شهرِ حُسن

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
جوڀن ۾ ، شهرِ حُسن ۾ ، فصلِ بهار ۾
ڪيئن ٿو چوين ته دل کي رکؤن اختيار ۾

حُسنِ نظر سان ڪنهن جي نظر ٿا چُمون پيا
پنهنجي پريت آهه سدائين خمار ۾

ههڙي حسين حيات ، مگر پوءِ به چند روز
اهڙو گمان ڪو نه هو ، پروردگار ۾

زاهد کي تنهنجي شوخ تبسم جي ڇا خبر
تفصيل ڳولڻو ٿو پوي اختصار ۾

محسن هي اضطراب هي طوفانِ غم ته ڏس
نادان ! ڇا رکيو آ ، سُڪون و قرار ۾

محسن ڪڪڙائي
 
Back
Top