• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آء پي ايل جي فائنل ۾ ڪلڪته جي ٽيم جي ڪاميابي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
آء پي ايل جي پنجين ڊگهي سيريز آخرڪار اختتام تي پهتي ۽ شاهه رخ خان جي ٽيم ڪلڪته نائيٽ رائيڊرز بهترين راند کيڏندي 191 رنسن جو ڏنل ٽارگيٽ آخري اوور ۾ حاصل ڪري ورتو۔
پهريان کيڏندي ڌوني جي ڪپتاني ۾ چنائي سپر ڪنگز 20 اوورن ۾ 5 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 190 رنسون ٺاهيون۔ مائيڪل هسي 54، مرلي وجي 42، جڏهن ته سريش رائنا 72 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو۔
جواب ۾ ڪلڪتي جي ٽيم کي پهرين ئي اوور ۾ ڪپتان گوتم گنڀير جي وڪيٽ وڃائڻي پئي، پر پوء بسما ۽ ڪيليس شاندار راند کيڏي۔ بسما 89 ۽ ڪيليس 69 رنسون ٺاهيون۔ آخري اوور ۾ ميچ کٽڻ لاء 9 رنسون گهربل هيون پر منوج تواري جي لڳايل مسلسل ٻن چوڪن سبب ڪلڪتي جي ٽيم فائنل کٽي ٽورنامينٽ جي فاتح ٽيم رهي۔
iEzgHeud6rZL1.jpg
 
ڪلڪلتا نائيٽ رائڊرز سان گڏ منهنجي پيشنگوئي به کٽي ويئي جيڪا پهرئين انگ جي خاتمي تي ڀائرن ۽ ڪجهه دوستن جي سامهون مون ڪئي هئي ته ڪلڪتا نائيٽ رائيڊرز ئي اڄ ميدان ماريندي۔ ۽ ايئن ئي ٿيو۔۔ ٻنهي ٽيمن ننهن چوٽي جو مقابلو ڪيو پر فتح غير روايتي طور ڪنگ خان جي ٽيم کي حاصل ٿي۔

موضوع ونڊ ڪرڻ جي مهرباني۔

دعا ۾ ياد۔
 
ادا سليمان وسان توهانجي مهرباني ميچ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي،ڪنهن شادي ۾ شرڪت جي ڪري اسان ميچ جا اختتامي آور نه ڏسي سگهياسين۔ڪلڪته نائيٽ رائِڊر هن سيزن جي هاٽ فيورٽ ٽيم هئي ۽ هن جي کٽڻ جون ڪافي پشينگيون به ڪيون وينون هيون۔محترم عمران درويش به ان جي پيشينگوئي ڪئي هئي،جيئن انهن جي مٿين ڪمينٽس مان ظاهر آهي،ته سائين اسانجي سٻاجهڙي دريش جي پيشينگوئي ڪيئن غلط ٿي پئي سگهي۔(ادا عمران درويش مذاق پيا ڪيون دل ۾ نه ڪجو) هن سيزن ۾ شاه رخ جو رويو اسٽڊيم ۾ ڪافي ٍجارحانو هو،جنهن جي ڪري هن تي بمبي اسٽڍيم ۾ داخلاء تي پابندي به لڳائي ويئي۔
 
Back
Top