22 مئي واقعي تي سنڌي ميڊيا ۽ اردو ميڊيا جو ڪردار۔۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄ ادا سليمان فيس بوڪ ميسيج ڪري هڪ يوٽيوب وڊيو جو لنڪ موڪليو۔۔۔
    مون وٽ خبرون ٻڌڻ کان وٺي وڊيو ڏسڻ تائين وقت گهٽ هوندو آهي۔۔۔ سندس وڊيو کي به نظر انداز ٿي ڪيم ته ادا سليمان چيٽ ميسيج ۾ لکيو ته انهي وڊيو ۾ اردو ميڊيا جي اينڪر طلعت اردو ميڊيا تي تئو مليندي وائکو ڪيو آهي۔۔۔
    حيرت ٿيم ته اردو ميڊيا جو ئي ماڻهون اردو ميڊيا تي تنقيد ڪيئن ڪندو ان ڪري وڊيو کي ڏسڻ شروع ڪيو۔۔۔
    محبتِ سنڌ ريلي تي ڪراچي وارن جهڙي طرح منصوبا بڻائي فائرنگ ڪئي ان کي اردو ميڊيا عام دهشتگردي جو واقعو ڏيندي اهو تائين ٻڌايو ته شهيد ٿيندڙ سنڌياڻي غزالا دراصل راهگير عورت هئي ۔۔ جڏهن ته سنڌي ميڊيا پنهنجي مڪمل رپورٽن سان صاف ٻڌايو ته هي پهرين شهيد سنڌياڻي آهي۔۔۔
    دوستو حقيقتن تي مشتمل طلعت صاحب جي هن پروگرام کي وقت ڪڍي ضرور ڏسجو ته جيئن سڄڻ دشمن جي ڪل ڄاڻي سگهو۔۔۔ براءِ مهرباني پروگرام جي اردو هجڻ کي نظر انداز ڪجو۔۔

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڳالهيون ته سڀ صحي ڪيون اٿس ته ڪجهه ميڊيا وارا هڪ مخصوص نظرئي ج تحت ڪم ڪنٿا جنهن سبب قومن کي گمراهه به ڪنٿا ۽ شرانگيزيءَ جو ڪارڻ به ٿين ٿا ۽ ڪوڙ جي بنياد تي ڏوهاري به ٿين ٿا، جيئن خاص ڪري جيئو جو ڪردار ۔۔۔۔ هن صاحب پڻ پاڪستان جي تناظر ۾ ايجنسين ۽ ميڊيا کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪوڙ ۽ ڪوڙ جي عيوض ٿيندڙ نقصانن طرف اشارا ڪري خبردار ڪيو آهي ۔۔۔ سچ چوڻ تي کيس سلام ۔۔۔۔

    پر يار رشيد! ڀلا ڪن ڀلايون۔ مدايون مدن ۔۔۔۔ جن جي من ۾ کوٽ آهي ۽ سنڌ دشمني آهي انهن جي آڏو رباب وڄائڻ مان ڪو فائدو ۔۔۔؟؟؟؟؟

    سنڌ کي ڏاهپ سان ۽ مڙسيءَ سان هن موجوده انڌاري دور مان نڪرڻو پوندو ۔۔۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهي ڳالهيون جن تي اسان ڳالهائيندا هئاسون سي طلعت حسين پڌريون ڪري پاڻ کي نام نهاد قومي ميڊيا سڏائيندڙن جي پت وائکي ڪئي آهي۔ جيتوڻيڪ طلعت جنهن چينل تي آهي اتي به ڪراچي جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافي گهڻو ڪري من پسند خبرون ۽ رپورٽون پيش ڪندا آهن۔

    مون سميت گهڻا دوست پنهنجي سنڌي ميڊيا تي ناراض رهندا آهن پر قومي اشوز تي هنن جي رپورٽنگ ۽ تجزيا ساراهه لائق هوندا آهن۔ اسان جا ڪجهه صحافي دوست دشمنيون کڻي به سچي رپورٽنگ ۾ لڳا پيا آهن۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جيتوڻيڪ جو طلعت حسين جو تعلق اردو ميڊيا سان آهي۔ پر ان باوجود به سندس اهڙو پروگرام ڪرڻ هڪ سٺي پاسي قدم آهي۔ طلعت حسين جو ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ پروگرام پڻ ٿيو جنهن ۾ هن حڪومت مٿان تنقيد ڪندڙ صحافين کان سرڪاري پرڏيهي دورن دوران ملندڙ ٽي اي ڊي اي جي نالي تي ڏوڪڙن جو حساب ورتو۔ سنڌي ميڊيا جا ڪجه چئنل سنڌ جي حقن خاطر حقيقي طور پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهن۔ ته انهن مان ئي ڪجهه وري پنهنجو کيسو گرمائڻ جي پويان لڳل هوندا آهن۔ 23 مارچ جي تاريخي مارچ جي بهترين ڪوريج ڪرڻ تي سنڌ جو سپوت بشير خان قريشي آواز ٽيوي جي آفيس آيو ۽ ڪوريج ڪرڻ تي ٿورا مڃيا۔۔۔۔ اهڙي طرح سنڌ ٽي وي تي ٺهندڙ اسٽوريز پڻ هڪ الڳ ڪلاس رکن ٿيون۔۔
    سنڌي چئنلز جيڪڏهن پنهنجي ايمپلائيز جي پگهارن کي انهن جي حق مطابق ادا ڪن ته سنڌي نوجوان سندن ٽيلينٽ کي کلي دل سان سامهون آڻي۔ ڪار آمد بڻائيندا۔۔۔
    بهترين پروگرام۔۔۔۔ ونڊ ڪرڻ جي مهرباني۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ادا ذيشان اوهان جي توسط سان اهو پروگرام ڏسڻ جو موقعو مليو۔۔۔ اردو ميڊيا خاص طور تي جيو چينل (شل باه لڳيس) وارن جي تعصب جي باري ۾ ته تقريبن هر سنڌي واقف آهي۔۔۔ پر اهڙي وقت تي طلعت حسين جو پروگرام نام نهاد قومي ميڊيا جي پت وائکي ڪرڻ لاء ڪافي آهي۔۔۔

    ڇو نه ٿا اسان جا سنڌي چينلن جا مالڪ اردو ۾ به چينل شروع ڪن!؟ پنهنجي ڀڳل ٽٽل سنڌي لهجي واري اردو ۾ غير سنڌين تائين پنهنجو اصلي آواز پهچائين؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. محمد عالم

    محمد عالم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 جون 2010
    تحريرون:
    50
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    انشورنس
    جي ھا دوستو طلت حسين واقعي اردو ميڊيا تي حقيقتن تنقد ڪئي آھي ۽ ائين ٿيڻو ھو ، آخر اردو ميڊيا ڪيترو ڪوڙ ڳلھائيندي۔ پر اسان جا ڪافي سنڌي اردو ميڊيا کي ڏسندا آھن ۽ خاص طور جيئو چينل کي جيڪو سڌو سئون ھڪ طرفو ٿيو بيٺو آھي۔ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي خبرن کي ڪڏھن به نشر نه ڪندو آھي۔
    آئون جناب طلت حسين کي ۽ سنڌي ميڊيا کي سلام پيش ڪريان ٿو جن ھر ڳالھ کي وائکو ڪري ڇڏيو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڪولاچي عبدل

    ڪولاچي عبدل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    58
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    تمام سٺي ونڊ آ ادا اميد ت اڳتي ب اهڙي ونڊ ڪندا رهندا۔شال سکيا هجو سدا آمين ثم آمين۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سجاد علي چنا صاحب جي سٺي صلاح آهي، سنڌ جا سنڌي سرمائيدار اردو زبان ۾ چينل کولي تمام گهڻو ناڻو ڪمائڻ سان گڏ سنڌ جي مسئلن جي سٺي ڪوريج ڏئي سگهن ٿا، جتي اردو ميڊيا وارا لنوائي وڃن ٿا اتي سنڌ جا اردو چينل هئڻ وقت جي اشد ضرورت آهي۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    سچ ڪڏهن به لڪي نه ٿو سگهي ۽ طلعت حسين ان جو عملي ثبوت پيش ڪيو آهي۔اڃان به وقت نه ويو آهي وڏن چينئلن کي اکين تان پٽيون لاهي سچ لکڻ لاء۔سٺي ونڍ محترم سليمان وساڻ جي ذيشان رشيد جهڙي محترم ڏاهي جي ذريعي پيش ڪرڻ جي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو