شهيد ڀيڻ غزالا بتول صديقي کي سرخ سلام

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي وحدانيت خلاف ڳالهيون ڪرڻ ۽ مهاجر صوبي جي تحريڪ جي مخالفت ۾ سنڌ جي ماڻهن ۾ سخت نفرت هئي ۽ اهڙي وقت ۾ 22 مئي 2012 تي عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين گڏجي تحرير اسڪوائر مصر سان ڀيٽجندڙ لياري جي چيل چوڪ کان محبتِ سنڌ جي نالي سان هڪ ريلي ڪڍي پريس ڪلب لاء رواني ٿيڻ جو اعلان ڪيو۔ ان ريلي ۾ سنڌي، بلوچ، ڪڇي ۽ لاسي سڀ هئا، سڀني جي زبان تي جيئي سنڌ ۽ سنڌ جي وحدانيت جا نعرا هئا۔

    اهڙي ريلي ۾ سنڌ جي هڪ اهڙي نياڻي به شامل هئي جيڪا پي آء اي ۾ ايڊورٽائيزنگ آفيسر هئي ۽ سندس رڳ رڳ ۾ سنڌ امڙ جو خون سمايل هو۔ هوء جيڪا سنڌ سان پيار ڪندڙ هئي ۽ سنڌ تان فدا ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندي هئي۔ شهيد غزالا بتول صديقي سان منهنجي ڪا ويجهڙائپ ته ڪانه هئي پر ٻوڏ متاثرين لاء سچل ۽ ڀرپاسي ۾ جيڪي ڪيمپون لڳيون هيون انهن ۾ هن اڳتي وڌي ڪم ڪيو هو۔ پي آئي اي ۾ رهندي هن سنڌي اخبارن ۽ رسالن کي اشتهار ڏيڻ ۾ به خاص مدد ڪئي۔ هوء گهڻو سوشل ۽ قومي سوچ جي مالڪ هئي۔ پاٽ شريف ۾ جنم وٺندڙ غزاله جي شادي مظهر زرداري سان ٿيل هئي جيڪو به پي آء اي ۾ آفيسر آهي ۽ کيس چار ٻار هئا جن ۾ هڪ ننڍو پُٽ ته اڃان ستن مهينن جو آهي۔ هوء جلد اٽلي وڃڻ واري هئي ۽ کيس صرف ويزا جو انتظار هو ڇو ته سندس ور جي پوسٽنگ پي آء اي جي اٽلي واري آفيس ۾ آهي۔ سندس ڀاء شهاب صديقي اسان جو دوست ۽ سئي گيس ۾ اسان جي آفيسر ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري ۽ سماجي ورڪر آهي۔

    ان ڏينهن هوء ريلي ۾ شامل ٿي ۽ ان دوران هن ڪي ٽي اين تي به پنهنجا تاثرات ڏنا ۽ چيو ته جيڪو به ماڻهو سنڌ تي ميري اک رکندو ، سنڌ جا پُٽ ته هن تي پوء وار ڪندا، سڀ کان پهرين ان جون ڌيئون ان تي وار ڪنديون۔ ۽ ها پوء سڀني ڏٺو ته هوء نه ته پُٺ ڏئي ڀڳي ۽ نه وري ڊڳي پر مقابلو ڪندي شهيد ٿي۔ چون ٿا ته هوء عورتن جي اڳواڻي ڪندي جڏهن اڳتي وڌي رهي هئي ته مٿان کان ۽ سامهون ڪجهه ماڻهن فائرنگ ڪئي ته هن ٻين عورتن کي پويان ڪندي پاڻ اڳيان ٿي بيٺي ۽ فساد ڪندڙن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي۔ جڏهن فائرنگ وڌڻ لڳي ته هن اتي بيٺل پوليس واري کي چيو ته شر پسندن تي فائرنگ ڪيو ، ان تي پوليس واري کيس جواب ڏنو ته مونکي اهي اختيار ناهن۔ ان تي شهيد غزاله پوليس واري کان بندوق کسي پاڻ فائرنگ ڪندي چيو ته اسان وٽ ته اختيار آهن ۔۔۔۔۔ پوء هڪ گولي سندس مٿي ۾ لڳي ۽ مٿان کان هڪ پٿر به اچي کيس لڳو ۔ جنهن سبب هن جام شهادت نصيب ڪندي ڌرتيء جو قرض چڪايو۔ سندس سوين آلين اکين سان اسٽيل ٽائون ۾ تدفين ڪئي وئي۔

    حد ته اها ٿي جو اردو ميڊيا جي هڪ نام نهاد ڪمپيئر اها دعوا ڪئي ته غزالا شاپنگ ڪرڻ آئي هئي ۽ راهه ويندي ريلي ۾ شامل ماڻهن جي فائرنگ سبب شهيد ٿي۔ اهڙن ڪوڙن ڪمپيئرن کي ٽي وي تي ايندي ۽ ڪوڙ هنندي ڪو شرم به ڪونه ٿو محسوس ٿئي۔

    اسان شهيد غزالا بتول کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا ۽ ساڳي وقت شرمنده پڻ آهيون ته سندس قاتلن خلاف اسان ڪجهه ڪونه ڪري سگهيا آهيون۔

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    منهنجي هيءَ شهيد نياڻي جڏهن اڄ ٻاگهل ٻائي ۽ مائي بختاور سان ڪَٺي ويٺي هوندي ته هو به اِن خوشي ۾ ڪونه ماپنديون هونديون
    ته انهن جون وارث عورتون به انهن جي راهه قدم تي هَلڻ کان ڪو نه ٿيون ڪيٻائين ۔
    رهي ڳالهه اردو ميڊيا جي اُهي ته نسل ئي آهن ڇُٽَن ميان ۽ لُڊن ميان جو ، اِهي ته اُن بيغيريت نسل جا آهن جي پودينه ڪي درخت پر
    ڪُود ڪُود ڪي چڙهه جاتي ٿي ، نهاري ڪي هينڊ پمپ هوا ڪرتي ٿي ۔ سنڌي هندن جي گهرن تي قابض ٿيا ته انهن جي حاجت
    روائي ( ڪاڪوس خانو ليٽرين ) ۾ هنن باورچي خانه ٺاهيا هئا ۔ پوءِ چوندا هيا ته سنڌيون ڪو هم ني سکايا هي ۔
    اهڙن کان ڪا به ڳالهه بعيد نه آهي شهيد سنڌ لاءِ شاپنگ جو بهانو بڻائين يا ايئن به چون ته سنڌي پاڻ قتل ڪري لاش ڦِٽو ڪري ويا ۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    منهنجي هيءَ شهيد نياڻي جڏهن اڄ ٻاگهل ٻائي ۽ مائي بختاور سان ڪَٺي ويٺي هوندي ته هو به اِن خوشي ۾ ڪونه ماپنديون هونديون
    ته انهن جون وارث عورتون به انهن جي راهه قدم تي هَلڻ کان ڪو نه ٿيون ڪيٻائين ۔
    رهي ڳالهه اردو ميڊيا جي اُهي ته نسل ئي آهن ڇُٽَن ميان ۽ لُڊن ميان جو ، اِهي ته اُن بيغيريت نسل جا آهن جي پودينه ڪي درخت پر
    ڪُود ڪُود ڪي چڙهه جاتي ٿي ، نهاري ڪي هينڊ پمپ هوا ڪرتي ٿي ۔ سنڌي هندن جي گهرن تي قابض ٿيا ته انهن جي حاجت
    روائي ( ڪاڪوس خانو ليٽرين ) ۾ هنن باورچي خانه ٺاهيا هئا ۔ پوءِ چوندا هيا ته سنڌيون ڪو هم ني سکايا هي ۔
    اهڙن کان ڪا به ڳالهه بعيد نه آهي شهيد سنڌ لاءِ شاپنگ جو بهانو بڻائين يا ايئن به چون ته سنڌي پاڻ قتل ڪري لاش ڦِٽو ڪري ويا ۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    اسان جي هي شهيد نياڻي جيڪا پنهنجو حق ادا ڪري وئي۔۔۔ دعا آهي ته الله رب العزت کين جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي آمين۔۔۔۔

    ڀيڻ غزاله جو تعلق منهنجي ڳوٺ پاٽ شريف سان آهي۔۔۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ جڏهن سندس تڏي تي پهچي سندس ڀاء سان عذر خواهي ڪيم ۽ سندس ڳالهيون هر ماڻهو جي وات تي هيون۔ سندس ڀاء شهاب صديقي چئي رهيو هيو ته هوء تمام گهڻي سوشل ۽ همدرد هجڻ سان گڏ همت ڀري ۽ بهادر عورت هئي۔ اڪثر ڪري هر ڏکئي وقت ۾ اتي پهچي ماڻهن ۽ عورتن جي مدد ڪندي هئي۔

    هن ٻڌايو ته هڪ دفعي هوء پ پ پ جي ميمبر حڪيم بلوچ جي اليڪشن ۾ چيف پولنگ ايجنٽ هئي ۽ ايم ڪيو ايم جي گنڊن ٻاهر قبضو ڪري بيلٽ باڪس ڦرڻ پئي چاهيا ته پاڻ سخت مزاحمت ڪرڻ سان گڏ رينجرز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن تي ڇوهه ڇنڊيندي هنن کي چيو ته جيڪڏهن اوهان اسان جي حفاظت نه ٿا ڪري سگهو ۽ دهشتگردن کي گرفتار نه ٿا ڪيو ته پوء اهي هٿيار مونکي ڏيو، پوء ڏسو ته مان انهن ڪتن کي ڪيئن ٿي ڊوڙايان۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    دشمن پهنجو ڪم تيزي سان گولين سان پورو ڪري رهيو آهي ۽ اسان قرباني جا ٻڪرا بڻجي ڪري صرف رڍن ٻڪرين وانگر ٻيا ٻيا ڪري سرخ سلام پيش ڪري رهيا آهيون ....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻآهر ويهي ڳالهائڻ سولو آهي، اچو ۽ عملي ميدان ۾ ساٿ ڏيو۔ هي هڪ شروعات آهي ۽ اها چڻنگ ٻرندي نئون رستو پيدا ڪندي۔ ماڻهون ذهني طور تيار پيا ٿين ۽ شروعات ٿي چڪي آهي۔ خدارا ڳالهين ۽ ٽوڪن بجاء ڪو عملي ڪم به ڪيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ها ادا سنڌ م ويٺلن ڪهڙا فاڙها ماريا آهين جو اسان اچي گدڙ ماريون ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان وٽ مايوس ماڻهن جي اڳ ئي گهڻائي هئي ۽ اوهان جي صورت ۾ اڃان واڌارو ٿيو آهي۔

    ياد رکو جڏهن اوهان ۽ اسان نا اميد ۽ مايوس ٿي ويهو رهون ٿا ته اهو ڏينهن اسان جي ناڪامي ۽ هار جو ڏينهن هوندو آهي۔ اميد جو دامن ناهي ڇڏڻو۔ هي ته ڪجهه به ناهي، انقلاب ۽ ڪاميابيء لاء وڏي جدوجهد ۽ خون جي ضرورت پوندي آهي۔ ڀيڻ غزالا بتول شروعات ڪري ماڻهن جي سوچ ۾ تبديلي آندي آهي ۽ هاڻي ماڻهن ۾ خوف بجاء وڌيڪ بهادري پيدا ٿي آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي وحدانيـت لاءِ جان ڏيندڙ پهرين سنڌي نياڻي ادي غزاله صديقي کي شاعراڻي ڀيٽا
    (شاعري ۽ ڊزائين: مظهر ابڙو)

    سنڌ جي نياڻي،
    تنهنجو لاش ڏسي، اچي،
    اکين ۾ پاڻي.

    سنڌ جي نياڻي،
    وڙهندي ويرين ساڻُ تو،
    شهادت ماڻي.

    سنڌ جي نياڻي،
    تاريخن ۾ وئي لکي،
    تنهنجِي ڪهاڻي.


    سنڌ جي نياڻي،
    تنهنجي اڄ آ سوڳ ۾،
    سنڌڙي ٿي ساڻي.

    سنڌ جي نياڻي،
    هر اک تنهجي لاءِ آ،
    اڄ لڙڪن هاڻي.

    سنڌ جي نياڻي،
    ڪبو تنهنجي خُون جو،
    پاڻيءَ تي پاڻي.

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شهيد غزالا بتول صديقي ڪير آهي ؟؟؟

    اگر سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو ويو ته سڀ کان اڳ ۾ ڌرتي جون ڌيئرون ميدان ۾ لهنديون ........ اهي سندس ٽي وي چئنل تي آخري لفظ هئا . پوء سڄي دنيا ڏٺو ته هوء پنهنجي ڳاله کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو.

    ڪَـڙو منجھ ڪــڙي، جيــئنءَ لــوهارن لپيٽيو
    منهنجو جيءُ جڙي ، سُپيريان سوگھو ڪيو.
    شهيد غزالا جو جنم دادو جي شهر پاٽ شريف ۾ ٿيو . سندن والد قطب الدين صديقي سابق وزير اعلا سنڌ محمد ايوب کهڙي جو پرائيويٽ سيڪريٽري هو . سندس ناناڻا لياري جا بلوچ آهن. سندس گهر وارو اٽلي جي شهر ميلان ۾ پي آئي اي جو مئنيجر آهي ، مامو عثمان بلوچ معروف مزدور رهنما آهي ، سندس ڀاء شهاب الدين صديقي ، سوئي سدرن گيس يونين جو صدر آهي . سندس چاچو فيڊرل شريعت ڪورٽ جو جج هيو. سندس خاندان جو عملي سياست سان باقائده تعلق نه هيو .هوء پي آئي اي ۾ آفيسر هئي .

    ميريِ ناهي مِٽي، جنهن کان لوڪ لِڪو ڀُڻي
    مون لاءِ هي ميرانجهڙي، چوڏهينءَ رات چٽي،
    ڪن ٿا ڪيئن ڪٽي، ماڻهون پنهنجي ماءُ کان.

    سندس ڪزن قاضي قدير ايدوويٽ جو چوڻ آهي ته سندس تعلق ڪنهن سياسي پارٽي سان نه هو . سندن چوڻ آهي ته شهيد غزالا صديقي سنڌ ، سنڌين لاء هر قرباني ڏيڻ لاء تيار رهندي هئي ، 90 جي ڏهاڪي حيدرآباد ۾ لساني فسادن دوران ۽ 2010 واري سيلاب دوران ڪراچي ۾ پنهنجو الهو ، تلهو ۽ جمع پونجي ، زيوربه سنڌي عوام جي مدد لاء قربان ڪري ڇڏيا.

    مــٿيـان مـَٿي مـچَ ، ٻـريم ٻـاروچـن جــو،
    مون کي طعنا تــه ڏئين، جئن پرُوڙين سچُ
    اَمڙ اوري اَچُ ، تــه سٽ سڻايَنءِ سور جي.

    هڪ ڀيري اسٽيل مل ۾ اليڪشن دوران مخالف مرد پولنگ ايجنٽ کي ڌانڌلي ڪرڻ تي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ چوڙيون لاهي منهن ۾ اڇلائي هنيون .

    ڏاڍا ڏونگر ڏيھ جا، پنهنجا هيڻا هڏ،
    پٺتي موٽ ميار آ، اڳتي اونهي کڏ،
    سوريءَ مٿي سڏ ، پر جي ٻڌين سنڌڙي.

    غزالا گهر ۾ بي خوف ۽ دلير طور سڃاتي ويندي هئي . ان ڪري ئي جڏهن پان منڊي لياري ۾ دهشت گردن محبت سنڌ جي پر امن ريلي تي فائرنگ ڪئي ته شهيد غزالا کين للڪاريو ، سڀ کان اڳ ۾ هن پوليس کي مدد لاء چيو ، هنن جي انڪار ڪرڻ تي هن اڪيلي عورت دهشت گردن ڏي دودو ، دوله دريا ، هوشو ، هيمو، بشير جي للڪار بنجي اڳتي وڌي . پوليس واري کان پسٽل ڦري دهشت گردن تي فائر ڪيو . ۽ پوء جوابي فائرنگ ۾ شهيد ٿي هميشه لاء امر بنجي ويئي .

    شال وسين او سنڌڙي، تنهنجا کيت وسن،
    واهــونــدي جـــي واءُ ۾ ، مـــارو شــال مـلـن،
    جن جي ڪوٽ ڪڙن،جهوريو منهنجي جيءَ کي
    حميده گُل جي فيسبوڪ البم تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو