زندگي جي اننگ مان زندگي جي پڄ تي اڪيلو بيٺو آهيان،وقت بي رحم بولروانگرآهي۔مان خوشي جو شاٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر منهنجي چوڌاري غم جي فليڊنگ جو مضبوط دائرو مضبوطي سان پکڙيل آهي،جيڪو مون کي پنهنجي ڪريز تي بيهڻ لاء مجبور ڪري پيو۔جڏهن مون محبت جو چوڪو هنيو ته زماني جا سنگدل تماشائي مون کي نفرت جي نگاهن سان گهورڻ لڳاء۔پوء مان پيار جي رنس وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته سلپ تي بيٺل تيز رفتار فليڊر فورن بال پڪڙي،وڪيٽ ڪيپر کي واپس ڪئي۔مان ايڏو پريشان ٿي ويس جو ڦل ٽاس جهڙي قسمت واري بال کي به نه کيڏي سگهيس۔بولر ايل بي ڊبليو جي اپيل ڪئي پر ميچ جي ايمپائرمون کي ناٽ آئوٽ قرار ڏئي ڪريز تي بيهڻ جو اشارو ڪيو۔آخرڪار صدمن جي بالر مون کي ڪلين بولڊ ڪري ڇڏيو۽ مان مايوس ٿي ڪري،مخا لفن جون خوشيون ڏسندي زندگي جي گروانڊ کان هميشه روانا ٿي ويس۔ان وقت مون کي احساس ٿيو ته مان ڇو نه پنهنجي زندگي ۾ نيٽ پيڪٽس ،رياضت ،محنت ۽ مستقل مزاجي ڪري پنهنجي غمن کي خوشين ۾ بدليو ۽ مان پاڻ سان ڪهڙي محبت ۽ رياضت کڻي وڃي رهيو آهيان(ڪابه نه)
مطلب ته زندگي به ڪرڪيٽ راند وانگر آهي ۔۔۔۔۔ اوهان جي سهڻي لکڻي جنهن ۾ ڪرڪيٽ راند جا سڀ ڪم ، سموريون ڪرتون شامل آهن۔
سڀ کان پهريان ته هن زندگيءَ جي ڪرڪيٽ ۾ آخري جملو وڏي ڪم جو آهي ”مان ڇو نه پنهنجي زندگي ۾ نيٽ پريڪٽس ،رياضت ،محنت ۽ مستقل مزاجي ڪري پنهنجي غمن کي خوشين ۾ بدلايو“ ڪرڪيٽ سميت زندگيءَ جي راند ۾ پڻ مٿين شين جي اشد ضرورت پوي ٿي۔ لکڻ وارو ڪرڪيٽ راند جو ڪو ڀلو کلاڙي آهي۔ لک قرب۔۔۔۔ سمجهداريءَ وارو ونڊ