چون ٿا ته جڏهن منگول حڪمران هلاڪو خان، بغداد تي حملو ڪري بغداد کي تهس نهس ڪري مسلم حڪمران معتصم بالله کي گرفتار ڪري ورتو ۽ هڪ ڏينهن مانجهاندي جي ماني تي حڪم ڏنائين ته معتصم بالله کي وٺي اچو، جڪڙيل بادشاه معتصم کي هلاڪو خان جي سامهون آندو ويو، جت دسترخوان تي هڪ پليٽ ۾ سون ۽ هيرا رکيل هيا، هلاڪو خان، معتصم سان مخاطب ٿيندي چيو ته ويهه مانجهاندي جي ماني کاءُ ۽ اها سون، هيرن سان ڀريل پليٽ سندس اڳيان ڪئي. معتصم حيران ٿيندي چيو ته هي آءُ ڪيئن کائيندس، هي شيون کائڻ جون ٿورئي آهن .؟ هلاڪو خان چيو ته؛ جي هي هيرا جواهر کائي نٿون سگهين ته گڏ ڪري خزانو ڀري ڇو رکيا اٿئي ... ۽ جيڪڏهن هي خزانو ۽ هيرا جواهر پنهنجي قوم تي خرچ ڪرين هان ته هن وقت آءُ تنهنجي قوم کي فتح ڪري نه سگهان هان ۽ توکي هي ذلت ڏسڻي نه پوي ها“.
وقت جي ٻنهي بادشاهن جي گفتگو زبردست آهي ۽ اهڙن تواريخي جملن مان نصيحت حاصل ڪرڻ کپندي آهي ۔ پليٽ ۾ جيڪي سِڪا ۽ نوٽ ڏيکاريا ويا آهن نه ته اهي منگوليا جا آهن نه ئي وري بغداد جا آهن دنيا جي تازي ڪرنسي يورو آهي !!!!!!!!!! ؟؟؟؟؟؟
تمام وڏيون ڳالهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪاش اسان ان مان سکون ۽ اهو ڪي ڪيون جو مينهن وسندي ڪم اچي۔ علم ۽ پنهنجي حفاظت لاء هٿيار هن وقت جي اهم ضرورت آهي، پر هٿيار وٺڻ جو جو مطلب اهو ناهي ته لاپرواهي ڪيون ۽ ان جو غلط استعمال ڪيون۔
يار سليمان! جڏهن به هٿيارن جي ڳالهه نڪرندي آهي ته مونکي پنهنجو فائيل ياد ايندو آهي ۔۔۔۔ خئير نينگر به ننڍي جمع به گهڻا ۔۔۔۔ عيد تي حساب ڪتاب ٿيندا ۔۔۔۔ هههههه