اسرائيل جا ظلم ڪنهن کان به ڳجها ناهن ننڍي ٻار کان وٺي ڪراڙي تائين هر ڪو ڄاڻي ٿو ته اسرائيل فلسطينين سان ڪهڙي ريت زيادتيون ڪري رهيو آهي. اڄ فلسطين جو ڪو اهڙو گهر ناهي جنهن گهر جو ڪو ڀاتي اسرائيل جي ظلم جو نشانو نه بڻيو هجي. هزارين فلسطيني هيستائين اسرائيلي فوج جي گولين جو نشانو بڻجي چڪا آهن اڄ تائين فسلطينين جي قتل عام جو سلسلسو جاري آهي. اسرائيل هڪ طرف ته قتل عام جي انتها ڪري ڇڏي آهي ته ٻي طرف پنهنجي ان ناجائز قدم کي درست قرار ڏيڻ لاءِ به جدوجهد ۾ مصروف آهي هڪ سراسر ناجائز رياست جيڪا آمريڪا ۽ برطانيه جي تعاون سان قائم آهي ان طرفان هي ڪوششون گهڻي وقت کان جاري آهن ته کيس تسليم ڪيو وڃي. هزارين فلسطينين جو ناحق وهايل رت وساري اسرائيل سان دوستي رکي هي مڃيو وڃي ته اسرائيلي رياست ناجائز نه بلڪه سراسر جائز آهي ۽ سندن ڪيل تمام ظلم به قابل قبول هئڻ گهرجن. اسرائيل جي رياست ڪيئن قائم ٿي؟ پوري دنيا ۾ دربدر ٿيندڙ قوم يهودين کي هڪ الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ جو موقعو ڪيئن مليو؟ هن سوال جي جواب ۾ اسان کي تاريخ جا پراڻا پنا اٿلائڻا پوندا جيئن صورتحال کي صحيح سمجهي سگهون. اسرائيل جي رياست جي تاريخ يهودين جي تاريخ آهي تاريخ شاهد آهي ته يهودين کي پنهنجو الڳ ملڪ صحيح طرح سان ڪڏهن به ناهي مليو. يهودين ( بني اسرائيل) کي حضرت موسيٰ عليه السلام مصر جي فرعون جي ظلم کان نجات ڏياري حضرت موسيٰ کان بعد اچڻ واري نبي شموئيل 1030 ق-م ۾ حضرت طالوت عه کي بادشاهه مقرر ڪيو حضرت طالوت عه يهودين جي قومي تعصب سبب ٽري پکڙي ويل 12 قبيلن کي متحد ڪيو. طالوت بعد حضرت دائود عه ۽ حضرت سليمان عليه السلام بني اسرائيل( يهودي) قوم جا حڪمران ٿيا. حضرت سليمان عليه السلام جي سلطنت هڪ طرف يمن ۽ ٻي طرف فرات(عراق) تائين پکڙجي وئي. 975 ق- م حضرت سليمان عه جن جي وفات ٿي ان سان گڏ ئي سلطنت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. سلطنت جي ورهائجڻ بعد بني اسرائيل( يهودي) قوم ۾ اقتدار جي باقائده جنگ شروع ٿي. بني اسرائيل جا مختلف ماڻهو حڪمران ٿيا پر سندن حڪمراني گهڻو وقت نه هلي سگهي. يهودين جي حڪومت کي آشوريه جي حڪمرانءِ تگلت پلاسر} ختم ڪيو. ان وقت صرف يروشلم تي يهودين جي حڪومت باقي رهي پر ان حڪومت کي به هڪ ٻي آشوري بادشاههءِ بنو ڪد نضر} ختم ڪيو ۽ يهودي رياست جي بادشاهه صدقياهه سميت سڀني يهودين کي گرفتار ڪري بابل وٺي ويو. 70 سالن تائين هي قوم بنو ڪدنضر جي قبضي ۾ رهي ان بعد شاهه فارس ڪسريٰ(خورس) بابل تي حملو ڪيو ۽ بني اسرائيل کي آزاد ڪرايو. هي قوم هن سان گڏ پنهنجي شهرن ۾ واپس آئي. شروع ۾ هو ڪجهه وقت ايرانين ۽ رومين جي ماتحتي ۾ رهيا. سڪندر اعظم جي وفات بعد يروشلم يونانين جي ور چڙهيو. يونانين يهودين جو قتل عام ڪيو. انهي دوران حضرت عيسيٰ عه جن جو جنم ٿيو هن يهودي قوم جي ڀلائي لاءِ تبليغ ڪئي پر يهودين کين نه مڃيو. ان بعد عيسائيت دنيا ۾ وڌڻ لڳي ۽ يهودي گهٽ ٿيڻ لڳا. 101ع کان 236ع تائين يهودي يروشلم ۾ ايندا رهيا هنن عيسائين جو گهڻو قتل عام ڪيو پر کين حڪومت نصيب نه ٿي. روم جي حڪمران هر قل کين يروشلم مان تڙيو. هي قوم بنيادي طور تي تعصب رکڻ واري قوم آهي الڳ رهڻ جي ذهنيت سبب هي قوم ڪنهن به ملڪ ۾ قوميت جا حق حاصل ڪري نه سگهي ۽ نه ئي ان ملڪ جي قومي تحريڪ جو حصو بڻي. عليحدگي جي هن احساس سبب يهودين جي فطرت ۾ ڳجهيون تحريڪون هلائڻ ۽ سازشون ڪرڻ اچي ويو. مختلف جڳهين تي ڌڪا کائڻ بعد يهودين الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم شروع ڪيو هن تحريڪ جو آغاز سترهين صدي عيسوي کان ٿي چڪو هو سندن پهريون هيڊ ڪوارٽر ءِ دي آنا} هو. 1854ع ۾ لنڊن ۾ هڪ يهودي يهودين جي بقاءَ لاءِ هڪ ڪمپني ۽ 1876ع ۾ هڪ ٻي يهودي جارج ايبٽءِ چول سائن} جي نالي سان هڪ سوسائٽي جي بنياد رکي جنهن جو مقصد فلسطين ۾ يهودين جي آبادي کي گڏ ڪرڻ هو. 1896ع ۾ دي آنا جي هڪ يهودي صحافي ڊاڪٽر هرزل يهودي رياست (Jwesh state) جو باقائده تصور پيش ڪيو. ان جي رهنمائي ۾ 17 آگسٽ 1897ع تي سوئيزر لينڊ جي شهر باسل ۾ يهودين جو جلسو ٿيو هن کانپوءِ يهودين باقائده فلسطين ڏانهن لڏ پلاڻ شروع ڪئي. برطانيه انهن جي گهڻي مدد ڪئي ۽ يهودين برطانيه جي مدد سان عربن کان سندن گهر خالي ڪرائي اتي پاڻ رهيا سرڪاري زمين وڏي پيماني تي يهودين کي ملڻ لڳي. 1936ع تائين يهودين جي فلسطين ۾ آبادي ساڍا چار لک ٿي وئي هئي. برطانيه سان گڏ آمريڪا ۽ روس به يهودين جي حمايت ڪندا رهيا فلسطين جي پاڪ سرزمين تي قتل عام شروع ٿيو ته 29 نومبر 1947ع تي گڏيل قومن هي قرار داد پاس ڪئي ته پاڪ سرزمين کي يهودين ۽ عربن ۾ ورهايو وڃي. هي قرارداد پاس ٿيندي ئي يهودين دهشتگردي جي شروعات ڪئي. ڪجهه وقت ۾ ئي هنن 531 ڳوٺ عربن کان خالي ڪرايا يهودين جون هٿيار بند تنظيمون يهودين جي مڪمل حمايت ۾ مدد ڪري رهيون هيون. هي رات جو عربن جي گهرن کي باهه ڏيندا هئا، رات جي انڌيري ۾ حملو ڪري ماڻهن کي شهيد ڪندا هئا عورتن جي لـــڄ لٽيندا هئا ڪجهه ڏينهن ۾ يهودين 17 هزار عرب شهيد ڪيا ۽ تقريبن 3 لک عرب بي گهر ٿيا. اڃان گڏيل قومن ۾ بحث هلندڙ هئي جو برطانيه فلسطين مان هٿ ڪڍڻ جو اعلان ڪيو. جيتوڻيڪ گڏيل قومن اڃان ان جي اجازت نه ڏني هئي پر ان جي باوجود آمريڪا ۽ روس يڪدم اسرائيلي رياست کي قبول ڪيو. حڪومت قائم ٿيندي ئي يهودين اڌ بيت المقدس تي قبضو ڪري ورتو ۽ ان سان گڏ عرب علائقن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. يهودي دهشتگرد تنظيمءِ هيگانه} فلسطيني ٻارن جا عضوا ڪٽيا، عورتن جون اکيون ڪڍي ورتيون ۽ مردن جون ٽنگون ۽ ٻانهون وڍي ڇڏيون. انهن ماڻهن کي کليل گاڏين ۾ سوار ڪيو زخمي ٻارن ۽ عورتن جو رڙيون اڀ ڦاڙي رهيون هيون کين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهمايو ويو ۽ فلسطينين کي خوفزده ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته جيڪڏهن فلسطين مان نه نڪرندا ته سڀني سان اهو حشر ٿيندو. آس پاس جي عرب رياستن بي سهارا عرب آبادي کي يهودين جي هن ظلم کان بچائڻ لاءِ پنهنجي فوج فلسطين ۾ داخل ڪئي. فوج تل ابيب تائين پهچڻ واري هئي جو آمريڪا ۽ برطانيه جهڙن طاقتن گڏيل قومن ذريعي مداخلت ڪرائي جنگ بند ڪرائي عرب ليگ 11 جون 1948ع تي جنگ بند ڪئي. 17 سيپٽمبر 1948ع تي اسرائيلين ٻيهر جنگ شروع ڪئي ۽ جڏهن يهودي هارائڻ لڳا ته گڏيل قومن ذريعي مارچ 1949ع ۾ ٻيهر جنگ بند ڪرائي وئي ان وقت تائين اسرائيل عربن جي 75 سيڪڙو علائقن تي قبضو ڪري چڪو هو.
ڀاء يونس لک قرب ايڏي تفصيلي ليک موڪلڻ جا۔ تمام گهڻي ڄاڻ ملي، ڇو ته اهڙن تفصيلن جي پهريان ڄاڻ ڪانه هئي۔ عرب ملڪ شايد اسان وانگر ستل هئا جو ايڏي تعداد ۾ يهودي فلسطين ۾ آباد ٿيا ، عرب ملڪن جو پاڻ ۾ اتحاد نه هجڻ به هڪ وڏو سبب ٿي سگهي ٿو۔ فلسطين بابت تفصيلي تاريخ پڙهڻ جو شوق اٿم، ان سلسلي ۾ اوهان جيڪڏهن ڪو ڪتاب ٻڌايو ته مهرباني ٿيندي۔
ادا يونس ملڪاڻي اسلام عليڪم۔توهانجو ليک تمام گهڻي معلومات سان سجيل آهي۔اسرائيلن جون فلسطينن تي ظلم ۽ ڪڌيون حرڪتون،توهانجي ليک ذريعي هن اڳڻ جي ڪينئوس تي ظاهر ٿيون آهن جيڪي کليل الفاظن ۾ نندڻ جي قابل آهن۔شاباس آهي فلسطين جي عوام کي جنهن ايڏا ظلم سهندي به اسرائيلي حڪومت جي اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو ۽ پنهنجي وطن ۽ سرزمين جي موقف تي قائم رهيا۔توهانجو سٺو ليک۔