• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهه جو شعر ۽ شاعري

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
سنڌ جي ٿڌي ٿانئري مٽي جيڪي مڻيادار مرۡڪڻ پيدا ڪيا آهن ، تن جا ڪارنامه کين زندهه جاويد رکيو اچن ٿا ۔ انهن ڪارنامن ۾ ، وقت جي ماحول جي پوري پوري تصوير ڇِڪيل آهي ، يعني انسان جي عادات و اطوار ، رفتار و گفتار ، رسم ورواج حرفت ۽ بدعتجو به جيئن جو تيئن پتو پئجي سگهي ٿو ۔
اسانجي لاکيڻي لعل سدا جيئري شاهه ، علم و ادب جي آفتاب و ماهه ۽ شاعرن جي سرتاج ۽ سرمهر جي ڪلام ، بلاغت ابجام سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ اٿاهه ساگر وانگر موجزن رهي ٿو ۔ ٿر بر ، ڪڇ قلات ، ۾ به هر ڪچهري ۾ شاهه جا انمول بيت ايندا رهن ٿا ۔شاهه صاحب جو ڪلام ايترو ته همه گير آهي جو هر موقع مهل لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ، مثلا جيڪڏهن سُستَ کي تنبيهه ڪرڻي آهي ته سندس ڪلام هن طرح
سُتا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري
سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي
يا وري ٻين لفظن ۾
تَتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرين جو
يا
ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا
اسان پارن سُستن لاءِ ڪيڏو نه اخلاقي تازيانه آهي ۔ سچ پچ ته جيڪڏهن شاهه جي ڪلام کي سِڪ سان پڙهون ۽ پِروڙيون پرجهيون ته جيڪر آسانيءَ سان هن دنيا جي بي بقا وِٿن کي ٿُو کٽا چئي ، منزل مقصود تي پهچي وڃون ۔ شاهه جو ڪلام اهو نه آهي جو صرف گذشته وقت سان لاڳو ڪري سگهجي ، پر حال ۽ مستقبل لاءِ پڻ لاڳو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب اُهو وَکر وِهايو آهي جو ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيندو ۔ شاهه صاحب خود ، ان باري ۾ ، فرمائي ٿو :
وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه عئي
ويڇيندي ولايت ۾ ذرو ٿئي نه ضاع
سا ڪا هڙ هلاءِ آڳهه جنهن جي ابهين
شاهه صاحب جو ڪلام ڪو رواجي شاعرن جهڙو نه آهي ، پڙهي کانپوءِ سندس حلاوت هلي وڃي پر شاهه صاحب جو ڪلام جيئن پڙهه تيئن مٺو پيو لڳي ڇڪاڻ ته پڙهندي دل کي راحت ، طبع کي فرحت قلب کي قرار سيني کي سُروُر ۽ اکين کي نور پيو حاصل ٿئي ۔ اهو انهي ڪري جو شاهه صاحب الاهي بحر بي اَنت جي پاتال ۾ پيهي سِپون سوچي ڪڍيون آهن ، جن جي آبدار موتين ،سنڌي ادب جي مالها ۾ جاءِ وٺي نولکي هار جي صورت ورتي آهي ، جا سنڌي ٻولي جي ڪونج ڳلي ۾ هر وجه سونهڻ جي لائق آهي ايئن برابر آهي ته شاهه صاحب جي ڪلام جو اسان وٽ ڪافي قدر آهي پر اهو جنون اڃا نه جاڳيو آهي ، جو ادبي ميدان کي پنهنجي جاکوڙ ۽ انتهائي درجي ،جي ڪوشش سان رڱي ريٽو ڪري ڇڏي ۔
شاهه صاحب جيڪي ادبي واهڙ وهايا آهن تن هر هنڌ موڪون لائي ڇڏيون آهن جنهن ڪري شاهه جي ڪلام ۾ هرهنڌ ادبي گلڪاري ، گلزاري نظر اچي ٿي ۔ علم بديع جي خزاني کي کولي اهڙو ته نروار ڪيو اٿس ، لفظي توڙي معنوي صنعتن سان ڪلام کي اهڙو ته رنگين بڻايو اٿس ۽ اهڙي ٻَڌ ٻَڌي اٿس جو عقل دنگ رهجيو وڃي ٿو ۔
جا هڙ اندر جيءَ ، سا هڙ ڏني ساهه کي
سا هڙ نه ڇڙي ساهه جي ساهر ساهڙ ريءَ
سا هڙ ميڙ سميع ! سا هڙ ڇڙي ساهه جي
ڪيڏو نه سهڻو انداز آهي ۔پر جيڪڏهن عالمانه صحبت کان ٻاهر اهو بيت پڙهبو يعني سُگهڙن جي ڪچهريءَ ۾ ته هُنر ٿي پوندو ۔ شاهه صاحب ٻه درياهي وهائي آهي ته جيئن عالم پنهنجي رنگ ۾ ڏسن ۽ سُگهڙَ پنهنجي ڍنگ ۾ وٺن ۔
شاهه صاحب وقت جي ماحول جو پورو پورو جائزو ورتو آهي ۽ پنهنجي تخيل جي زور تي مام کي اهڙو ته مڙهيو اٿس جو جيسين تائين شاهه صاحب جي ادبي بحر ۾ غوطه زن نه ٿو ٿجي تيسين تائين مام کي پروڙڻ محال ٿيو پوي ۔
ماڻڪ منڌ هٿان پيتيءَ ۾ پئي پرزا ٿيو
سڄو تا سيد چئي لهي لک سوا
ڀڳي پڄاڻان پدمن کان پري ٿيو
جيڪڏهن شاهه جي ڪلام کي دل جي گهرائي سان مطالعو ڪبو ته اُمالڪ ايئن چوڻو پوندو ته شاهه صاحب شاعرن جو سردار ۽ صوفين جو سالار آهي ۔ هرهڪ انسان پنهنجي مزاج مطابق ان مان خط وٺي سگهي ٿو ۔جيئين قُدسي حديث آهي ”المومن مراءَت المومن“ يعني مومن ، مومن جو آئينو آهي تنهنڪري ائين چئي سگهبو ته شاهه صاحب جو ڪلام اها قيمتي وِٿ آهي جا هر وقت ساهه سان سانڍڻ کپي ۔

1975ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر لاڙڪاڻو ۾ هڪ سيمينار ٿيو هو جنهن جو موضوع هو ” شاهه ۽ شاعري “ ان ۾ پنهنجي دور جا ناليوارا اديب شامل ٿيا هئا ، جن ۾ سيد خادم حسين شاهه ، سائين محسن چنو ، الله بخش تنيو ،الله بخش انصاري ،اختر علي جانوري ، ميمڻ مجيد سنڌي ، تراب علي بروهي ، عبدالڪريم سنديلو ، الهداد چغتائي ، الهداد ٻوهيو ، ناظم چانديو ۽ ڪئي ٻيا اديب پنهنجا پنهنجا ليک پڙهيا هيا ۔ هي انهن جون ادا ڪيل سِٽون آهن جي مان ان وقت لکيون هيون ۔
 
لطيف سائين جي شاعريء ۾ فڪر به آهي ته محبت جو پيغام به ۔۔۔۔۔ سندس رسالو ۽ شاعري بيپناهه خوبين سان ٽمٽار آهي۔ سندس ڪلام تي غور ڪرڻ سان وڏيون گهرايون نطر اچن ٿيون۔

اوهان اهڙي محبت ڀريي ۽ فڪر انگيز شاعر بابت سهڻيون سٽون ونڊ ڪيون آهن۔ لک ٿورا
 
Back
Top