انجنيئرنگ جي ڪمال ۽ پنهنجي ثقافت ۽ ورثي سان پيار جو نمونو هن کان وڌيڪ به ڪو ٿيندو آهي ڇا ؟ !!! سئزرليند جي شهر زيورخ ۾ انجنيئرن 6000 ٽن وزني هڪ تاريخي عمارت کي 60 ميٽر پري منتقل ڪري حيران ڪري ڇڏيو آهي۔ ياد رهي ته اها بلڊنگ زيورخ ريلوي اسٽيشن جي توسيعي منصوبي ۾ اچي رهي هئي ۽ هن کي ڊاهڻ جو سوچيو پئي ويو۔ پر پوء هڪ سوئيز ڪمپني 122 ساله ان تاريخي عمارت کي خريد ڪري 500 رولرز ۽ هائيڊرولڪ پراسيسرز جي مدد سان ان عمارت کي پنهنجي اصل جاء تان کسڪائي 60 ميٽر پري منتقل ڪيو آهي۔ ان عمل دوران 80 ميٽر ڊگهي ۽ 12 ميٽر ويڪري عمارت کي ڪوبه نقصان ڪونه پهتو ۽ هن سڄي عمل ۾ ساڍا ٻارنهن ملين ڊالر خرچ آيو۔ هماري ويب جي ٿورن سان
اِهو ڪو سولو ڪم نه هوندو ؟ اتان جي قوم کي ڇو نه ؟ سلام پيش ڪجي ، جنهن پنهنجي صرف سوا صدي جي اثاثي کي محفوظ ڪيو آهي ۔ اهڙيون قومون ڇو نه پوري دنيا تي راڄ ڪن ؟ دنيا جو قديم ترين اثاثو منهنجي شهر لاڙڪاڻي کان 28 ڪلوميٽر پري منهنيا جو دڙو موجود آهي ۔ جنهن جي حالت ڏسي دل رت روئي ٿي ۔ پراوا ته آهن ئي پراوا انهن کي اسانجي ثقافت سان ڪهڙو پيار ؟ پنهنجن کي اسٽوپا ۽ شاهي تلاءَ (سوئمنگ پول) ۾ صرف ۽ صرف مذهبي منافرت جي ڪري پيشآب ڪندي ڏٺو آهي ۽ غليظ قسم جا جملا جي سُڌارٿ المعروف گوتم ٻڌ جي باري چيا ويا ۽ جڏهن اسان اهڙي رويي تي احتجاج ڪيو ته جواب مليو ته توهان ته آهيو ئي جي ايم سيد جا پوئلڳ ، دودي ڏاهر جي اولاد ۔ ماحول جي نزاڪت کي ڏسندي ماٺ ڪئي هئي سين ۔
مٺڙا ڀاءُ سليمان! سڀ کان اڳ ته واقعي حيران ڪندڙ، ڏندي آڱريون ڏيندڙ خبر آهي ۔۔۔۔ ادي جمالي جيئان انهن قومن کي سلام هجي۔ آءُ اڪثر اهو چوندو آهيان ته آزاد قومون هميشه معجزا ڪري ڏيکارينديون آهن، آزاد قومون پنهنجا اثاثا بچائي وٺنديون آهن، آزاد قومون پنهنجي ناڻي کي اهڙن ڪمن تي خرچ ڪنديون آهن جيڪي اسان لاءِ معجزا هوندا آهن ۔۔۔۔۔ پراڻي زماني ۾ جيڪڏهن اهو ڪم ٿئي ها ته پڪ سان معجزو چورائي ها يا وري جنن جو ڪم ۔۔۔۔ آزاد قومون پنهنجي قوم لاءِ امن ۾ فرشتا، ترقي جي ڪم ۾ جن ۽ دشمن لاءِ ملڪ الموت هونديون آهن ۔۔۔۔