• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌين سان نا انصافي خلاف آء ايس ايف پاران بک هڙتال

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاهردن سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف انڊس سوشل فورم مان پريس ڪلب تي 26 ۽ 27 مئي تي بک هڙتال ڪئي وئي آهي۔ انڊس سوشل فورم ۽ سول سوسائٽي پاران ڪراچي خاص ڪري ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ڪيٽيگري سسٽم جي خلاف آواز اٿاريو ويو آهي۔

ياد رهي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ 7000 شاگردن مان سنڌ جي باقي 22 ضلعن لاء صرف 30 سيٽون رکيل آهن۔ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪل 52 ڊپارٽمينٽ آهن ۽ ان حساب سان هڪ ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ سيٽ به مهيا ناهي۔

اسان سڀ سنڌين سان ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ اهڙين ناانصافين خلاف سخت احتجاج ڪندي حڪومت کان اهو مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌين کي گهٽ ۾ گهٽ 20 پرسنٽ ڪوٽا ڏني وڃي۔

484262_367378069990146_100001538680977_999401_330082188_n.jpg

318278_3950359115626_989227931_n.jpg
 
ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

اوهان دوستن قومي سڏ ۾ شامل ٿي سنڌيت جو مان رکيو آهي، بيشڪ سنڌي شاگردن يا پوري سنڌي قوم سان مجموعي طور تي سنڌ جي گاديءَ ۽ سنڌ جي سهڻي شهر ڪراچيءَ ۾ ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ کان به ڳالهه چڙهي وڃي دشمنيءَ تي پهتي آهي ۔۔۔ تازو اسانجي ڀينرن ۽ ڀائرن جو قتل ٻڌائي ٿو ته ڌاريا سنڌين کي ڪراچيءَ تان هٿ کڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن پيا، پر ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ ۔۔۔۔ سو لعنتون ته دشمن تي گهڻيون پيون آهن ۔۔۔

باقي رهيو سنڌي شاگردن جو مسئلو ته ان م ڏوهي اسانجي پنهنجي پارليامان آهي، جنهن ۾ سنڌين جي اڪثريت آهي ۽ هو طاقت رکنٿا ته سنڌي شاگردن لاءِ حقن جي راهه هموار ڪن، پر لک لعنت گوڏن تي پنڌ پيرن کان نه پڄي ۔۔۔

سڪي وڻ مان ڦل جي اميد۔

اوهان دوستن جي جدوجهد ۽ آواز اٿارڻ ۽ ڏک ۾ ڀاڱيواري سلام لهڻي ۔۔۔ سلام دوستو!

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top