• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ مسڪراهٽ

سنڌي نور

سينيئر رڪن
ناهي ڪا پيار جي سرحد
پيار سڀ سرحدون ٽوڙي ڇڏي ٿو
اکين ۾ انتظار ڀريل آ
هر پل ان جي يادن ۾
نيڻ رهن ٿا اوجاڳيل
پر پوءِ به رهن ٿا اڃايل
ان جي ديد جا
اکڙين ۾ پيار جو سمنڊ ڀريل آ
جنهن جي لهرن ۾
احساس لڙهن ٿا موجن ۾
پر لب تڏهن به خشڪ رهن ٿا
هُن جي وجود جي خوشبو ته
هرطرف آ
پر اهو وجود ناهي مون لاءِ جڙيل
پيار ته هن جو آ پري مگر
هن جو اکين سان ڳالهائڻ
۽ لبن جي مسڪراهٽ ئي
منهنجي بي رنگ دنيا کي
رنگين بڻائي
منهنجي دنيا سنواري ڇڏي
منهنجي دنيا سنواري ڇڏي
سنڌي نور
 
پيار جي نه ته ڪا سرحد ٿيندي آهي ۽ نه ئي وري ڪا ٻولي ۔۔۔۔۔۔ بس اکيون ئي سڀ ڪجهه ٻڌائينديون آهن ۽ اکيون ئي اشارا ڪنديون آهن۔

اوهان جا خوبصورت خيال آهن۔
 
اکڙين ۾ پيار جو سمنڊ ڀريل آ
جنهن جي لهرن ۾
احساس لڙهن ٿا موجن ۾
پر لب تڏهن به خشڪ رهن ٿا
هُن جي وجود جي خوشبو ته
هرطرف آ
واھ ادي واھ تمام بهترين​
تمام سٺي محنت ڪئي اٿوءَ بهترين​
 
ناهي ڪا پيار جي سرحد
پيار سڀ سرحدون ٽوڙي ڇڏي ٿو
:)
بيشڪ پيار جي ڪابه سرحد نه ھوندي آھي۔
تمام بھترين تخليق
 
منهنجوپيار به ائين ئي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ، جئين توهين دوستن هن غزل جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي، پر ها اهو به سچ آهي ته سڀني جي خيال هڪجهڙا نه هوندا آهن، ڀل مٿيون سٽون هڪ ئي انسان جو خيال هجي پر هرڪو ان سموري خيال سان متفق نه ٿي سگهندو ۔۔جئين منهنجو خيال هن ريت آهي۔۔​
پر اهو وجود ناهي مون لاءِ جڙيل
پيار ته هن جو آ پري مگر
هن جو اکين سان ڳالهائڻ
۽ لبن جي مسڪراهٽ ئي
منهنجي بي رنگ دنيا کي
رنگين بڻائي
منهنجي دنيا سنواري ڇڏي
منهنجي دنيا سنواري ڇڏي
 
Back
Top