اهڙي جمهوريت کان عوام جي توبه

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ميب طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2012۔

  1. ميب

    ميب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2012
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محمد عيسيٰ ڀٽو
    اسان ته سمجهيو بهار ايندي کڻي اسان لاءِ گلن جون جهوليون
    بهار آئي کڻي اسان لاءِ گلن جي بدران هزار گوليون
    شيخ اياز جي ان خوبصورت ٻن سٽن سان موضوع جي شروعات ڪجي ٿي ته ملڪ ۾ قائم هن قسم جي جمهوريت سنڌ جي عوام لاءِ بهتري بدران ٻٽو عزاب ثابت ٿي آهي، موجوده جمهوري حڪومت دوران سنڌي عوام کي روزگار ملي سگهيو نه امن، ويتر گذريل چئين سالن دوران سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچي اندر موت جو راڪاس سنڌ واسين جي چوڌاري رڪس ڪندو رهيو ۽ موجوده جمهوري حڪومت موت جي سوداگران سان مفاهمت واري پاليسي جاري رکندي رحمان ملڪ جهڙي ماڻهو کي واڳ ڌڻي بڻايو جنهن سنڌي ۽ بلوچ عوام کي دهستگردن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي انهن جو ڪراچي اندر جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو جڏهن ته حقيقي دهشتگرد ۽ ٽارگيٽ ڪلرس ان بدبخت ۽ بي رحم مفاهمتي پاليسي سبب باعزت بري ٿيندا رهيا ۽ انهن کي ٻيا وڌيڪ ماڻهو مارڻ جو ڄڻ رحمان ملڪ پاران لائسنس جاري ڪيو ويو هجي جن هر ڀيري سوين ماڻهن کي مارڻ جو پڻ اعتراف ڪيو هو. اهڙي صورتحال جي پيش نظر اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ڪراچي اندر ڪو پائدار امن قائم ٿي سگهي ۽ امن جي ضمانت فراهم ڪرڻ وارو ذميوار شخص جيڪڏهن پاڻ بدديانتي ڪري موت جي سوداگران سان ملي شهر جو امن تباهه ڪرائي ته اتي ملڪي ايجنسيون يا پوليس فورس ڪهڙو ڪرردار ادا ڪري سگهنديون.
    سنڌ اسمبلي جا اهي ميبر جن ٽي سال اڳ سنڌ جي چونڊيل ايوان مان پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي رحمان ملڪ کي سينيٽر چونڊرايو هيو اهي توبه ڪندي پنهنجي تڪ جي ووٽرن ۽ رب پاڪ کان معافي گهرڻ جي ڪوشش ڪن جن ان عظيم گناهه ۾ حصو ورتو هيو نه ته هن دنيا ۾ جيسيتائين هو زندهه رهندا هنن کي پنهنجو ضمير ملامت ڪندو رهندو ۽ آخرت ۾ به انهن جو ڇوٽڪارو انتهائي مشڪل ٿي پوندو جتي عزاب الٰهي طئي ٿيل آهي. هتي اهو واضع ڪندو هلان ته آءُ ڪو ملا مولوي ناهيان جو اهڙي قسم جون فتوائون جاري ڪري سگهان پر جنهن معاشري جي حصو آهيون ته ان جي صورتحال بابت گهڻي تڻي ڄاڻ حاصل آهي ۽ آخرت جي حوالي سان به ايتري خبر ضرور آهي ته ظالم ۽ گنهگار سان ڇا ٿيڻو آهي. سنڌ واسي اهو محسوس ڪري رهيا آهن ته جيڪو گناهه سنڌ اسمبلي جي انهن ميمبرن کان ٿي ويو آهي هن وقت اهي پنهنجي منهن ۽ گوڏن تي هٿ هڻي ضرور پڇتائيندا هوندا پر هو پنهنجي ڪيل گناهه جو ذميوار پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت کي قرار ڏئي رهيا آهن جن جي چوڻ تي هنن رحمان ملڪ کي ووٽ ڏئي سينيٽر بڻايو. عجب جي ڳالهه اها آهي ته رحمان ملڪ جن سنڌ جي نمائندن جي ووٽن تي سينيٽر چونڊجي وفاقي وزير بڻيو پر ڪڏهن به هن سنڌ جي ماڻهن جي نمائندگي نه ڪئي ۽ نه ڪڏهن سنڌ جي ماڻهن جي حمايت ڪئي ويتر هو سدائين ٻين جي ناجائز مطالبن جو سفير رهيو ۽ هن جي مشقوق ڪردار ۽ بيان بازين سبب سنڌ جي عوام جي دل آزاري ٿيندي رهي.
    محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ هي پهريون ڀيرو آهي ته پيپلزپارٽي جي ڪمزور پاليسين سبب سنڌ جو عوام ڏينهون ڏينهن پارٽي کان پري ٿيندو پيو وڃي جنهن ۾ وڏو ڪردار رحمان ملڪ جو ئي آهي جنهن جي ظالمانه ڪارواين ۽ اڻ ڍنگي حرڪتن سبب پارٽي کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي. رحمان ملڪ جي سنڌ حڪومت ۾ بار بار مداخلت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جهڙي جيالي کي ايترو ته مجبور ڪيو جو هو حڪومتي عهدو ته ڇا پر پارٽي جا عهدا ڇڏي صدر آصف علي زرداري سان پنهنجي ننڍپڻ جا ناتا ختم ڪري پارٽي کي الودعيٰ چئي ڪري هليو ويو، اهڙي طرح منظور وساڻ به صوبائي وزارت داخلا مان مجبور ٿي ان کي هٿ ڪڍڻو پيو جيڪو اڃا تائين غائب آهي جنهن کي پنهنجي تڪ جا ماڻهو به ڳولهي رهيا آهن پر لڀي ڪون ٿو ۽ اهي به اطلاع آهن ته رحمان ملڪ جي ڏاڍاين سبب ڪيترائي ڀيرا وزيراعليٰ سنڌ، وفاقي توڙي صوبائي وزيرن جون جهڙپون رحمان ملڪ سان ٿينديون رهيو آهن. سنڌ جا وزير توڙي ايم اين اي يا ايم پي اي اهو محسوس ڪري رهيا آهن ته رحمان ملڪ جي اهڙي اڻ وڻندڙ ڪرادار سبب پيپلزپارٽي جو ٻيڙو غرق ٿي رهيو آهي جنهن ڪري انهن کي ان ڳالهه جو به خوف ورايون بيٺو آهي ته مٿان نيون چونڊون اچي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي اها ساڳي پاليسي يا روش رهي ۽ ائين ئي رحمان ملڪ جا بيان سنڌي ۽ بلوچ عوام لاءِ ايندا رهيا ته هنن جو پنهنجي تڪن ۾ وڃڻ مشڪل ٿي پوندو ۽ اهوئي سچ آهي ته رحمان ملڪ جي غلط حرڪتن سبب پيپلزپارٽي جو ووٽر هن وقت پنهنجي نمائندن تي باهه لڳو پيو آهي ۽ پنهنجي انهن نمائندن جو بيچيني سان انتظار ڪري رهيو آهي جن کان هو پنهنجو حساب ڪتاب سود سميت وصول ڪرڻ چاهن ٿا.
    پيپلزپارٽي جي وجود کان وٺي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تائين هي پهريو ڀيرو پيپلزپارٽي جو اهڙو چهرو سامهون آيو آهي جنهن پنهنجي عوام ۽ ڪارڪنن کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي جن جو بي گناهه خون گذريل چئين سالن کان ڪراچي جي روڊن تي وهايو پيو وڃي پر پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت کان وٺي وزيرن ۽ مشيرن سميت ڪنهن به ذميور پاران عملي طور قدم نه پيا کنيا وڃن ته جيئن سنڌ دشمنن خلاف ڪاروائي ڪري سنڌ جي وحدانيت خلاف ڪيل چاڪنگ جو حسان ڪتاب وٺي سگهن . گذريل چئين سالن کان مفاهمتي پالسيي جي برقعي ۾ ويڙهيل منافقي واري سياست جو سهارو وٺي جهڙي طرح پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن مان هاڻي سنڌ جو عوام بيزار ٿي چڪو آهي يا ائين کڻي چئجي ته اها مفاهمتي پاليسي گٽر جو پاڻي بڻجي ڌپ ڪري رهي آهي جنهن کي هاڻي گهڻو وقت برداشت نٿو ڪري سگهجي. جهڙي طرح ان مفاهمتي پاليسي سنڌ ۽ سنڌ واسين کي نقصان پهچايو آهي اهڙو ون يونٽ دوران فوجي آمر يا ضياءَ ۽ مشرف جهڙا فوجي جرنيل به پهچائي نه سگهيا جيڪو ڪم هاڻي رحمان ملڪ آساني سان ڪري رهيو آهي. ڪجهه مهينا اڳ مون پنهنجي مضمون ۾ لکيو هيو ته پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت پراون جا دامن بچائيندي بچائيندي ڪٿي پنهنجا ٻئي هٿ نه ساڙائي ويهي رهي ۽ موجوده صورتحال مان اهو ئي ثابت ٿي رهيو آهي ته پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت اڃا وڌيڪ اقتدار ۾ رهڻ چاهي ٿي ۽ اهي طاقتون ان بدلي ۾ جائز توڙي ناجائز پيپلزپارٽي جي حڪومت کان سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهن ٿيون جنهن ڪري پ پ جي قيادت پنهنجي مستقبل جي پرواهه ڪرڻ بغير هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار بيٺي آهي پوءِ ان ۾ چاهي پيپلزپارٽي جا ڇو نه بنياد ئي ڪمزور ٿي وڃن. پيپلزپارٽي جي وجود کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين جيڪي به پاليسيون جوڙيون وينديون هيون انهن ۾ پارٽي ڪارڪنن جي مرضي شامل هوندي هئي پر هي پهريون ڀيرو آهي جو پيپلزپارٽي پنهنجي اصل ڪارڪنن کي پاسي تي رکي رحمان ملڪ جهڙي ماڻهو جي جوڙيل پاليسين تي عمل ڪري پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهي آهي.
    محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سنڌ جي عوام پهرين دانهن اها ڪئي هئي ته هاڻي اسان سڀ سنڌ واسي ڇورا ڇنا ٿي ويا سين ۽ اڄ کان پوءِ اسان جو ڪو به ڌڻي سائين نه هوندو جيڪا ڳالهه اڄ جي صورتحال ۾ سئو سيڪڙو سچ ثابت ٿي رهي آهي پر تنهن هوندي به سنڌ جي عوام پنهنجي جمهوري روايتن کي برقرار رکندي پنهنجي غم ۽ غصي کي زهر جيان پي اڳتي وڌڻ جو عزم ڪيو ۽ اهو سمجهي دل کي تسلي ڏني ته محترمه جو خاندان سنڌ واسين جي مالڪي ڪري سنڌي ماڻهن مان احساس محرومي ختم ڪرائيندو پر سنڌ جي عوام جا اهي خواب خيال سڀ جو سڀ خاڪ ۾ ملي ويا، نه محترمه جا قاتل پڪڙجي سگهيا نه سنڌ جي عوام کي هن جمهويرت جو ڦل نصيب ٿيو، خود پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت بلاول ڀٽو زرداري کان وٺي آصف علي زرداري تائين اهو بار بار پئي ورجايو ويو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي ۽ جمهوريت جي بحالي کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جي ناحق خون جو حساب جمهوري طريقي سان ورتو ويندو جيڪو سڀني جي سامهون آهي، ان کان علاوه ٻيون کوڙ ساريون ڳالهيون عوام جي سامهون ڪيون ويون ۽ سنڌ جي عوام کي سبز باغ ڏيکاري ووٽ ورتا ويا جن جي بنياد تي پيپلزپارٽي 2008ع جي عام چونڊن ۾ خاص ڪري سنڌ مان ڀاري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي. ان کان پوءِ صوبن ۽ مرڪز ۾ حڪومت سازي لاءِ ڳٺ جوڙ شروع ڪئي وئي، آصف علي زرداري 90 تي وڃي متحده جي اڳواڻن سان ملي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي جيڪي وزارتون حاصل ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي ڇيريون پايو بيٺا هئا تن فوري طور آصف علي زرداري جي ان آڇ کي قبول ڪري حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. پيپلزپارٽي جي قيادت پاران سنڌ جي عوام سان اها پهرين ويساهه گهاتي ڪئي وئي ۽ سنڌ واسين جي ووٽ جي سرعام توهين ڪئي وئي، ٻيو آصف علي زرداري پنهنجي ٽوپي لاهي متحده اڳواڻ فاروق ستار جي مٿي تي رکي سنڌي عوام جي عزت جو جنازو ڪڍرايو جنهن جو نظارو پوري ملڪ جي عوام ڏٺو جنهن تي سنڌ جي عوام کي حيرت به ٿي ته ڪاوڙ به لڳي ته آصف علي زرداري سنڌ جي روايتن جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجي عزت لاهي ڪنهن ٻئي کي ڇو ڏني جيڪا ڳالهه سنڌي عوام جي مرضي خلاف هئي. پر خير اهي ڳالهيون به سنڌي عوام برداشت ڪندو رهيو ۽ هميشه جيان اڳتي وڌڻ جو پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪيو، متحده جا وفاقي توڙي صوبائي وزير سنڌي ۽ بلوچ عوام سان لاڳيتو جٺيون ڪندا رهيا جن جو ذڪر اسان هنن ئي ڪالمن ۾ ڪندا رهيا آهيون جنهن جون شڪايتون وقتن فوقتن صدر آصف علي زرداري کي به ملنديون رهيون پر هو هر ڀيري انهن ڳالهين تي پردو وجهي پنهنجي ڪارڪنن کي صبر جو سبق ڏيندو رهيو. ان چئين سالن دوران پيپلزپارٽي جي ڪارڪن پنهنجي دوست ڪارڪنن جا لاش ڍوئي ڍوئي ٿڪجي پيا پر موت جي سوداگرن پاران پيپلزپارٽي جي مفاهمتي پالسيي مان خوب فائدو حاصل ڪندي پنهنجو شيطاني عمل جاري رکيو. هن آرٽيڪل جي ڇپجڻ تائين خبر ناهي ملڪ جي يا سنڌ جي سياسي صورتحال ڪهڙو ٿي رخ اختيار ڪري پر اها ڳالهه طئي آهي ته پيپلزپارٽي جي مفاهمتي پاليسي سبب هن وقت سنڌ جو عوام انتهائي پريشاني جي عالم ۾ آهي، هاڻي ته اهي ماڻهو مورڳو ئي ڳچي ۾ پئجي ويا آهن جيڪي هاڻي سنڌ جي ورهائڻ جون ڳالهيون پيا ڪن، متحده في الحال ان ڳالهه تي خاموش آهي پر متحده جي زير اثر علائقن ۾ وال چاڪنگ ٿي رهي آهي ۽ انهن جي علائقن ۾ پينافليڪس لڳائي انهن تي سنڌ جي نقشي کي ٻه اڌ ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ پوءِ به متحده پاران اهو چيو پيو وڃي ته اهي ان عمل ۾ ملوث ناهن ته باقي اهي ڪير آهن جن کي وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي پر اهو تڏهن ممڪن بڻجي سگهندو جڏهن پيپلزپارٽي مفاهمت واري گول دائري مان ٻاهر نڪري ايندي ۽ رحمان ملڪ کي سنڌ جي سياسي معاملن کان پري رکي سنڌ جا معاملا سنڌ جي نمائندن حوالي ڪيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي عوام لاءِ ڪو بهتر فيصلو ڪري سگهن. هاڻي وقت ٿورو آهي ۽ پيپلزپارٽي وٽ به هاڻي ٿورو وقت وڃي بچيو آهي ته هو پنهنجي اهڙين اڻ ڍنگين پاليسين تي نظرثاني ڪن ته جيئن پيپلزپارٽي جي ٿوري گهڻي ساک بچي سگهي ۽ پ پ جا اهي نمائندا پنهنجي تڪن ۾ وڃي پنهنجي لاءِ ووٽ وٺي سگهن نه ته سنڌي عوام جو هو رد عمل ڄاڻن ٿا ته هنن سان ڇا ٿيڻ وارو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جو بهترين ڪالم

    رحمان ملڪ جو ڪردار واقعي منفي ۽ قابل مذمت هجڻ سان گڏ ناقابل برداشت پڻ آهي۔ رحمان ملڪ پي پي پي جي ساک تيزي سان خراب ڪري رهيو آهي اها ڳالهه سڀ سمجهن ٿا۔ سنڌ مان چونڊيل پي پي جي وزيرن ۽ نمائيندن کي گهڻو وقت اڳ ئي رحمان ملڪ خلاف هڪ ٿي ان کي ٻاهر ڪڍرائن ها ته بهتر رهي پر هاڻي دير ٿي چڪي آهي ۔۔۔۔۔۔

    سنڌي ۽ بلوچ ماڻهن خاص ڪري نياڻين جون شهادتون ماڻهن ۾ نفرتون فهلائي رهيون آهن ۽ عام ماڻهو هاڻي پي پي سان نفرت ڪري رهيو آهي۔ ڪاش هو سمجهن ۽ سنڌ جي پاڻيء ۽ سنڌ جي ووٽن جي لڄ رکن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو