غزل ناشاد احسان ملاح اسان منٿون ڪيون آهن،هوائون بي چيون آهن. نياپا ڪين ٿيون آڻين،وڏيون ٿي ويون وٿيون آهن. اسان وٽ يادگيرين جون،ٻه ٽي گھڙيون بچيون آهن. هجِر ۾ ڪيتريون راتيون،اسان روئندي ڪٽيون آهن. رهي ناشاد هينئن هر دم،اکيون رِم جھِم وسيون آهن.