سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان 8 آگسٽ تائين پرائمري ماستر ڀرتي نه ڪرڻ جو حڪم

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد اشرف سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2012۔

  1. محمد اشرف سومرو

    محمد اشرف سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2012
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس محمد شفيع صديقي تي ٻڌل ڊويزن بئنچ سنڌ يونيورسٽي پاران 2008ع ۾ ورتل ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي نظرانداز ڪري پرائمري اسڪول ٽيچرز طور نيون ڀرتيون ڪرڻ خلاف داخل ڪيل آئيني درخواست تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري 8 آگسٽ تائين پرائمري اسڪول ٽيچرز کي مقرر نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه اربع ڏينهن محمد انور ڀٽو سميت سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ هڪ سئو کان وڌيڪ اميدوارن پاران داخل ڪيل آئيني درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي ڪندي ڏنو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ ايندڙ ٻڌڻي تائين پرائمري اسڪول ٽيچرز جي عهدي تي مقرري جا آرڊر جاري نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، محمد انور ڀٽو ۽ ٻين پاران داخل ڪيل آئيني درخواست ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي ڌر بڻائيندي اهو موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذارن پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ 2008ع ۾ پرائمري اسڪول ٽيچرز طور مقرري لاءِ درخواستون ڏنيون جنهن بعد سنڌ يونيورسٽي انهن کان ٽيسٽ وٺي نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، جنهن مطابق درخواستگذارن 60 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کنيون پر ان باوجود سرڪار جايون گهٽ هجڻ کي بنياد بڻائيندي کين مقرري جا آرڊر جاري نه ڪيا، جنهن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فيصل عرب جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ سرڪار کي پابند ڪيو هو ته پرائمري استادن جي نين جاين تي سڀ کان پهرين سنڌ يونيورسٽي واري ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي مقرر ڪري ان کانپوءِ باقي رهندڙ جاين تي نيون ڀرتيون ڪيون وڃن پر ان باوجود سرڪار درخواستگذارن کي مقرر ڪرڻ بدران پرائمري استاد طور مقرري لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرائي ورتيون آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو