آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي(وائي) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    لاکيڻي لطيف جي بيت :
    عشق نه آهي راند ته ڪي ڪنس ڳڀرو،
    جِيءُ جُسي ۽ جان جي ڀڃي جو هيڪاند،
    سسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌُ ٿئي .
    پڙهندي انهي بيت جي اونهائين ۾ ٻڏي ترِي رهيو هُئس ته ڏات جي ديوي درشن ڪرايا ۽ هي وائي لکرائي ويئي:
    عشق نه آهي راند... !
    آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
    هيل وڇوڙو وَڍَ وِجهي،
    محب رُٺو جو ماند... !
    آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
    چاڪَ چِڪن ٿاچاهت ۾،
    روز پُسي ٿو پاند...!
    آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
    ڀوري ڀَتارُ نه ڀالَ ڪري،
    ڪَهلَ ڪري نه ڪانڌ...!
    آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
    نينهن نهوڙي ”ناز“ ڇڏي،
    هينئڙو آنڌ ۽ مانڌ...!
    آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي

    بس ڏات جي ديوي جي ڏنل ورڌان کي توهان سان ونڊيان پيو سمپل ۽ سادي چترڪاري ۾ ، مناسب اصلاح هن وائي تي ٽيڪنيڪ جي حوالي سان ڪرڻ چاهيو ته هي نثارناز ٽي درجي وارو شاعر توهان جو احسان مند رهندو​
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عشق نه آهي راند... !

    آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي. ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واقعي سائين عشق ڪرڻ ڪا ٻاراڻي راند ناهي پر عشق نه ڪرڻ ڪو پنهنجي وس به ته ناهي ۔۔۔۔۔ هڪ ته ڪنهن سان دل نه لائجي جي لاکجي ته پوء نڀائجي ۔۔۔۔۔۔۔اوهان جا خيال وڻيا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    تمام خوبصورت بابل سائين، تمام پياري وائي آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    وس ۾ سڀ ڪجهه آهي سليمان وساڻ ڀائو، پر حضرت عشق الا ان کي ڇا چئون ان جي باري ۾ لاکيڻي لطيف جي بيتن کان پُڇي ٿا وٺون ، سهڻو لطيف فرمائي ٿو ته:

    مُحبت جي ميدان ۾ ، ڪر پَڙاڏو پَٽُ،
    سِرُ سُورِي ڌڙُ ڪُنگرين متان ڪُڇين ڪَٽُ،
    عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي۔
    مُحبت جي ميدان ۾ سِرَ جو ڪر مَ سانگ،
    سُورِي سپرين جي چڙهه ته ٿئين چانگُ،
    عشق آهي نانگ خبر کاڌن کي پوي۔

    ان ڪري مٺا مان به ائين ئي چوان پيو ته :

    عشق نه آهي راند۔۔۔! آ، هلڻو پَوَندو ٽانڊَن تي۔
    واسينگن جيان عشق وِڙهي، ويڙهه وِڙهي ويڙهاند۔۔!
    آ، هلڻو پَوَندو ٽانڊن تي۔
    جيڪڏهن اڃان به تنهنجي وس ۾ ناهي ته پيارا عشق ۾ياد ڪري ڇڏ:​
    ڀورِي ڀتارُ نه ڀالَ ڪري، ڪهلَ ڪَري نه ڪانڌ۔۔۔!
    آ هَلَڻو پَوَندو ٽانڊن تي۔
    مهرباني ادا جو توهان کي اسان جا خيال وڻيا لک لائق۔ ادا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ڌي نور جو توهان کي هن ٽي درجي واري چرئي شاعر جي لکيل هي غريباڻي وائي خوبصورت سان گڏ پياري لڳي۔ مهرباني امان۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا نثارناز اسلام عليڪم۔توهانجي لکيل وائي پنهنجي اندر تمام وڏي رمز ٿي رکي ،جيڪي عشق جي ميدان ۾ عاشق کي پير پائڻ تي ايندڙ تڪليفن جو بيان ڪري ٿي۔اهئي سوچون شاعري جي روپ ۾ نه اٽڪل سان لکجي سگهجن ٿيون نه لکڻ واروٽيئن درجي جو شاعر ٿي سگهي ٿو۔توهان ڪسر نفسي کان ڪم پيا وٺو۔توهانجي مٿين شعري پنهنجي اندر جا احساسات اسان جي دل ۾ اجاگر ڪري ڇڏيا آهن۔شاعرن جو سرتاٍج شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جي عشق جي باري ۾ ڪجه وڌيڪ بيت اوهانجي نظر:
    محٻت جي ميدان ۾ ،ڪنه چيوئي آچ
    سيڻن جي سراء ۾ ٿو مئي جو ٻري مچ
    پرين چونئي پچ، تون اڳ اوڏوئي نه وڃين۔
    ____ ___ _____________
    محٻت جي ميدان ۾ ،ڪر پڙاڏو پٽ
    سر سوري ء ،ڌڙ ڪنگرين،متان ڪڇين ڪٽ
    عشق نانگ نپٽ،خبر کاڌن کان پوي
    ______ _________ ____
    محٻت جي ميدان ۾ ،سر جو سانگ م ڪر
    لاهي سر،لطيف چئي،اڳئان دوستن ڌر
    وڍيين تان واه ٿيين سندي دو سان در
    عشق نانگ آپر، خبر کاڌن کان پوي
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    واهه واهه
    سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو