سائين سورهيه بادشاهه جن جو ڪردار هر سنڌ ڄائي لاءِ انتهائي عقيدت ۽ پنهنجائپ وارو آهي. ساڳي ڪيفيت سندن خاندان جي موجوده پڳدار پير سائين صبغت الله شاهه راشدي سان پڻ آهي ۽ سندن مان سنڌين کي اهي ئي اميدون آهن، جن جي تڪميل لاءِ سورهيه بادشاهه شهيد سوريءَ کي سينگاري امر ٿي ويا. ڪاوش ۾ ڇپيل پير سائين جي ڪالهوڪي بيان ”مفاهمتين“ جي رڌڻي ۾ رولا وجهي ڇڏيا آهن، لڳي ٿو ته نڌڻڪي ٿيل سنڌ امڙ جي ڄڻ مالڪي ٿي آهي. هي جيڪي اسين بيوس ۽ لاچار سنڌي ڌارين جي ارڏاين تي ڪڙهندا پئي رهياسين ۽ پنهنجن جي بي واجبين ۽ نانگن کي کير وٽيون پياريندڙن اڳيان روئيندا رڙندا رهيا آهيون ۽ سندن اڳيان احتجاج ڪندا پيا اچون، تن کي اڄ چٽو سوجهرو نظر اچي ويو آهي. پير سائين جي اهو رڳو اخباري بيان ڪونهي، اهو هڪ وال پوسٽر ۽ گجگوڙ ڀريو اعلان آهي ته هاڻي گهڻو ٿيو! اسان پنهنجي ڌرتي ماتا تي ميري اک رکندڙن جون ارڏايون گهڻيون سٺيون، هاڻي ڳالهه برداشت کان ٻاهر آهي. حڪومت ۽ سندس اتحادي ٽولي لاءِ هن اڄوڪي بيان جو اکر اکر زير زبر ۽ نقطو وارننگ آهي. سنڌ ڄاوا هاڻي سجاڳ آهن، اسان سڀئي پير سائين جي هن اعلان جي آجيان ڪريون ٿا. اسان کي سندن خاندان مان اهڙي ئي مالڪيءَ جي توقع هئي. پاڻ سنڌ ويرين خلاف جيڪا جدوجهد ڪندا ۽ اڳواڻي ڪندا، مون کي يقين آهي ته سنڌ جو ٻچو ٻچو سندن سڏ تي لبيڪ چوندو. اها ڳالهه پيري مريدي ۽ جماعتي يا غير جماعتي کان تمام گهڻي اڳتي آهي. سڀني سنڌ واسين کي عرض آهي ته پير سائين جي هن پيغام کي هر سنڌي تائين پهچائين، ايتريقدر جو انهيءَ بيان جون فوٽو ڪاپيون ڪرائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ورهائين. سنڌ دشمنن کي اهو پيغام وڃڻ کپي ته هاڻي سنڌ خلاف سازشون بند ڪريو. عبدالرحمان ڪنڀار/قادر آباد
جواب: سورهيه بادشاهه جي اولاد پاران سنڌ جي وارثي! اسين سڀ سنڌ جي هن سورهيه بادشاه جي پٽ کي سلام ڪريونٿا جنهن وقتائتو اعلان ڪري سچ ته انڌاري اونده ۾ ڏيئو ٻاري ڇڏيو آهي مونکي يقين آهي ته ڪهڙو به سنڌي هوندو جنهن ۾ هلڪي به سنڌ سان محبت هوندي اهو سنڌ کي ورهائڻ واري سازش آڏو ديوار ٿي بيهندو ،،،، ڌارين ۽ وقت جي بادشاهن جون سازشون ڪڏهن ڪامياب نه ٿينديون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون، قادرآباد جي عبدالرحمان ڪنڀر جي سهڻي صلاح لک ٿورا
جواب: سورهيه بادشاهه جي اولاد پاران سنڌ جي وارثي! فنڪشنل ليگ ۽ پير پاڳاري جي هن بيان جي ساراهه ڪجي ٿي ۽ اها اميد ڪبي ته سنڌ جون سڀ سياسي پارٽيون هڪ آواز ٿي هن تحريڪ جي ڀرپور مخالفت ڪنديون۔ اڄ مهاجر تحريڪ پاران پنهنجي هن تحريڪ کي وقتي بند ڪرڻ جو اعلان ٿيو آهي۔ ان جو سبب آهي سنڌي ماڻهن جو آواز
جواب: سورهيه بادشاهه جي اولاد پاران سنڌ جي وارثي! پير سائين پاڳاري جي ان بيان مان سورهيه بادشاه جي خوشبو اچي ٿي۔
الله قائم ۽ دائم رکي هن سونهاري سنڌ کي ۽ سورهيه بادشاهه جهڙا ڪڏهن نه ملندا پر واقعي سورهيه بادشاهه جي خوشبوءُ هاڻوڪي پير پاڳاري ۾ اچي پئي۔
موبائيل تي ميسج ته تمام جهجهي انداز ۾ آيا ، ته پير سائين ميدان ۾ ڪُڏي پيو آهي ۔ ڪيئن ۽ ڇا چيو اٿس ڪا خبر نه آهي ۔ مٿان وري نيٽ تي ٻي مصيبت اها ته روزانه ڪاوش به گذريل چئن ڏينهن کان ڪو نه پئي کُلي ۔ مهرباني ٿيندي جي سائين جي پريس ڪانفرنس يا بيان جو به آهي هن اڱڻ تي به ونڊ ڪيو وڃي ۔ مهاجر صوبي جي بدمعاشن لاءِ ڪوئي به اڳتي نڪري اچي ته سڀني سنڌين تي فرض ۽ قرض ٿو ٿئي ته هڙون ۽ وڙون مدد ڪجي ۔
محمد اشرف سومرو تمام بهترين لکڻي لکي آهي۔ اسان سنڌين تي اهو لازم ٿئي ٿو ته سنڌ جي سڏ تي حاضر ٿي وڄون ۽ ڀنهنجي سنڌ ڌرتي جي بچائو لائي ڪو قدم کڻون۔
پير صاحب پاڳاري جي اهڙي بيان جي ڀليڪار ڪجي ٿي هر ان ماڻهو ۽ ان پارٽي کي سلام پيش ڪنداسين جيڪي سنڌ جي وحدانيت خلاف اٿندڙ آوازن کي للڪارن ٿا۔ يقينن حر جماعت جو اهڙو ڪردار ۽ عمل ساراهه جوڳو آهي۔