هههههههههههه ۔۔۔۔۔۔ اسان سڀ ان ئي مرض ۾ مبتلا آهيون، پر هي ته صرف فيسبڪ جو آهي پر اسانجي سنڌن ۾ ته سنڌ سلامت به ويهجي وئي آهي ۔۔۔۔ اصل ڪجهه دير سنڌ سلامت بند ٿي ٿئي سهڪو ٿي ٿو پوي ۔۔۔۔ الله ڀلي ڪندو دنيا ۾ مرض گهڻا ئي آهن محبت کانسوا
بلڪل ڀاء ۔۔۔ اوهان جي ڳالهه ۾ وزن آهي دعاگو آهيون ته هر سنڌي ان مرض ۾ مبتلا ٿئي ۽ سنڌ سان حد کان وڌيڪ پيار ڪري۔
ڀل رکو ڪنهن خراج کان ٻاهر مان نه هودس سماج کان ٻاهر مان نئين دور جو ڪوي آهيان هر پراڻي رواج کان ٻاهر مئڪش سومرو هاڻ ملريا کان وڌيڪ فيس بڪي بيماري وڌيڪ پکيڙ ڪري چڪي آهي، پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو اهڙي خراب جراثمي اثرن کان ڪو اسپري ڪرايو وڃي پنهنجي شهرن ۾
ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم،توهان رڳو فسي بوڪ جي مريضن جو حال ٻڌايو آهي،ڇا خيال آهي اوهانجو سنڌ سلامت جي شيدائين جي باري ۾ ؟هو ان اڳڻ کان بغير رهي سگهن ثا؟ان جو اندازو توهان انهن ايس ايم ايس۔ؤ ٽيلفون ڪالن مان ٿيو هوندو جيڪي اوهان کي ڪيون ويون هونديون آهن ان وقت جڏهن ڪجھ ٽيڪنيڪل مسئلن جي ڪري فورم ڪجه دير لاء بند ٿيندو آهي۔ ”سنڌ سلامت فورم سان اهڙي جند لڳي جو ٻيا سڀ فورم وسري ويا“ان جو سبب شايد هن اڳڻ تي هر ميمبر کي ملندڙ عزت،محبت،خلوص ۽ پهنجائپ جو احساس ٿي سگهي ٿو۔هن اڳڻ جو هر ميمبر هڪ ٻئي سان پيار،محبت ۽ خلوص واري مالها ۾ جڙيل آهي۔ توهانجو فيس بوڪ جي مريض واري تصوير ڏسي بي اختيار اسان جي دل مان اها دعا نڪتي”الله پاڪ اسان کا فيس بوڪ جي شر کان بچائجان نه ته اسان ڪم ڪاج کان به هليا وينداسين“(ههههههههههه ههههههههههههههههه هههههههههههههههههههههههه) سٺو ليک۔
ههههههههههههه! پھريان نيٽ جڏھن به خراب ٿيندي ھُئي اھا ئي حالت ھوندي ھُئي، پر جان ڇڏائي موبائيل وٺي ھاڻي ته سڄو ڏينھن فيس بوڪ تي هههههههه
دنيا ڀلي ڪيتري به ترقي ڪري پر فيسبوڪ، گوگل جهڙي ٽيڪنالاجي ڀلي ڪيڏي نه عام ٿي وڃي پر پاڪستان ۾ بجلي ۽ نيٽ جي لوڊشيڊنگ جي ڪري اسان انهن مان صحيح فائدو نه ٿا وٺي سگهون۔ موبائل تي نيٽ هلايون ٿا پر سنڌ سلامت ڏاڍو مسئلو ٿي ڪري، موبائل تي کلڻ ۾ ادا رسيد جي مهرباني آهي جو هڪ هلڪو ورجن انسٽال ڪري موبائل لاء ڪجهه سهولت ڪئي اٿن۔ هاڻي اميد آهي ته سنڌ سلامت جو موبائيل ورجن جلد مهيا ڪري ڏنو ويندو۔
سائين اصل واقعي اسين سڀ ان مرض ۾ مبتلا ٿي چڪا آهيون، منهنجي ڀاءِ نثار ابڙو واري ڳالهه ته فيسبوڪ ته پنهنجي جڳهه تي پر هاڻ ته سنڌ سلامت کان هڪ پل جو وڇوڙو به دم جي بيماري ۾ مبتلا ٿوڪري وجهي، هههههههاهههها۔۔۔۔