منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
ڪالهه رات اسين شهيد نياڻي غزاله بتول جي ٽيجهي تي شامل ٿيا سين سندس جي ور مظهر زرداري سان تعزيت ڪئي سين، هن پڻ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته غزاله شهيد جهڙي بهادري سان قاتل دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪايو ان جرئت ۽ بهادري اسان جا ڳاٽ اوچا ڪري ڇڏيا آهن، سنڌي قوم جو ڪنڌ اوچو ڪري وئي، اها اسان غيرتمند مردن لاءِ مثال قائم ڪري وئي ته سنڌ جون نياڻيون ڪنهن پل به پٺتي نه هٽنديون...هن وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته غزالا شهيد هڪ بهادر سنڌياڻي هئي هن کي سنڌ ۽ سنڌ جي مارن لاءِ ايتري ته حب هئي جڏهن به ڪراچي ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ڪو ميڙاڪو ٿيندو هيوته پنهنجن ٻارن ٻچن جي به فڪر نه ڪندي هئي ۽ سنڌين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اتي پهچندي هئي، هن شهيد نياڻي جون همدرديون هاڻوڪي لياري آپريشن وارن بلوچن لاءِ به هيون، اها هر روز ايڌي سينٽر پهچي لياري واقعي ۾ مري ويلن بلوچن سان عذر خواهي ڪرڻ ويندي هئي، شهيد غزاله سان گڏ ڪم ڪندڙ منهنجا ٻه عزيز پڻ ان ڳالهه جي وضاهت ڪري رهيا هيا ته اتي به آفيس ۾ هن جو بحث ۾ هر وقت سنڌ جا مسئلا رهندا هيا، هوءِ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هر ويل تيار رهندي هئي، انهن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ آيل ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ جيڪي هتي سنڌي ڪيمپن ۾ ترسيل هئا انهن لاءِ پنهنجي هڙان وڙان کاڌ خوراڪ لاءِ هر وقت جاکوڙيندي رهندي هئي ۽ مختلف سامان انهن ڪيمپن تي پهچائي ايندي هئي، غزالا جي بهادري جي هڪ ٻي به داستان انهن ٻڌائي ته موجوده حڪومت جي اچڻ کان اڳ ۾ هيء ڪانٽريڪٽ تي رکيل هئي ته انهن جي ڊيپارٽمينٽ جي يونين آفيس ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي هڪ تصوير لڳل هئي ڪجهه متحده جي ورڪرن اها تصوير اتان هٽائي پنهنجي قائد جي تصوير لڳائي تنهن تي اتي موجود ڪنهن به سنڌي مرد اها جرئت نه ڪئي ته محترمه بينظير جي تصوير ڇو هٽائي وئي آهي، ڇو ته اهي انهن غنڊن کان ڊڄي رهيا هئا،، تنهن تي مسز غزاله کي جڏهن خبر پئي ته ان جرئت جو مظاهرو ڪندي انهن جي يونين جي جوائنٽ سيڪريٽري کي منهن تي ٿڦ وهائي ڪڍي ٰ۽ ان کي چيلينج ڪندي چيو ته هن مهل جو هن مهل پنهنجي قائد جي تصوير هٽائي محترمه جي تصويرساڳي جڳهه تي لڳايو نه ته سٺو نه ٿيندو، تنهن تي انهن پوءِ به پنهنجي ڏاڍائي جو مظاهرو ڪندي مسز غزاله سان جهڳڙڻ لڳا، تنهن تي مسز غزاله پاڻ ٽيبل تي چڙهي انهن جي قائد جي تصوير زمين تي اڇلي ۽ محترمه جي تصوير لڳائي، تنهن کانپوءِ وڏو هُل هنگامو به ٿي پيو ۽ مسز غزاله کي فائر ڪري نوڪري مان ڪڍيو به ويو، پر ان هن نياڻي جي بهادري جي ڪري اڄ به محترمه جي تصوير اتي ئي لڳل آهي ۽ ڪنهن کي به وري جرئت نٿي سگهي ته محترمه جي تصوير هٽائي سگهي، پوء جڏهن پي پي جي حڪومت آئي ته نئي چونڊيل يونين مسزغزالا کي بحال ڪرايو ۽ ريگيولر پڻ ڪرايو ۽ وري ڪڏهن به متحده وارن کي همت نٿي هن بهادر نياڻي سان مهاڏو اٽڪائڻ جي۔
ان ڏينهن به جڏهن محبت سنڌ ريلي تي وڃي رهي هئي ته سندس جو ننڍڙو پٽ جيڪو سخت بيمار پڻ هيو، ان کي پنهنجي هڪ ڪليگ سنڌي فيملي جي گهر ۾ ڇڏي وڃڻ لڳي ته انهن گهر ڀاتين گهڻو ئي سمجهايس ته تنهنجو ننڍڙو بيمار آهي، ۽ اڄ ڪلهه جا حالات به ٺيڪ نه آهن توهان اڄ ريلي ۾ نه وڃو، تنهن تي غزالا شهيد چيو ته بس شام تائين اچي وينديس توهان منهنجي ٻارڙي جي سار لهجو، اهو ڪڏهن به نه ٿيو آهي جو سنڌ جي حقن جي ڳالهه لاءِ منهنجا سنڌ جا مارو ڳوٺن کان هن تتل اُس ۾ هتي پهچن ۽ اسين انهن سان شريڪ نه ٿيون ان ڪري مون کي گهر ۾ ويهڻ نه ٿو سونهي، پوءِ پنهنجي ڪار ۾ ويهي ريلي طرف رواني ٿي، اتي جيڪا وارتا ٿي اها سڀني اکين ڏٺي شاهدن بيان ڪري ڇڏي ته ڪهڙي ريت هن بهادر نياڻي دهشتگردن جي وحشت جو منهان منهي بهادر ٿي مقابلو ڪيو، ۽ هن پوليس وارن کان هٿيار کسي انهن غنڊن تي سڌا فائر پڻ ڪيا، انهن جي جوابي فائرنگ ۾ مسز غزاله کي شهيد ڪري وڌو، ۽ ظالمن هن معصوم نياڻي جي مٿي تي هڪ وزني پٿر يا بلاڪ به اڇليو هو، اتي جهڙو گوگاءِ متل هيو، سڀڪو پنهنجي سر ۽ ساهه بچائڻ جي جاکوڙ ۾ هيو، اتي هن سنڌياڻي پنهنجو ساهه ڏئي ويساهه ڏئي وئي، تاريخ جو هڪ عظيم ،سچو ۽ ارڏو ڪردار بڻجي سنڌ جي ايندڙ نسل جي بقاءِ جو ٻج ڇٽي وئي..۽ سنڌين کي ايڪتا جي ٻنڌڻ ۾ بڌي وئي، اسين سندس جي عظمت، شجاعت، ۽ بهادري تي کيس سُرخ سلام پيش ڪيون ٿا....اي غزالا شهيد توکي ڪڏهن به نه وساربو، جنهن به توکي وساريو اهو سنڌ جي غدارن ۾ ليکبو..۔۔۔۔سدائين گڏ
توهان جي ننڍي ڀاءِ منّظور عباسي ظرفان تعزيتي ليک