نثارابڙو
نائب منتظم

هڪ ڏينهن آءُ ڪراچي شهر جي طارق روڊ جي طرف ويندي جڏهن قبرستان واري چوراهي جت وڏو الله جو بابرڪت نالو ٺهيل آهي آيس ته سگنل ڳاڙهو هيو ۽ رات جا لڳ ڀڳ ساڍا يارهن ٿي ٿيا، مون ان ڳاڙهي سگنل جو احترام ڪندي بريڪ هڻي گاڏي بيهاري ڇڏي ته پويان ايندڙ گاڏيءَ واري زوردار هارن وڄائيندي گذري ويو، انکانپوءِ به ڪيتريون ئي گاڏيون گذري ويون ۽ مونکي حيرانگيءَ سان ڏسي رهيا هيا، هڪ گاڏيءَ واري ته آهستي گاڏي ڪري مونکي چتا
ئي ڏٺو، الائجي ڪهڙي نيت سان پر مونکي ڏاڍو عجيب لڳو ته آءُ صرف بيٺو آهيان باقي سڀ گاڏيون هلنديون ٿي رهيون.
آءُ حيرانگيءَ ۾ گهر تائين سوچيندو رهيس ته دنيا جون قومون ڪيئن پنهنجي قانون جو احترام ڪنديون آهن ۽ ڪيئن پنهنجي ملڪ کي امن ۽ سڪون سان هلائينديون آهن، پر افسوس جو سنڌ ويچاريءَ ۾ الائجي ڪهڙا جاهل ماڻهون اچي ويا آهن جنکي قانون يا قومي امن جو ڪو خيال ئي ڪونهي ....
الائجي اها حالت سنڌ جي ڪيستائين رهندي ...؟؟؟؟ الائجي اهو خواب اسين قبر ۾ کڻي وينداسون ...؟؟؟