• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿائيلينڊ جو مشهور آکيرن ۽ وڻن تي ٺهيل ريسٽورانٽ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سونيواڪري ايڪو ٿائيلينڊ جو مشهور ريسٽورانٽ آهي۔ هن ريسٽورانٽ جي خاص ڳالهه زمين کان 16 فٽ مٿي آکيري نما وڻن تي ٺهيل ڪيبن ۾ ويهي کاڌي جو مزو آهي۔ هي ريسٽورانٽ جيڪو هڪ خوبصورت جزيري تي ٺهيل آهي ۽ کاڌو به اوهان کي هڪ اڏرندڙ بيرو پهچائي ٿو۔ 42 ريزارٽ ۽ 21 اڏرندڙ ڪيبنن تي مشتمل هي عجيب ريسٽورانٽ 150 ايڪڙن تي مشتمل هڪ سبز جزيري تي واقع آهي۔

اوهان چاهيو ته ٿڌ، اس، بارش ۽ ڪڪرن واري موسم جو الڳ الڳ مزو وٺي سگهو ٿا ۽ اوهان جي دلچسپي لاء اليڪٽرڪ گاڏيون ۽ بائيسيڪل پڻ موجود آهن۔ مٿي وڻن تي ٺهيل آکيري نما ڪيبن ۾ اوهان پکين جي ٻولين کي به خوب انجواء ڪري سگهو ٿا۔

i8qcmJ4UpHoyn.jpeg
iLe5lbn6zVQv7.jpeg
ibk8qYPriIcuJf.jpeg
ihAq3F6IH1ZNr.jpeg
imQ5tP7TvpEWM.jpeg
iNMyxrJKU9nVE.jpeg
ibi1pFab63Gh2x.jpeg
 
اصل ڪو خواب وارو نظارو ٿو لڳي۔۔۔ اهڙن نظارن کي ڏسي اسان ته پنهنجي اڻپوري خواهشن واري لسٽ وڌائيندا پيا وڃون۔۔۔
 
دنيا جي خوبصورتي ۽ پنهنجي تفريحي ماڳن لاء ڪيل بهتري ڏسي خوشي ٿيندي آهي، پر جڏهن پنهنجي ماڳ مڪانن ۽ تفريحي جاين کي اجڙندي ڏسندو آهيان ته جيء جهري پوندو آهي ۔۔۔۔۔
 
دنيا جا ملڪ پنهنجي زندگي کي فطرتجي رنگن سان رنگجي مزو ماڻي رهيا آهن، پر اسين اهڙي ته ملڪ جو حصو آهيون جتي اهي سڀ ڳالهيون خواب جيان آهن، ائين ٿو ڀاسجي اهڙو ٿيڻ هتي ممڪن ئي ڪونهي، اسان جي سنڌ ۾ اهڙا ڪيترا ئي ماڳ آهن پر خبر نه آهي اسان پنهنجي اکين سان اهڙي ترقي ٿيندي ڏسندا سين به الائجي نه، رڳو اسان وٽ ڪينجهر ڍنڍ ۽ گورک هل اسٽيشن کي ٺاهيو وڃي ته اسان اهڙن ملڪن جي تفريحي ماڳن کي ڏسون به نه۔۔
 
اهڙن خوبصورت ماڳن کي ڏسيو ٿڌا ساھ نڪري ٿا اچن اسانوٽ ان کان به وڏيڪ خوبصورت جايون آهن پر افسوس اتي ڊولپمينٽ ڪانهي
 
Back
Top