السلام علڪيم چوندا جتي قلم ۽ زبان کي آزادي نه هجي ته ان قلم کي ٽوڙي يا ان زبان کي ڪپي ڇڏڻ ضروري هوندو آهي ۔۔۔۔ جتي قلم کي لکڻ جي آزادي نه هجي ته ان ديس مان هڪ شريف ماڻهون لاء اتان ڪوچ ڪرڻ ئي مناسب هوندو آهي خاص ڪري ان وقت جڏنهن ڪو ماڻهون اتي رشتن جي زنجير ۾ جڪڙيل هجي ۽ رشتن جي تقدس کي پامال نه ڪرڻ چاهندو هجي ۔۔ته اتان ڪنارو ڪرڻ ئي مناسب لڳندو آهي اسان ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ وارن مان نه آهيو پر اڄ سنڌ سلامت جي هڪ سنيئر انتظاميه جي جملن مان مون کي اهو ئي محسوس ٿيو ته مون کي لکڻ به نٿو اچي ۽ نه ئي مون کي آزادي آهي لکڻ جي سو جتي انسان جي پر ئي ڪٽيل هجن اتي رهڻ ۾ به ڪو مزو ناهي رهندو جي سنڌ سلامت جي انتظاميه جن کي سنڌ جي گدارن جي به سڃاڻ ناهي انهن گدارن جو جي اسان بائيڪاٽ ڪريون ته به اسان قصور وار سڏرايون اسان کي اهو سودو قبول ناهي اسان سنڌ جي گدارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو آهي نه ڪنداسي پر ڪجه دوستن اهو قسم کنيو ته اسان انهن کي به راضي رکڻو آهي اهو اسان کان برداشت نه ٿيندو ۽ انهن جو عزم انهن کي مبارڪ اسان جو عزم اسان کي مبارک سو پهنجي يا علي مدد آهي سدا خوش هجي سنڌ سلامت ۽ سڀ دوست ۽ ميمبر اسان جي دعا سڀني لاء ۔۔۔۔۔۔سنڌ سلامت رهندي پر۔۔۔سلامت نه ٿو رهي سگهي