• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
76319_105919629479007_5682444_n.jpg

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت

محمد سليمان وساڻ

سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي ملازمت جي شروعات 1973 کان ليڪچرر طور ڪئي، 1985ع کان 1990ع تائين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ايڪٽنگ ڊائريڪٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيو۔ ان عرصي ۾ پاڻ سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر، ضلعي تعليمي آفيسر ۽ مختف ادارن ۾ پنهنجون خدمتون ادا ڪيون۔ جهڙوڪ:

سابق پرنسيپل ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو
ڊائريڪٽر نان فارمل ايڊيوڪيشن سنڌ
ڊائريڪٽر سنڌالاجي ڄامشورو
پرنسپل زيبسٽ انٽرميڊئيٽ ڪاليج لاڙڪاڻو
باني گل حيات انسٽيٽيوٽ
باني ميمبر لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي
صدر سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو
شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي تعليمي ڪائونسل جو رڪن
سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر
انٽرميڊييٽ بورڊ لاڙڪاڻو جي تعليمي ڪائونسل جو ميمبر
۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽر جو ميمبر ۽ صلاحڪار رهيو آهي۔

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين سان گڏ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ايم ڦل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن جو رهنما ۽ ممتحن پڻ رهيو آهي۔ ڊاڪٽر پٺاڻ هميشه تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ سان گڏ ادارن کي ٺاهڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي۔ هن پنهنجي ڳوٺ آريجا ۾ گُل حيات جي نالي سان ادبي ادارو ۽ لائبريري پڻ جوڙي آهي۔ سندس ويب سائيٽ گُلِ حيات قيمتي معلومات جو اهم ذريعو آهي۔

سندس ادبي ميدان ۾ ڪيل ڪم ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي۔ سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد 30 کان مٿي آهي جن ۾ ؛ ”اسانجا اديب“،”آئينا ۽ اولڙا“ ، ادب ۽ ماحول“، ”سنڌ ۾ سياسي چرپر“، موتي مور ملوڪ جا، جو ڪيو مطالعو مون، شامل آهن۔ سندس لکيل ڊراما ”اونداهيءَ جا اولڙا“ ۽ ٻيا ڊراما پي ٽي وي تان نشر ٿيا آهن۔ ڊاڪٽر در محمد ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکڻ سان گڏ تنقيد نگار پڻ رهيو آهي۔

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس ڪيل ادبي ڪم تي ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن جهڙوڪ سنڌ مدرسه سلور ميڊل اوارڊ، وائيس چانسلرس ميڊل، سگا گولڊ ميڊل اوارڊ، لاڙڪاڻو اوارڊ ۽ تازو اڄوڪي ڏينهن يعني 23 مارچ 2012 تي کيس ادب ۾ ڪيل خدمتن عيوض صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي ”تمغه امتياز“ سان نوازيو ويو آهي۔

jbirLTsaXYA3Zl.jpg

ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي صدارتي اوارڊ ملڻ جي موقعي تي ساڻس ڪيل ملاقات واري تصوير​
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top