندو ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو