سنڌ حڪومت جي رڪارڊ نااهلي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌ حڪومت جي رڪارڊ نااهلي:
    هڪ طرف ماڻهو احتجاج ۾ آهن ته سنڌ کي ناڻي مان پورو حصو نٿو ملي. وري جيڪو ٿورو گهڻو ملي ٿو اهو هي نااهل حڪومت خرچ نٿي ڪري سگهي
    ماڻهو بک ۾ بي حال آهن. ٻن سالن جي ٻوڏن جي متاثرين جي مدد نه ٿي، روڊ، رستا، شهر کنڊر بنجي ويا آهن
    ماڻهو سخت بي روزگاريءَ ۾ وڪوڙيل، انهن کي ڪي ڪمائيءَ ۽ ملازمت جا موقعا ناهن، تعليم، صحت، شهري سهوليتن جي ٻيڙي ٻڏل آهي
    ۽ هيڏانهن هي نااهل حڪمران ڏسو. معمولي فنڊن جو 11 مهينن ۾ صرف 54 سيڪڙو خرچ ڪري سگهيا آهن
    انهن جي بدعنوانين ۽ رشوتخوريءَ کي ڏسي اهو به اندازو لڳائي سگهو ٿا ته انهن 54 سيڪڙي مان به اصل خرچ ڪيترو ٿيو هوندو ۽ ڪيترو هنن جي کيسن ۾ ويو هوندو
    اچين ٿو ڪو نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کي ڪو شرم
    ڀلا جي انهن کي ڪو شرم نٿو اچي ته اسان ووٽر ته ڪجھ حيا ڪريون ۽ وري اهڙن نااهل، بيڪار، بدعنوان، بدڪردار، ڪرپٽ ۽ بي ايمان سياستدانن کي نه چونڊيون
    اچو ته اهو ته پاڻ ۾ عهد ڪريون




    [​IMG]
    حوالو: فيس بوڪ تي محترم عزيز ناريجو جي تحرير:
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    قوم جون اکيون الائجي ڇو بند آهن ۔۔۔ ان ماڻهونءَ کي ڇا چئجي جيڪو ڏسي وائسي کڏ ۾ ٽپو ڏي ۔۔۔ اسانجي سموري قوم ڏسندي، سمجهندي به کڏ ۾ ڪرڻ لاءِ وري تيار آهن ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ پڻ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه ۔۔۔ انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين ۔۔۔ قوم کي نه اڳ مليو آهي ۽ نه ايندڙ وقت ۾ ڪجهه ملڻ جي اميد آهي ۔۔۔

    نالائق قوم جا ظالم حڪمران۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهي ئي ته ڳالهيون آهن جيڪي پريشاني ۽ مايوسي پيدا ڪنديون آهن۔ نه صرف حڪومت نا اهل آهي پر ان سان گڏ سنڌ جي بيوروڪريسي به ڪو چڱو ڪردار ادا ڪانه پئي ڪري۔ 54 فيصد رقم مان سنڌ ۾ سٺي ترقي ٿئي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ واڌو رقم به ملي ها۔

    افسوس جو سنڌ حڪومت ڪرپشن پويان آهي ۽ سندس مخالف وري هڙتالن پويان جڏهن ته بيوورو ڪريٽس نااهل سياستدانن مان خوب فائدو حاصل ڪري پنهنجا مقصد پيا ماڻين۔ افسوس ته مونکي پنهنجو پاڻ تي به ٿيندو آهي ته اسان به ڪڏهن ان تي نه ته ڪو سيمينار ڪيو نه ئي وري ڪا واويلا ڪئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان ئي سلسلي ۾ ڪاوش جي اڄوڪي رپورٽ حاضر آهي

    سنڌ سرڪار اي ڊي پي لاءِ رکيل هڪ کرب 11 ارب مان
    رڳو 45 سيڪڙو خرچ ڪري سگهي:جاچ ڪاميٽي قائم

    ڪراچي (رپورٽ:اختيار کوکر) سنڌ حڪومت هلندڙ مالي سال 12-2011ع جي بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) لاءِ رکيل رقمن هڪ سئو 11 ارب رپين مان مالي سال جا 11 مهينا گذرڻ باوجود اٽڪل 45 سيڪڙو مشڪل سان خرچ ڪري سگهي آهي، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سخت نوٽيس وٺندي معاملي جي جاچ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڄاڻو ذريعن کان ”ڪاوش“ کي مليل ڄاڻ موجب ڇنڇر ڏينهن ڪالهه سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻي ۾ ايندڙ مالي سال 13-2012ع جي صوبائي ترقياتي پروگرام تي غور ڪيو ويو، ذريعن موجب گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صوبائي حڪومت پنهنجي اي ڊي پي لاءِ هڪ سئو 11 ارب رپيا رکيا، جنهن مان ناڻي کاتي صوبائي کاتن کي هن وقت تائين 92 ارب رپيا جاري ڪيا آهن پر صوبائي کاتا ان رقم مان مشڪل سان 50 ارب رپيا خرچ ڪري سگهيا آهن، جيڪا ڪل ترقياتي رقم جو اٽڪل 45 سيڪڙو بڻجي ٿي، ذريعن موجب وڏي وزير پاران گهٽ رقمون خرچ ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهٽ خرچ جا سبب معلوم ڪرڻ تي گڏجاڻي ۾ شريڪ رٿابندي جي ماهرن ٻڌايو ته رٿائن تي گهٽ رقمون خرچ ٿيڻ جا 3 بنيادي سبب آهن، پهريون بنيادي سبب اهو آهي ته هلندڙ مالي سال جي اي ڊي پي ۾ تقريبن 40 سيڪڙو رقمون (47 ارب رپيا) اهڙين نئين اڻ منظور ٿيل رٿائن لاءِ رکيون ويون جن مان اڪثر رٿائون اڃا تائين لاڳاپيل صوبائي کاتا تيار ڪري منظوري لاءِ رٿابندي کاتي کي ناهن اماڻي سگهيا، نمبر ٻيو ناڻي کاتي پاران ترقياتي رٿائن لاءِ رقمون دير سان جاري ڪيون ويون، نمبر ٽيون رقمون جاري ٿيڻ جي باوجود لاڳاپيل کاتن جي انتظاميا وقت سر ٺيڪا ڏئي ترقياتي ڪم شروع نه ڪرائي سگهي آهي، ذريعن موجب وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي ان کي هدايتون ڏنيون ته کيس رپورٽ ڏني وڃي ته هلندڙ مالي سال جي اي ڊي پي جون رقمون خرچ نه ٿيڻ جا ڪير ذميوار آهن؟ ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏجاڻي کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته مالي سال جي 11 مهينن دوران صرف 45 سيڪڙو رقمون خرچ ٿيڻ کي نظر ۾ رکندي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن مالي سال جي پڄاڻي تائين هڪ سئو 11 ارب رپين واري اي ڊي پي جون اٽڪل 60 سيڪڙو رقمون استعمال ٿي سگهنديون، ذريعن موجب گڏجاڻي ۾ ايندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرام جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته صوبائي کاتن ايندڙ مالي سال جي اي ڊي پي لاءِ هڪ سئو 80 ارب رپين جون رٿائون تجويز ڪيون آهن، انهي کانسواءِ ختم ٿيل ضلعي حڪومتن جي رهيل رٿائن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 20 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته پرڏيهي امداد سان هلندڙ رٿائن لاءِ 37 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جو ڪاٿو آهي، گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته ان جي مقابلي ۾ ناڻي وارو کاتو اي ڊي پي جي رٿائن لاءِ ايندڙ مالي سال لاءِ هڪ سئو 52 ارب ڏيڻ تي راضي ٿيو آهي پر لاڳاپيل کاتا تجويز ڪيل هڪ سئو 80 ارب رپين کان هيٺ لهڻ لاءِ تيار ناهن، ان ڪري رٿابندي کاتي لاءِ اهو مسئلو بڻيل آهي ته ايندڙ مالي سال جي اي ڊي پي لاءِ ڪيتريون رقمون رکيون وڃن، ذريعن موجب گڏجاڻي ۾ ان ڏس ۾ ڪو به حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو، وڏي وزير ان معاملي تي غور ڪرڻ لاءِ اڄ ٻيهر گڏجاڻي ڪوٺائي ورتي آهي.
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ان معاملي ۾ زبان سان ته هر ڪو واويلا ڪري ٿو ليڪن عملي ڪم ڇو نه ٿو ٿئي ڪاش عمل ٿئي ته هوند اها هائي گهوڙا بند ٿي وڃي.
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ان معاملي ۾ زبان سان ته هر ڪو واويلا ڪري ٿو ليڪن عملي ڪم ڇو نه ٿو ٿئي ڪاش عمل ٿئي ته هوند اها هائي گهوڙا بند ٿي وڃي.
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ان معاملي ۾ زبان سان ته هر ڪو واويلا ڪري ٿو ليڪن عملي ڪم ڇو نه ٿو ٿئي ڪاش عمل ٿئي ته هوند اها هائي گهوڙا بند ٿي وڃي.
     
  9. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين توهان دُرست چيو ته نالائق قوم جا ظالم حڪمران۔۔۔واقعي اها اسان جي ئي نا لائقي چئبي جو پنهنجا اجڙيل ڳوٺ ۽ شهر ڏسڻ باوجود به انهن ساڳين مان بهتري جي اميد ڪيون ويٺا آهيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو