دستگير ڀٽي اتي ئي آهين، جتي اوهان ڇڏيون!12 مئي 2007ع کان 22 مئي 2012ع تائين گذريل پنجن سالن ۾ پاڪستان يا مهراڻ واديءَ ۾ رهندڙ صديون پراڻا اسين سنڌي، ٻروچ ۽ پٺاڻ، محڪوم ۽ مظلوم ماڻهو ڀٽائي سرڪار چواڻي: اتي ئي آهين، جتي اوهان ڇڏيون! اهي پنڌ پيچرا ۽ ڏکيا اڙانگا سفر به ساڳيا، ڪنڊن سان ڀريل رستا به ساڳيا، واهرو، راهبر ۽ راهزن به ساڳيا. ڪجهه به ناهي بدليو. انصاف جو ترازو به اڃا تائين هٿوراڙيون ته گهڻئي ٿو هڻي، پر ڪرمنل ٽولا ان کي ڪنهن هڪ ڀر نَمڻ ۽ حق جي حق ۾ فيصلو ڪرڻ نٿا ڏين. جيڪڏهن انصاف ڪندڙ عدالتون پنهنجو پاڻ سان ئي 12 مئي وارو انصاف نه ٿيون ڪري سگهن ۽ پنج سال لنگهي وڃڻ باوجود سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ڏوهارين جو نالو کڻڻ کان ئي ڪيٻائي ٿو ته پوءِ انهن مچي مواڙ ٿيل ٽولن جو مَن ڪيئن نه وڌندو، ڇو ته هاڻي کين هٿيارن پنوهارن جا ايترا ذخيرا ملي چڪا آهن، جو ٽي وي يا وي سي آر کپائڻ جي کين ڪا به گهرج ناهي. گهرج اگر آهي ته اها آهي اسان جي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن تي دائمي طرح قابض ٿيڻ جي! هيڏانهن ڏسو ته عوامي تحريڪ جي رهنما اياز لطيف پليجي گذريل هڪ هفتي کان سنڌ سرڪار ۽ انتظاميا کي بار بار اهو ورجائي ٻڌايو ته سندس پارٽي اڱاري ڏينهن 22 مئي تي پنهنجن بلوچ ڀائرن سان يڪجهتي ۽ سنڌ جي ورهاڱي واري سازش خلاف هڪڙو علامتي ۽ پرامن مظاهرو لياريءَ جي اڳواڻن سان گڏجي چيل چونڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ڪندي. اهو پرامن مظاهرو ڪراچيءَ جي اصل ڌرتيءَ ڌڻين سان لياري آپريشن جي آڙ ۾ ٿيل ناحق ۾ سنڌي ماڻهن پاران بلوچ ڀائرن سان سندن ڏک درد ونڊڻ، کين ڏڍ ۽ آٿت ڏيئي اهو احساس ڏيارڻ ته اوهان سان جيڪڏهن پ پ جي سنڌ حڪومت ويساهه گهاتيون ۽ ويڌن ڪئي آهي ته ان ۾ عام سنڌي ماڻهن جو ڪو به ڏوهه ناهي. ان حقيقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين ڪڻو ڪڻو گڏ ڪري، اسين ٿورا گهڻا سنڌي ماڻهو مورڙي جي ڪلاچيءَ ۾ اچي سهڙيا آهيون. اياز جي اهڙي سچي ۽ سهڻي آڇ تي لياري امن ڪميٽي جي عزير جان بلوچ ۽ ظفر بلوچ اياز لطيف جي دل سان آجيان ڪئي. ڪالهه پروگرام موجب هو جيئن ئي ريلي جي شڪل ۾ ڪراچي پريس ڪلب ڏانهن وڌيا، ته ايم اي جناح روڊ لڳ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربند هن پرامن ريلي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ پوءِ هڪ جيڪا قيامت برپا ٿي، ان جا منظر مون سميت سڄي دنيا جي ماڻهن ٽي وي چئنلز تي ڏٺا. اوهان کي ياد ڏياريان ته پنج ڇهه مهينا اڳ ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر فاروق ستار قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا وٽ هزاره ۽ سرائيڪي صوبا ٺاهڻ واسطي تڙ تڪڙ ۾ هڪ ٺهراءُ جمع ڪرايو هو ته مون پنهنجي ڪالم وسيلي ان مهل ئي ڪَن کڻائي ڇڏيو ته ڪراچيءَ جي انهن اڳواڻن کي ڪراچيءَ کان هزارين ڪوهه پري ملڪ جي مٿانهن وچولن ۽ اترين علائقن ۾ صوبن ٺاهڻ لاءِ جنهن ڳڻتيءَ اچي ورايو آهي، تنهن مان ڪنهن خطرناڪ چال ۽ رومال ۾ ويڙهيل ڪنهن ڳري ڳالهه جي بوءِ ٿي اچي، تنهن ڪري سنڌ جا وارثو هوشيار ٿجو ۽ خبرار رهجو. پوءِ ته سڀني اهو لقاءُ ڏٺو ته ٻن ٽن هفتن کانپوءِ ڪراچي جي ڀتين تي مهاجر صوبي جي حق ۾ وال چاڪنگ ٿي ويئي ۽ سڄي سنڌ ۾ هُل ٻري ويو ته آخر رات جي اونداهيءَ ۾ ڪنهن اوچتو ئي اوچتو ههڙي خطرناڪ ڪئليگرافي ڪري سنڌ اندر خانه جنگي جي واٽ هموار ڪري وڌي آهي؟ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس هلندي جڏهن وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه ۽ وزير قانون اياز سومري کان ماروي راشدي، سسئي پليجو ۽ نصرت سحر عباسي سنڌي عوام کي حيران ۽ پريشان ڪندڙ هِن اوچتي واردات بابت سوال پڇيا ته وزيرن ڪبيرن اهڙي ورندي ڏني، ڄڻ ته هيءُ ڪا معمولي ڳالهه آهي، جنهن کي ڪا به اهميت ڏيڻ جي گهرج ناهي. خود ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان مهل موجود وزيرن ۽ ايم پي ايز به ساڳئي وقت انهيءَ مهم کان پنهنجي لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي. جنهن کانپوءِ مسرور جتوئيءَ هن اهم قومي معاملي تي سڄي ايوان کي يڪراءِ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وحدت بابت قرارداد پيش ڪئي ته سرڪار توڙي سندن مک اتحادي ڌر انهيءَ ٺهراءَ کي لنوائڻ خاطر هڪ ڪميٽيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. انهيءَ ”تاريخي“ ڪم جو ڪريڊٽ اسپيڪر نثار کهڙي پنهنجي مٿي تي موڙ جيان سجايو. مون تڏهن به لکيو هو ته جيڪي به مامرا ڪميٽين حوالي ٿين، سمجهو ته اهي ڪڏهن به ٻيهر منظرعام تي نه ايندا. مسرور صاحب وارو ٺهراءُ ڪهڙي اونداهيءَ کڏ حوالي ٿيو، تنهن بابت ته شايد ڌڻيءَ کي به ڪا خبر چار نه هوندي ته پوءِ ڀلا اسين توهين ٿيندا ڪير آهيون، سرڪار نامدار کان يا اسپيڪر صاحب کان انهيءَ بابت پڇا ڪرڻ وارا؟ بهرحال ايم ڪيو ايم جي قيادت جو هن نهايت سنجيده معاملي تي رويو شروع کان وٺي ”صاف ڇُپتي ڀي نهين، سامني آتي ڀي نهين“ وارو رهندو آيو. اڃا به هو انهيءَ پاليسي تي ئي عمل پيرا آهن. ڪيترن ڏينهن کان وٺي اردو ٽي وي چئنلز تي مهاجر صوبي بابت ٿيندڙ بحث مباحثن ۾ ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ميمبرن رضا هارون کان وٺي وسيم اختر تائين سڀ ڪنهن پاڻ کي هِن تحريڪ کان پاسيرو به رکيو آهي ۽ مهاجرن جي محرومين جو وڌاءُ سان ذڪر ڪري ڌار صوبي واري تحريڪ جي اڻسڌي پٺڀرائي به ڪندا پيا اچن. اها ڳالهه ته ڪنهن کان به ڳجهي ناهي ته اردو، انگريزي اخبارن توڙي اردو اليڪٽرانڪ ميڊيا مٿان ڪهڙي ڌر غالب آهي ۽ انهن ٽي وي چئنلز تي ٿيندڙ بحثن ۾ سنڌي ماڻهن جي ڪيس کي ڪمزور بڻائي پيش ڪرڻ واري ريت ڪيتري زماني کان لاڳو ٿيل آهي. جڏهن ٽي وي چئنلز جو وجود ئي نه هو ۽ ماڻهن جو انحصار فقط اخباري خبرن تي هو ته ان زماني ۾ به اسين سنڌي شاگرد يونيورسٽي يا ڪاليجن ۾ هڪ ٻئي کي جڏهن ”جيئي سنڌ“ چئي کيڪاريندا هئاسين، يا هٿ ادب جا ٻڌي نوِڙي سلام ڪندا هئاسين ته اهي اخبارون اسان کي غير اسلامي رسمن جا پوڄاري ۽ هندستاني ايجنٽ ڪري لکنديون هيون. هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ائنٽي ون يونٽ تحريڪ زورن تي هئي. اسٽيبلشمينٽ وارا ون يونٽ خلاف ڳالهه ڪرڻ کي به وطن دشمني سان ڀيٽ ڏيندا هئا. بنگال ۾ به تڏهن پئرٽي توڙي بنگالي ٻوليءَ کي سندس جائز مقام نه ملڻ سبب اولهه پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ خلاف سخت نفرت پيدا ٿي چڪي هئي. ائنٽي ون يونٽ تحريڪ دوران ئي پليجي صاحب ”صبح ٿيندو“ نالي ڪتاب لکي، سنڌين جي شهرن تي ٿيل قبضن، ڪوڙن ڪليمن وسيلي ڦٻايل ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر - مطلب ته هر شهر جي اربين رپين جي پراپريٽيز، بنگلن ۽ ٻهراڙين ۾ لکين ايڪڙ ٻنين بابت جيڪي تفصيل ڏنا، سي ايترا ته ڇرڪائيندڙ ۽ رت روئائيندڙ هئا، جو انهن تفصيلن جي سپريم ڪورٽ ذريعي جاچ ڪرائي، ڏوهارين کي سزائون ڏيارڻ گهرجن ها پر سزائون نه ملڻ سبب سندن من ايڏو ته وڌي ويو جو هو هاڻي ته کلئي عام سنڌ جو ورهاڱو ڪرڻ لاءِ سنڀري نڪتا آهن. سنڌي ماڻهو ته حيرت وچان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ڏانهن ويٺا نهارين ته آخر هو ڪڏهن ماٺ جو روزو ٽوڙي، سنڌين جي زندگي ۽ موت سان واسطو رکندڙ انهيءَ خطرناڪ سازش خلاف ڪو تحرڪ وٺندا؟ اتحادين جي ڊپ کان آخر ڪيستائين منهن مونن ۾ وجهي ويٺا هوندا؟ حڪمران پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن کان ته ميان نواز شريف ۽ پير سائين پاڳاري کي جس هجي، جن صاف صاف لفظن ۾ سنڌ جي ورهاڱي واري سازش کي ننديو آهي، پر اهڙي سوچ پکيڙيندڙن جي خلاف عملي قدم کڻڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو اٿن. سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪندڙ ڀلي پيا سنڌ امڙ سان سچائيءَ جا سوين وچن ورجائين، پر انهن هڪ ڀيرو وري به ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته کين ڪراچي شهر ۾ سنڌ جي اصل ڌرتي ڌڻين جو گڏجڻ ۽ ميڙ ڪرڻ ۽ سنڌي ماڻهن جو سنڌ ڌرتيءَ سان اظهارِ محبت وارو پرامن لانگ مارچ ڪرڻ هرگز نه ٿو وڻي. هُنن هڪ ڀيرو وري 12 مئي 2007ع جهڙي هڪڙي ٻي ڪاري قيام برپا ڪري، معصوم نياڻين ۽ هٿين خالي ماڻهن کي ماري، گولين سان سندن جسم پروڻ ڪري، پنهنجو ساڳيو ئي تشدد وارو نياپو ورجايو آهي ته هاڻي صوفين جي هِن سائي سڀاڳي سُهڻي سرزمين کي خانه جنگيءَ وسيلي رت سان وهنجاري هن ڌرتيءَ جو رنگ ڳاڙهو ڪري ڇڏبو. کين ڪير ٻڌائي ته چاليهه سال اڳ ۾ ئي سنڌ جي قومي شاعر اڳڪٿي ڪري چئي ڇڏيو هو سنڌين کي ته: پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀ تائين جهوليندو! اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي اهڙو ڏينهن به ايندو! dastgirbhatti@gmail.com The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
سائين مون هي ڪالم ڪالهه واري ڪاوش ۾ پڙهيو ، اسان سنڌين جو هاڻي ثبر جو پيمانو پُر ٿي چڪو آهي، هاڻ وڌيڪ خاموش تماشائي بڻجڻو نه آهي، هڪ سفاڪ منصوبي تحت اسان جي اڳواڻن کي رستي تان صاف ڪيو ويو آهي، ۽ اهو سلسلو اڃان به جاري آهي، هاڻ قلم، ۽ عدم تشدد جو راڳ آلاپڻ بند ٿيڻ گهرجي، اسان کي ڄاڻي واڻي تشدد جو رستو ڏيکاريو ويو آهي، هاڻ اهي ڏسندا ته سنڌين جو تشدد ڪئين ٿو انهن جي ڳچي جو ڳٽ بڻجي، هن حڪومت جا آخري ڏينهن ته آهن پر منهنجا سائين انهن جا اهي ڏينهن سنڌ ۽ سنڌين لا چڱا نه آهن، هنن جا ڪرتوت سڌي ريت اهو واضع ڪنٿا ته اهي سنڌ جو ورهاڱو ڪرڻ لا ڪيمڻپ تي لهي آيا آهن، اسين لعنت ۽ ڦٽڪار وجهون ٿا انهن سنڌي وزيرن تي جيڪي سنڌين جي ووٽن تي وزارتون وٺي ان جي بدلي ۾ انهن کي رت ڀريل لاش اماڻين ٿا۔ ڪاڏي ويندا ڪٿي لڪندا، مان چوان ٿو ته سنڌي انهن کي ڳولي ڳولي ماريندا، هاڻ به جيڪڏهن انهن پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ۽ سنڌ جي وحدانيت ۽ ڪراچي ۾ خونريزي جي معاملي تي ڪا به حرڪت نه ڪئي ته پو انهن جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿي چڪا آهن۔