رت جي باري ۾ توهان ڇا ڄاڻو ٿا؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    رت جي باري ۾ توهان ڇا ڄاڻو ٿا۔
    رت انساني جسم جو هڪ اهم جز آهي،هن جي باري ۾ اسان کي ڪجھ ضروري ڄاڻ رکڻ گهرجي۔

    ” هڪ انساني جسم جي مجموعي وزن ۾ 7 فيصد وزن ان رت جو هوندو آهي جيڪو هن جي جسم ۾ ڊوڙندو آهي ۽ ان وزن جو 86 فيصد پاڻي تي مشتمل هوندو آهي“

    ” جيڪڏهين توهان پنهنجي جسم ۾ موجود رت مان صرف هڪ پينٽ ( o.568 ليٽر) خون عطيو ڪريو ته ان سان چئين ماڻهن جون جانيون بچائي سگهجن ٿيون۔“

    ” اسان جي جسم ۾ موجود ٻئي گرده روزنه تقريبن 400 گيلن(1818 ليٽر) رت صاف ڪندا آهن۔“

    ” هڪ عورت جي جسم ۾ اندازن 4پائينٽ5لٽر رت هوندو آهي،جڏهن ته مرد ۾ رت جو اندازن مقدار 5پائينٽ 6 لٽر هوندو آهي۔“

    ” اسان جي جسم ۾ رت کڻي ويندڙ ننڍيون وڏيون نسون،رڳون (ناليون ) آهن،جيڪڏهن انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي پيمائش ڪئي وڃي ته انهن جي لمبائي تقريبن 60 هزار ميلن تائين پهچي سگهي ٿي۔“

    ” رت جو رنگ ايترو ته گهاٽو ۽ پائيدار هوندو آهي جو آمريڪا جا قديم ريڊ انڊين قبائل سان تعلق رکندڙ ماڻهون رت کي مختلف شين کي رنگڻ ۾ ڪم آڻيندا هئا۔“

    ” اسان جي جسم ۾ رت جا جيترا به ڳاڙها جزا آهن،ان مان اڌ هر ستين ڏينهن تي نئين جزن ۾ تبديل ٿئي ويندا آهن۔“

    ”صحت مند،بالغ ماڻهون ،جنهن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 17سال ۽ وزن گهٽ ۾ گهٽ 110 پائونڍ هجي،هر 56 ڏينهن يا تقريبن ٻن مهينن کانپوء هڪ رت جي پينٽ عطيو ڏئي سگهي ٿو“

    ” رت جي عطيو ڏيڻ کانپوء جسم ۾ سيال مادي جي ڪمي ڪجه ڪلاڪن ۾ پوري ٿي ويندا آهي،جڏهن ته رت جي ڳاڙهن جزن جي ڪمي پوري ٿيڻ ۾ تقريبن چار هفتا لڳندا آهن،۽ اٺن هفتن ۾ ان آئرن جي ڪمي پوري ٿي ويندي آهي،جيڪو دان خون جي ڪري ضايع ٿي ويو هئو”

    اميدته مٿين رت جي باري ۾ معلومات پڙهي،جيڪي ميمبر رت ڏيڻ کان ڪٻائيندا آهن،رت جو عطيو مستحق ماڻهن کي ڏيڻ شروغ ڪندا،ڇاڪاڻ ته رت ڏيڻ سان ڪنهن قسم جي ڪمزوري يا ٻيو ڪو پرابلم پيدا نه ٿيندو آهي۔توهانجو رت ڪنهن مريض جي لاء جيئڻ جو سهارو ٿي سگهي ٿو۔هميشه خوش ۽ الله پاڪ جي آمان ۾ رهو
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    رت جي باري ۾ اڳ صرف هن موضوع تائين معلومات هئي ۔۔۔ توهان جي ليک ڪافي معلومات ڏني ۔۔۔۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    رت جي باري ۾ بهترين معلومات آهي.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين مهربانيون

    اوهان قيمتي ۽ بهتر ڄاڻ ڏني۔ اميد ته سڀ دوست رت جو عطيو ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا، ڇو ته ٿي سگهي ٿو اوهان پاران ڏنل رت جي بدلي ڪا انساني جان بچي سگهي۔
     
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام سهڻي ونڊ ۽ سٺي ۽ ڪارائتي صلاح پڻ ڏنل آهي، اهو سچ آهي ته مون پارا ٿورو جسماني ڪمزور ماڻهو هميشه ڪيٻائيندا آهن ته رت جو عطيو ڪئين ڏجي، پر هن معلومات کانپو ڪافي همت افزائي ٿي آهي، يقينن هاڻ نه ڪيٻائبو۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    رت جي بابت جامع ۽ سٺو ليک ۔۔۔۔ سبحان الله! آءُ ته جڏهن انساني (پنهنجي) جسم تي سوچيندو آهيان ته ڏندي آڱريون اچي وينديون آهن، بلڪ آءُ دوستن کي اهو مثال ڏئي سمجهائيندو آهيان ته رب الڪائنات جي تخليق ۽ ساري ڪائنات کي سمجهڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي ۔۔۔۔ ڇاڪاڻ صرف انسان جسم تي ڪروڙها ماڻهن، لکين ڪتاب لکيا آهن ۽ سوين يونيورسٽيز قائم ڪيون آهن پر پوءِ به انساني جسم جي مختلف حالتن جي صحي پروڙ ڪري نه سگهيا آهن ۔۔۔۔

    بيشڪ، صحتمند انسان کي پنهنجو رت ٻين کي تحفي طور ڏيڻ گهرجي ۽ ضرورت مند مريضن جي خدمت ڪرڻ گهرجي، ان سان نه ته سندس صحت تي ڪو خاص اثر پوندو، بلڪ احتياط ڪرڻ سان وڌيڪ تازي ۽ تواني رت پئدا ڪري جسم کي اڃان وڌيڪ صحتمند ڪري سگهجي ٿو۔

    سهڻي دوست جو سهڻو ونڊ ۔۔۔ اوهانجي اجازت سان هي معلومات آءُ فيسبڪ تي به ونڊ ڪندس ته جيئن تمام سنڌين کي انجي ڄاڻ پوي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا، مونتي ماروئڙن جا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ادا سان جي طرفان هميشه لاء اوهان کي اجازت آهي ته اسان جو جيڪو ليک اوهان کي پسند اچي انهي کي فيس بوڪ تي پيسٽ ڪرِ ٻين دوستن جي معلومات ۾ اضعافو ڪيو۔ هون به ادا اسان جي خيال ۾ جڏهن به ڪو ليک هن محبتي اڳڻ جي زينت بنايو ويندو آهي ته اهو ليک لکندڙ ميمبر جو نه پر سڃي فورم جي مشترڪ ملڪيت ٿئي ويندو آهي ،انهي ڪري اوهان کي اسان کان اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي،توهان هن ليک کي پنهنجو سمجهي ان کي جيئن وڻوئي استعمال ڪيو۔
     
  8. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا غلام مصطفي توهان تمام ڪارائتي ونڊ ڪئي آهي۔ ان سان اسان جي گهٽ علم ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ اسان کي اها خبر به پئي آهي ته رت ڏيڻ سان ڪو صحت کي نقصان نٿو ٿئي۔
    مون ڪيترا دفعا ماڻهن کان اهي ڳالهيون ٻڌيون آهن ته رت ڏيڻ سان انسان جو دماغ ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ رت جي ڪمي پڻ ٿيندي آهي۔ جڏهن آئون ننڊو هئس تڏهن اها ڳالھ به ٻڌڻ ۾ آئي ته توهان جنهن انسان کي رت ڏئي رهيا آهيو ان جو جيڪي به بيماريون آهن اهي توهان کي به ٿي وينديون۔ خير تڏهن آئون ناسمجھ هئس ان ڪري اهڙيون ڳاليون مڃي وٺندو هئس۔

    واقعي ۾ توهان هن لکت ڪافي همت افزائي ڪئي آهي۔
     
  9. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين حضرت علي ڪرم الله وجه جو هڪ فرمان ياد پيو اچي ته
    اي انسان تون پاڻ کي ننڍڙو جيوڙو پيو سمجهين تنهنجي اندر ته عالمِ اڪبر سمايل آهي ۔
    بهترين ليک بهترين معلومات ۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    رت ڏيڻ کان اسان جي گهر وارا خاص طور تي ڀائر ۽ ٻيا مرد ڏِيڻ کان ڪٻائيندا هئا،توهانجو هي مضمون پڙهڻ کانپوء هنن ۾ به همٿ اچي ويئي آهي رت ڏيڻ جي۔توهانجو مضمون ڏاڍو سٺو ۽ اثر ڏکاريندڙ آهي جنهن جو ذڪر ٻين ادن به پنهنجي ڪمينٽس ۾ ڪيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو