السلام وعليڪم سنڌ سلامت جا دوستو جئين ته انٽرنيٽ جي دنيا ترقي ڪري رهي آهي پر اسان جي پياري ٻولي به ان سان گڏ هلي رهي آهي ان جي مثال هي ويب سائيٽ بيان ڪري رهي آهي۔ پر مان کي هن جي لنڪ ڏيندڙ دوست جي وڏي مهرباني۔ ان کان پهرين مان ٻئي فارم تي هوندو هئيس پر هاڻ هي سائيٽ نه ڇڏيندس هت پنهجا دوست بڻائندس ( اپي) منهنجو لڪي نالو آهي ۽ منهنجو پورو نالو علي اڪبر شر آهي مان ڏهرڪي شهر جو آهيان
ادا علي اڪبر شر صاحب فورم جوائين ڪرڻ تي لک لائق ۔۔۔۔ سچي ڳالهه ته اها آهي ته هي ميڙاڪو توهان جهڙن دوستن سان ئي قائم دائم آهي۔۔۔۔ مون کي يقين آهي ته هتي اچي توهان لطف وٺندو۔۔۔۔ توهان جو پنهنجو نالو علي اڪبر به خوبصورت نالو آهي ۔۔۔ فورم تي ان کي سجايو ته به ڀلو ٿيندو۔۔۔۔ ڀلا توهان کي لنڪ موڪليندڙ ڪير هو۔۔۔۔؟ ان کي ته ظاهر ڪريو۔۔۔۔ ته ان مهربان جا ٿورا به ڳائجن۔۔۔
اپي سائين توهان کي هتي ڏسي ڏاڌي خوشي ٿي ، واقعي توهان جو نالو علي اڪبر تمام سهڻو نالو آهي، مان اسد ميرجت آهيان ۽ هاڻي توهان ڪوشش ڪيو ته هن فورم تي سٺيون شيئرنگس ڪيون۔
السلام عليڪم ادا اپي صاحب ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون اڄ هت توهان جهڙي قابل دوست کي ڏسي دل خوشي مان باغ باغ ٿئي وئي ادا اپي توهان جي لکڻين جو بي صبري سان مون کي انتظار رهندو sadayeen gud sindhsalamatsaathsal
ادا وڏا ايڊمن....... مون توهان جي اجازت بغير هڪ ٻئي فورم تي هيءَ لنڪ لڳائي آهي... اميد ته توهان کي بُرو نه لڳندو....... ٻيو ته وري مان هند ۾ هلندڙ تمام ويب سائيٽس جي ويب ماسٽرس جي ميل ڪري چڪو آهيان ته هو پنهنجي سائيٽ جي اسان جي هن اوطاق کي نمايان مقام ڏين.............. آخر سائين اسان جي اوطاق آهي اسان اگر پنهنجي اوطاق لاءِ نه ڪنداسين ته باقي ڪير ڪندو