اي سنڌ امانامداد حسيني زرد ڳل جي مٿان اي سنڌ امان!رَتُ ويٺو رُئان، اي سنڌ امان! هيءَ اخبار جا پئي آهي،ڇا پڙهي ڇا پڙهان، اي سنڌ امان! هيءُ جهيڙا جهٽا، ڦرون، ڌاڙا،الامان الامان! اي سنڌ امان! روز ڪونڌر ڪُسن ڪلاچيءَ ۾،آءُ ڪيئن چپ رهان ، اي سنڌ امان! ساڳيا جيل هي وڏيرن جا،قائم آهن اڃان، اي سنڌ امان! ۽ انهن منجهه واڙيل هاري،ڍور ڄڻ بي زبان، اي سنڌ امان! ۽ لڄا لُٽَ هارياڻين جي،وارثن جي اڳيان، اي سنڌ امان! هيئن پنهنجا وڃن پرايا ٿي،آءُ ڦٿڪان لڇان، اي سنڌ امان! رَتُ دانگيءَ مٿان نٿو اٿلي،ڏوهه ڪنهن کي ڏيان، اي سنڌ امان! هيءَ سموري زمين منهنجي هئي،۽ سڄو آسمان اي سنڌ امان! ڳوٺ ڌاڙيل، شهر دهشتگردآءُ ڪا ڏي وڃان؟ اي سنڌ امان تنهنجي هوندي به آءُ ائن ڀاسان،بي وطن، بي نشان اي سنڌ امان! تون ئي تون ٿي نظر اچين مون کي،آءُ جاڏي ڏسان، اي سنڌ امان! باک جيسين بَکي ۽ لاک لڳي،ديپ سان ٿو جلان، اي سنڌ امان! تيستائين ته پرهه- پنڇيءَ سان،لات پيو ٿو لنوان، اي سنڌ امان! ***
سنڌ جي سورن جي تازي داستان ۔۔۔۔۔ محترم سائين امداد جن ڪهڙي نه دل لوڏيندڙ سوز ۾ لکي آهي۔۔۔ هيئن پنهنجا وڃن پرايا ٿي، آءُ ڦٿڪان لڇان، اي سنڌ امان! رَتُ دانگيءَ مٿان نٿو اٿلي، ڏوهه ڪنهن کي ڏيان، اي سنڌ امان! دانهن ڪنهن کي ڏيان۔۔۔۔ ڏوهه ڪنهن کي ڏيان
بيشڪ۔۔۔ رت دانگيءَ مٿان نه ٿو اُٿلي۔۔ ڏوهه ڪنهن کي ڏيان۔۔۔ اسان جي هاڻوڪي حالت جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي منظر ڪشي ڪري سگهجي ٿي۔۔۔
ڀڳو آ نه چوان ، ماريو ته وسهان ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا ، سيڪيندي سونهان ته پڻ لڄ مران ، جي هونس پٺ ۾ ( منهنجو مرشد لطيف سرڪار ) يارن پاڻ ملهايو سنڌ ڄائي نياڻي غزالا بتول بلوچ (صديقي) سڀني مٿان نروار ٿي وئي ۔ خبر ناهي منهنجي هِن نياڻي کي ڪهڙو ڏاج ڏئي ۽ ڪيئن هن کي رخصت ڪري مٽيءَ ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو ۔ پر مونکي صرف ڏک هڪ ڳالهه جو آهي جڏهن به منهنجا ماروئڙا جلوس ڪڍندا آهن ته هي ماضيءَ جا ورق وساري نڪرندا آهن ڇا اسان کان 4 مارچ 1967 يا 1983، 1988 ، 1989 ، 1992 ،1995 ۽ لڳاتار ڪئين اهڙا واقعا آهن ، جن ۾ ائين ئي بيدردي سان اسان خالي هٿين نوجوان مارايا آهن ، انهن واقعن کي سامهون رکندي به ڪلهه واري جلوس ۾ ڇو خالي هٿين ويا ؟؟؟ اهو منهنجو ڏک به آهي ۽ سوال به آهي خاص طور تي رسول بخش پليجو صاحب کان عوامي تحريڪ وارن کان
سنڌ جي موجوده حالتن تي سنڌي شاعرن، مفڪرن جا بيت پڙهي اکيون وڌيڪ آليون ٿين ٿيون، دل قابوءِ کان ٻاهر ٿئي ٿي ۽ جذبا آهن جو شهادت جي حد تائين اڀرن ٿا ...