محمد عيسيٰ ڀٽو هن وقت پاڪستاني معاشرو سياسي ۽ سماجي تبديلي جو بيچيني سان انتظار ڪري رهيوآهي پر تبديلي جي نوعيت ۽ رخ ڪهڙو هوندو اهو هڪ غور طلب سوال آهي پر هن وقت عوام ۾ ڇانيل بيچيني ظاهر ڪري ٿي ته عوام تبديلي چاهي ٿو پر ان جو تعين ڪرڻ ضروري آهي نه ته ان مان غير جمهوري قوتون به فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون جنهن ۾ تبديلي جو رخ ڪنهن ٻئي نموني سان تبديل ٿي وڃڻ جو خدشو پڻ موجود آهي، ان صورتحال جي پيش نظر ڏسڻو اهو آهي ته پيپلزپارٽي جي حڪومت پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ وسيلاءِ حق جهڙا پروگرام ڏئي عوام جي ذهنن کي پنهنجي طرف مائل ڪري تبديلي جي رخ جو تعين ڪري سگهي ٿي يا مسلم (ن) جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي وزيراعلي ميان شهباز شريف پاران پنجاب اندر دانش اسڪول اسڪيم ۽ شاگرن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ وارو تاثر عوام جو ڌيان پاڻ طرف ڇڪائي تبديلي جو ذريعو بڻجي سگهندو. اهڙي طرح عمران خان مسلم ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي هڪئي وقت نشانو بڻائيندي انهن خلاف ڪرپشن جي مهم هلائي هن ملڪ جي نوجوانن کي متحرڪ ڪري پنهنجي لاءِ تبديلي جي راهه هموار ڪرڻ ۾ مصروف آهي پر ڏسجي ته هو ان ۾ ڪيترو ڪامياب وڃي ٿو اهو وقت ٻڌائيندو، هوڏانهن مذهبي جماعتون جيڪي سدائين پنهنجي مقبوليت جون دعوائون ڪنديون رهيون آهن ڪنهن ڪارائتي تبديلي جو ٻارڻ ٻاري وينديون جن جي رخ جي في الحال اڃا تائين ڪا خبر ناهي ۽ نه عوامي ڀلائي لاءِ هنن وٽ ڪو منشور آهي سواءِ ان جي ته آمريڪا جي مخالفت ۾ جيڪي ووٽ وٺي سگهيا باقي ٻيو ڪل خير. ان لاءِ ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ عام چونڊن جي نتيجي ۾ واقع ڪنهن نئين تبديلي ڏانهن وڌڻ جا ڪي امڪان به آهن يا فقط اهي نعري بازيون ئي نعرن، جلسن جلوسن ۽ ريلين تائين محدود رهجي وينديون جيڪي صرف چونڊن تائين متحرڪ رهنديون. ان کان علاوه ملڪ جي نظام تي بالادستي قائم رکندڙ ملڪ جي ايسٽيبلشمينٽ مٿي ڄاڻايل تبديلين لاءِ تيار به آهي يا نه، پر ان کان هٽي ڪري باقي سياست ۾ تبديلي جي ڪهڙي وضاحت هوندي اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته مختلف سياسي قوتون تبديلي جي ڳالهه ته ڪن ٿيون ۽ عوام جنهن تبديلي جي اميد ڪري سگهي ٿو ته ان ۾ ڪنهن به قسم جو رابطو يا تعلق آهي يا صرف چونڊن جي چوٻول تائين تبديلي جي ڳالهه رهندي پر جيسيتائين عام ماڻهن جو تعلق آهي ته انهن کي ڪنهن به قسم جي ڪا غرض ناهي ته ملڪ ۾ ڇا تي رهيو آهي يا ملڪ ۾ ڪهڙو نظام لاڳو آهي يا ڪهڙو نظام لاڳو ڪيو ويندو اهي ته پنهنجي غربت جي انڌيرين راتين ۾ گم ۽ ملڪي معاملاتن کان بي نياز آهن جن جو مسئلو صرف روزگار جي فراهمي، کاڌي پيتي جي شين تائين با آساني سان رسائي ۽ امن امان جي بهتر صحولت مهيا ڪرڻ سان آهي. هوڏانهن سول سوسائٽي پنهنجي علم ۽ مطالعي جي روشني ۾ اهو سمجهي محسوس ڪري رهي آهي ته عام ماڻهن جي مسئلن جو حل سٺي حڪمراني سان مشروط آهي ڇو ته اهي ڄاڻن ٿا ته شفافيت، احتساب ۽ جوابده جو متحرڪ مڪينزم سٺي حڪمراني جا بنياد فراهم ڪري ٿو ۽ سٺي حڪمراني جمهوريت جي ذريعي ئي ممڪن بڻجي سگهي ٿي پر جمهوريت صرف ڪنهن هڪ جماعت يا فرد جي ووٽ سان چونڊجي اچڻ سان يا ڪنهن جماعت جي اڪثريت سان چونڊجي اچڻ جو نالو ناهي پر فيصلا سازي ۾ پارليامان جي خودمختيار حيثيت، آئيني طور آزاد عدليا، غير جانبدار ۽ خودمختيار اليڪشن ڪميشن ۽ فعال زراءِ ابلاغ جمهوريت ۽ جمهوري قدرن کي تقويت پهچائڻ جو سبب آهن پر پاڪستان جو معاملو دنيا جي ٻين ملڪن کان گهڻو مختلف ۽ نرالو آهي، هن ملڪ جي قيام جي حوالي سان سياسي قيادتون ڪهڙي به دعويٰ ڇون ڪنديون هجن پر اها حقيقت آهي ته اسان جي پوري سياسي ۽ معاشي عمل ۾ اهي عالمي استعماري قوتن جو اهم ڪردار رهيو آهي جن صدين کان هن خطي کي ”گريٽ گيم“ ڪنهن وڏي راند جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي اهوئي سبب آهي جو هتان جون نمائينده ۽ غير نمائينده قوتون ٻنهي صورتن ۾ سدائين انهن ئي قوتن کي اقتدار تي آندو آهي جيڪي سندن جي ئي مفاد لاءِ ڪم آيون آهن ۽ جيڪڏهن انهن قوتن مان ڪنهن به حڪمران ڪنهن به سطح تي پنهنجي مرضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان کي عبرت جو نشان بڻيايو ويو آهي، اهڙي واقعن سان اسان جي ملڪي تاريخ ڀري پئي آهي. 1950ع کان 1991ع تائين ڇو ته پاڪستان کي سوويت يونين جي خلاف استعمال ڪرڻو هو ان لاءِ ترقي پسند سياسي مفڪرن کي سياسي قوت بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ مذهبي قوتن کي توانائي ڏني وئي پر سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ اسلام ازم جهڙا اصطلاح هاڻي بي معني ٿي چڪا آهن ۽ خاص ڪري آمريڪا لاءِ زهر بڻجي چڪا آهن. عالمي سطح جي معاملن تي نظر رکڻ وارا تجزي نگار ان ڳالهه تي متفق آهن ته 60 سالن جي دوران هن خطي جي معاملن تي پهريون ڀيرو آمريڪي منصوبا ساز ادارن ۽ پاڪستان جي ايسٽبلشمينٽ جي وچ ۾ حقيقي معني ۾ دوري پيدا ٿي آهي جنهن جو ماضي ۾ ڪڏهن به اهڙو مثال نٿو ملي. ماضي ۾آمريڪي منصوبا ساز ادارا پاڪستان کي دفاعي امداد ڏيڻ وقت اهي شرط لاڳو ڪندا هئا ته انهن پاران ڏنل هٿيار اوڀر واري سرحدن تي استعمال نه ٿيڻ کپن پر سرد جنگ جي پوري دور ۾ آمريڪا پاران نرم رويو اختيار ڪيو ويو صرف دنيا کي ڏيکارڻ خاطر ان کي ڌمڪين تائين محدود رکيو پر سرد جنگ کان پوءِ هندستان ۾ انهن کي خاص مفاد ڏسڻ ۾ آيا ان لاءِ پاڪستان کي اوڀر وارين سرحدن تي توجه ڏيڻ ناقبل برداشت ٿي پيو، هي اهو ئي تاثر وارو فرق آهي جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ بداعتمادي واري فضا پيدا ٿي پئي جنهن هاڻي ڪمزور سفارت ڪاري جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي جيڪڏهن پڙهندڙن کي منهنجي ڳالهه تي ويساهه نه اچي ته اهي سابق امريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ هنري ڪسنجر جي سوانح پڙهن ته انهن کي ڪافي معاملن جي خوب ڄاڻ ملي ويندي. مٿين ڳالهين مان اهو هرگز تاثر وٺڻ نه گهرجي ته پاڪستان ۾ عالمي قوتن جي مرضي جي بغير ڪو پکي به پر ماري نٿو سگهي پر ڪنهن نه ڪنهن سطح تي ڦڏي واري صورتحال جي گنجائش موجود هوندي آهي، پر جوش جي بدران هوش کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ دانشمندي سان اهي فيصلا ڪرڻ سان انهن اهم معاملن کي ڪنهن حد تائين گرفت ۾ آڻي سگهجي ٿو پر جيڪو طريقو پاڪستاني ايسٽيبلشمينٽ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي اهو نه فقط غير ملڪي قوتن کي سڌو سئون مداخلت جو موقعو فراهم ڪري ٿي پر اندروني ملڪ ۾ به خلفشار وڌڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ سڌو سئون ٽڪراءُ يا بليڪ ميلنگ جي پاليسي اختيار ڪرڻ بدران متبادل راهه تلاش ڪرڻ تي توجه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. اهو طئي آهي ته خارجه پاليسي ۾ بنيادي تبديلي جي بغير پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي مثبت تبديلي ممڪن نه ٿي سگهندي. ٻي ڳالهه اها آهي ته رياستي منصوبه ساز ادارن ۽ ايسٽيبلشمينٽ کي خدا ڪري جلد سمجهه ۾ اچي وڃي ته اهو هن ملڪ جي مفاد ۾ ايترو ئي بهتر آهي، ڇو ته پاڪستان ۾ جمهوريت کان علاوه ٻيو ڪوبه نظام نه هلي سگهندو ان کان علاوه اسان جي معاشري ۾ انتها پسند نظريو رکندڙ حامي جماعتن لاءِ في الحال ڪا به گنجائش موجود ناهي، پاڪستان ۾ سياسي سماجي ڪمپوزيشن جنهن رخ سان روان دوان آهي ۽ جهڙي طرح سول سوسائٽي ۽ متحرڪ ميڊيا پاڻ ۾ شامل ٿي رهيون آهن اتي فقط Centreright۽Centreleft قسم جون لبرل جماعتون ئي جمهوريت جي سلسلي کي اڳتي وڌائي سگهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي خامين ۽ خرابين، ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي باوجود به پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ عوامي نيشنل پارٽي کان علاوه ڪنهن حد تائين تحريڪ انصاف (پر شرط اهو آهي ته هو هن خطي جي حالتن جو ادراڪ ڪندي پنهنجي راهه جو تعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪري) کي سياسي طور هاڻي تسليم ڪرڻ ۾ ڪو هرج ناهي ڇو ته ايسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي هيٺ دفاع پاڪستان جو قيام يا طالبانائيزيشن جهڙيون Adventure يعني عجيب قسم جماعتون پاڪستان جي لاءِ مشڪلاتون ئي پيدا ڪري سگهن ٿيون. ان لاءِ ايسٽيبلشمينٽ کي سياسي عمل ۾ مداخلت ۽ نظام حڪمراني کي پنهنجي مرضي جي مطابق هلائڻ جي ماضي واري روش ڇڏي سياسي جماعتن تي اعتماد ڪرڻ تي زور ڀريو پيو وڃي. ان کان علاوه جيڪڏهن ڪا سياسي جماعت ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ ڪامياب ٿي اقتدار ۾ اچي وڃي ٿي ته ايسٽيبلشمينٽ کي ان کان پري رهڻ جو مشورو ڏنو پيو وڃي ۽ حڪومتي پاليسي سازي ۾ انهن جي مداخلت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آهي نه ته اڳتي هلي ڪري جمهوريت جي ناڪامي ملڪ جو مقدر بڻجي سگهي ٿي، ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته وقت ثابت ڪيو آهي ته سياست کي ماضي وانگر ايسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي هلائڻ ممڪن ناهي رهيو، ڪجهه عالمي حالتون ۽ ڪجهه عوامي سياسي شعور سياسي جماعتن کي مجبور ڪري رهيو آهي ته اهي هاڻي پنهنجي درست پاليسين جوڙڻ سبب ملڪ اندر حڪمراني کي بهتر بڻائي سگهن ٿيون ته جيئن عام ماڻهو کي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي رليف ملي سگهي. موجوده حڪومت لاءِ هي مناسب وقت آهي جڏهن سياسي جماعتون ڪنهن حد تائين غير جمهوري طاقت جي عتاب هيٺ ناهن ۽ ڪنهن سياسي دٻاءَ جي بغير پارليامان پنهنجي مرضي سان پاليسي سازي ڪري سگهن ٿا، جڏهن سياسي جماعتون تبديلي جي ڳالهه ڪري رهيون آهن انهن کي اهو سوچڻو پوندو ته تبديلي يا انقلاب جي ڳالهه ڪرڻ ته آسان آهي پر ان تي عمل ڪرڻ انتهائي ڏکيو ۽ مشڪل ڪم هوندو آهي ڇو ته پاڪستان هن وقت خارجي ۽ داخلي خلفشار سبب انتهائي ڪمزور ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ٿوري به غيرزميدراڻي روش ان جي وجود لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي. هونئن به معاشي سمت طئي ڪرڻ بغير سماجي ترقي جو تصور ممڪن ناهي ان لاءِ تبديلي جو اهڙو ڍنڍورو نه پٽيو وڃي جو پاڻ به انهن لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ۽ ملڪ به هڪ بي راهه مسافر وانگر شڪل اختيار ڪري وڃي. هن وقت ملڪ ۾ ٿوهر جي وڻ جهڙي جمهوريت هلي رهي آهي جنهن مان عام ماڻهو کي ڦل ملي رهيو آهي نه ڇانو پر تنهن هوندي به اها عام چواڻي آهي ته مارشلا کان لولي لنگڙي جمهوريت بهتر آهي تنهن ڪري هن خزان ۾ بيٺل جمهوريت جي ٻوٽي کي رت ست ڏئي عوام جي ڀرپور شرڪت سبب ان کي سائو ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ان چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ ناهي ته هي جمهوريت جو ٻوٽو ڪنهن پاڻي لپ تي سائو ڪون ٿي رهيو آهي پر هن کي سائو رکڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد محترمه بينطير ڀٽو سميت ملڪ جي مڙني جمهوريت پسند ماڻهن جو خون پسينو شامل آهي پر ملڪ ۾ اقتدار جي حوس ۽ ان جي حصول لاءِ اڃا به سياسي جماعتن اندر ويڙهه جاري آهي جن کي ڪنهن به قسم جو ڪو خيال ناهي ته هنن جي اندروني سياسي ويڙهه سبب ملڪ جو ٻيڙو غرق ٿي رهيو آهي. سڀئي سڄاڻ ڌريون ان ڳالهه تي متفق آهن ته ملڪ ۾ جيڪي به سياسي ڌريون آهن انهن کي ملڪي سالميت کان وڌيڪ پنهنجا ۽ پنهنجي پارٽي يا تنظيم جا مفاد عزيز آهن، ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن اندروني خانه جنگي ۽ خلفشار وڌي رهيو آهي، ملڪ جي مڙني وڏن شهرن ڪراچي کان ڪوهاٽ ۽ ڪوهه تفتان کان وٺي لاهور تائين جهڙا ننڍا وڏا شهر ڏاهارين جو مرڪز بڻجي چڪا آهن، اهڙي صورتحال جي باوجود به اهي سياسي ڌريون ڪن لاٽار ڪري ڏاهارين کي ڇڙواڳ ڇڏي رحمان ملڪ جهڙن وزيرن کي اڳ ۾ ڪري رياستي ليول تي انهن جي پٺي ٺپرائي پئي وڃي ته پوءِ هن ملڪ جي ڪهڙي خدمت ٿي سگهندي. بس پوءِ عوام ان اميد تي ته ڪا مثبت تبديلي اچي وڃي جنهن سان ملڪ منجهان غربت جو خاتمو ٿي وڃي ۽ عام ماڻهو کي رليف ملي سگهي جنهن جي آسري تي هو جي رهيو آهي. meb_110@yahoo.com