ٽي نُڪتا نظم

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
صبح _ سانهجي هلو !
زندگي ۽ ٿَڪو ؟
ڊوڙ پايو وَڌو ؟
ڇو ته مشهور آ ، جو اڳي سو تڳي ۔

وقت ڪنهن جو نه آ ،
بخت ڪنهن جو نه آ ،
تخت ڪنهن جو نه آ ،
هي دستور آ ، جو وَهي سو لهي ۔
جام جُرئت پيو !
موت سان منهن ڏيو !
جُڳ جُڳاندر جيو !
بُزدلي سُورُ آ ، جو ڊِڄي سو مَري ۔

( استاد بخاري )
 
جواب: ٽي نُڪتا نظم

ڇو ته مشهور آ ، جو اڳي سو تڳي ۔

بلڪل مشهور آهي ۽ بهترين نظم ونڊ ڪيو آهي۔

استاد به پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔
 
بهترين چونڊ۔۔۔۔ باقي ته استاد جي شاعري آهي۔۔ لاجواب هجڻ ۾ ڪو شڪ ئي ناهي۔
 
Back
Top