غلام مصطفي ا
سينيئر رڪن
وِڇَوڙي جا زخم ڏَيئي هُن پَار هَليو وَئين تُون ،
ڪيو ڏوه ڪهڙو مون ، ڪري عَذادار هليو وئين تون.
تون کي تَصور جِي آئيني ۾ چِٽي ڇَڏيو هو مُون ،
گهري کن ۾ او مٺا سلام، ڪري آخرڪار هليو وئين تون .
ڪئين گذاريان اُداس ڏينهن ۽ تَاريڪ راتيون تَو بن ،
تلخ جواني ءَ جون اکڙيون، ڪري آبشار هليو وئين تون .
ڪي خواب سجايا مُون جَنهن وقت ڏٺَم تُون کي ،
ڪهڙي خبر مون کي ٿيو ائين، ڪري ڌَار هليو وئين تون .
او ڄَاڳَن جِي نوازش ته شُروع کان ئي مون تي رَهي ،
روشنيءَ جي گهڙين کي، ڪري سَنجهار هليو وئين تون .
پاڪ پويتر خيال ۽ واعدن جو نباه ته هو تون سان ،
ڌيئي سارا الزام جدائي جا، ڪري غَمخار هليو وئين تون.
اڪيلائي جي چادر ۾ وڪوڙيل هي چور چور جسم مصطفي ا،
زخمي روح جي جان کي، ڪري آڙاه دار هليو وئين تون .