ڳالهيون ته سڀ واضح آهن ۔۔۔ پر ايتري وڏي تاريخي ڀڃ ڊاهه جي دوران سنڌين ڪهڙا عمل ڪيا؟
ڇا صرف پناهه ڏيڻ ڪافي هيو، دنيا جون قومون هڪ مزدور به گهرائينديون آهن ته هڪ معاهدو ڪنديون آهن، اسين مجموعي طور سنڌي قوم ايتري وڏي سانحي مان گذرياسون پر قومي طور ڪو فيصلو، ڪو معاهدو يا ڪا لکت پڙهت ڪئي سون ۽ ٻاهريان ايندڙ ماڻهن کي ڪنهن درجي بندي ۾ رکيوسون ۔۔؟؟؟
اسانکي يا ته انهن کي هڪ مهاجر جي حيثيت سان وٺڻو هيو يا وري جيڪڏهن انهن کي اصل لاءِ قبول ڪرڻو هيو ته ان تي ڪي شرطون هجن ها ته اهي ماڻهون سنڌين ۾ ضم ٿيندا نه ڪي پنهنجا حق گهري اسانکي پريشان ڪندا ۔۔۔ هن وقت به سنڌ ديس جون سرحدون ڌارين لاءِ ائين کليل آهن جيئن ڪو خيراتي گهر کليل هجي ۔۔۔
اڃان اسان اکيون ناهن پٽيون، اڃان ڍڳو پير پيران ۔۔۔