عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
گهانگهري جي چئن گهوٽن جوڪُسڻ
سنڌ جي تاريخ جو ڦٽڪي پوڻ
،
خون مظلومن جو ريلو ٿي هليو
سنڌ جي ڌرتيءَ کڻي منهن کي مليو
،
ڪِن ڪيو پر سو به ڪهڙو احتجاج
جهڙو تهڙو ڄڻ ته کدڙو احتجاج
،
شل نه ٿئي ڪنهن قوم جو خانو خراب
سَنگُ ڪهڙو جي هجي ڪانو خراب
،
جو ڪڇي، تنهن لاءِ ڪارو جيل آهي
جو لڇي، ماري چون: ڌاڙيل آ
،
سنڌ جو چاليهه سالو سلسلو،
شير ٿيندو ٿو وڃي هاڻي ٻلو
،
ڪلهه وتي جن سنڌ جي سِرَ ۾ پناهه
چور ڀاڳيا ٿي ويا، ڌرتي گواهه
،
ڪلهه مهاجر قوم جو نعرو لڳو
اڄ انهن جو دهل تي ڏئونڪو لڳو
،
گهانگهري موري ڳوٺ واري سانحي ۾ چئن امن پسند سنڌي سوڍن کي بندوق سان ماريو ويو ۽ هلايو ويو ته ڌاڙيل آهن.
حوالو: استاد بخاريءَ جو ڪتاب زندگي زندگي
پيج نمبر: 145
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن