باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي ورسي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Abdul Wahid Soomro طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2012۔

  1. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    http://i50.tinypic.com/2urs9ah.jpg



    حيدر بخش جتوئي هارين، وچئين طبقي ۽ جوانن ۾ حقن جي جانڪاري جي تحريڪ جو باني سمجھيو ويندو آهي. هو هڪ شاعر ، ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ هو. هو پاڪستان ۾ مارشل لاءِ ۽ ون يونٽ جي خلاف هو ۽ هو جمهوريت لاءِ ڏنهن رات ڪم ڪندو هو،

    حيدر بخش جتوئي اهو اڪيلو ماڻهو هو جنهن کي حبيب جالب پنهنجو ليڊر ۽ سياسي جانڪاري ڏيڻ وارو مڃيو آهي. حبيب جالب جي هي نظم ” هاري ڪا حق ليني والا حيدر بخش جتوئي ري ڀيا حيدر بخش جتوئي“ سنڌ ۾ سياسي گڏجاڻين ۾ تمام گھڻي مشهور ٿي.

    چيو ويندو آهي ته پاڪستان ۾ ذاوالفقار علي ڀٽو هيٺئين طبقي کي پنهنجي حقن لاءِ زبان ڏني هئي پر سنڌ ۾ انهي جي شروعات حيدر بخش جتوئي ڪئي هئي.

    سنڌ جي سياسي تاريخ جا ڪيئي سنجيده شاگرد ۽ شاگردياڻيون سمجھندا آهن ته ذوالفقار علي ڀٽو حيدر بخش جتوئي ۽ انهن جي ساٿين جي جدوجهد جي ڪمائي ڪيش ڪرائي وٺي ويو.

    حيدر بخش جتوئي 1901 ۾ لاڙڪاڻي جي ويجھو ڳوٺ بکو ديرو ۾ هڪ غريب هاري جي گھر ۾ پيدا ٿيو هو. ڪنهن کي خبر هئي ته غريب سنڌي عبدالله فقير جي گھر ۾ جنم وٺڻ وارو هي ٻار حيدر بخش سڀاڻي جي رت پيئڻ وارن جاگيردارن ۽ وڏيرن جي نظام کي چيلنج ڪندو ۽ انهي کان سواءِ هو سنڌ جي هارين ۽ وڏيرن جي اکين ۾ اکيون وجھي ڳالهه ڪرڻ به سيکاريندو.

    پر اڄ اها ڳالهه حيراني واري لڳندي آهي ته 1930 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن برصغير ۾ انگريز سرڪار جو طوطو ڳالهائيندو هو هتان جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي کي ڇڏي حيدر بخش جتوئي سنڌ ۾ هارين لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.

    حيدر بخش جتوئي پنهنجي ڊپٽي ڪلڪٽري واري دور کان ئي لکڻ لکائڻ ڏانهن لاڙو رکيو. هن جي هڪ ڊگھي نظم شڪوه آهي. علامه اقبال جي مسلمانن جي رب کان شڪوه جي ابتڙ حيدر بخش جتوئي جي ڊگھي نظم شڪوه انسان جو رب سان شڪوه هئي.

    حيدر بخش جتوئي هڪ قادر الڪلام ۽ وڏو شاعر هو جيئي سنڌ جيڪو اڄ نعرو ۽ تحريڪ آهي اصل ۾ هو هن جي هڪ نظم ”جيئي سنڌ “ کان ئي ورتو ويو آهي، جيڪا هن سنڌ جي شان ۾ لکي هئي.

    حيدر بخش جتوئي جي نظم ”جيئي سنڌ“ ۾ انسان دوستي ۽ محنت ڪش مرد ۽ عورتن ۽ سنڌ جي عظمت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان جلد پوءِ هندو زميندارن جون ڇڏيل زمينون سنڌ جي هارين کي ڏيارڻ لاءِ الائي تحريڪ جي نالي سان تحريڪ هلائي وئي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي سنڌ جي هارين سميت لکئين ماڻهن ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي کي گھيري وڌو هو جنهن ۾ هندوستان کان پاڪستان هجرت ڪري آيل ڪيئي مزدور پيشا ۽ ترقي پسند ماڻهو ۾ شامل به هئا.

    حيدر بخش جتوئي جي تحريڪ جي تت ۾ ئي سنڌ اسيمبلي کان هارين جي حق ۾ ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ جي نالي سان قانون سازي ٿي. هي ٻئي ڳالهه آهي ته اهو سنڌ ٽيننسي ايڪٽ بي فائدو ٿي ويو آهي ۽ سنڌ جا وڏيرا اڃا به نجي جيلون ٺاهي ويٺا آهن. فصل ۾ اڌ حصو يا پوءِ اڌو اڌ ورهاڱي کي حيدر بخش جتوئي جي تحريڪ جي تت ۾ ئي مڃايل قانون آهن جيڪي بهر حال پنن تي ئي موجود آهن.

    چونڊن جي مهم دوران حيدر بخش جتوئي ۽ انهن جي ساٿين کي لاڙڪاڻي جي ويجھو سنڌ جي هڪ وڏي جاگيردار نواب غيبي خان چانڊيو ڳوٺ غيبي چانڊيو ۾ ٻڌرائي ماريو هو.

    پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ جڏهن گورنر جنرل غلام محمد جي هٿان معطل ڪيل اسيمبلي کي تڏهن جي چيف جسٽس محمد منير نظريه ضرورت هيٺ جائز چيو ۽ هن جي خلاف حيدر بخش جتوئي انگريزي ٻولي ۾ پنهنجو مشهور پمفلٽ. ”جسٽس آف دي چيف جسٽس“ چئي ڇپرايو هو.

    جسٽس آف دي چيف جسٽس حيدر بخش جتوئي کي جھلي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. پر حيدر بخش جتوئي جسٽس منير کي سڏيندي چيو هو ته ”مان اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو ته هتي هڪ جج هو جنهن مارشل لاءِ جي لاقانونيت جو دفاع ڪيو هو.“

    ملڪ ۾ ون يونٽ ۽ ايوب خان جي مارشل لا جي خلاف مشرقي پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾ گجڻ وارن ڪجهه فائديمند آوازن ۾ هڪ وڏو آواز حيدر بخش جتوئي جو به هو.

    حيدر بخش جتوئي ون يونٽ ۽ مارشل لا جي خلاف ڪيئي نظمون ئي نه پر ڪيئي ڪتابچا به لکيا انهي سان گڏ سنڌ مان ڀرپور تحريڪ به هلائي وئي، جنهن جي ڪري مڇ، ساهيوال ۽ ميانوالي جي جيلن ۾ به بند رهيو.

    جڏهن چين جو وزيراعظم پاڪستان جي دوري تي آيو ته ڪوٽڙي پل جي افتتاح جي موقعي تي هن خاص طور تي حيدر بخش جتوئي سان ملاقات ڪئي هئي.

    جيل ۾ ڏينهن گھارڻ جي ڪري حيدر بخش جي صحت تي خراب اثر پيو پر هن ون يونٽ جي خلاف مهم کٽ تي رهندي به جاري رکي ۽ جنرل يحييا خان جي ون يونٽ جي ٽوڙڻ جي اعلان کان پوءِ 21 مئي 1970 جو لاڏاڻو ڪري ويو.

    حيدر بخش جتوئي جي گزاري وڃڻ کان پوءِ سنڌ هاري ڪميٽي جا ڪيئي حصا وکريل آهن. سنڌ هاري ڪميٽي جو هڪ حصو هن جي پوٽي اظهر جتوئي جي اڳواڻي ۾ اڃا به آهي ۽ سدائين جئان سنڌ جي حقن جي تحريڪن سان جڙيل آهي.

    حيدر آباد جنهن کي سنڌ جي دل چيو ويندو آهي، هن ۾ هڪ چوڪ جو نالو حيدر چوڪ رکيو ويو. جيئن سنڌ جي تاريخ ۽ هن جي ماڳ مڪانن سان پهرين به ڪيو ويو ايئن ئي حيدر چوڪ کي به ”مهاجر چوڪ“ ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪندي هتي سراج الدوله، الطاف حسين حالي، سر سيد احمد خان جون تصويرون ٺاهيون ۽ هنيون ويون جنهن کي 9 مئي 1988 جي رات جو ڪجهه اڻ ڏٺل ماڻهن ڪارو ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري شهر ۾ لساني فساد شروع ٿي ويا هئا. حيدر آباد ته سنڌ جو اهو شهر آهي جٿي باچا خان چوڪ به آهي.
     
    احمد نواز انقلابي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي ورسي

    سنڌ جو عظيم رهبر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئي سنڌ جي نعري جو خالق هجڻ سان گڏ سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو باني پڻ رهيو آهي۔ سندس جدوجهد ذريعي ئي هارين کي ڪجهه حق مليا۔

    سندس ورسيء تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا۔
     
    احمد نواز انقلابي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو