• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ ننڍڙي ڪهاڻي۔۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
hold%2Byour%2Bhand.gif

هڪ دفعي هڪ ننڍڙي ڇوڪري ۽ ان جو والد هڪ پل کي ڪراس ڪري رهيا هئا۔۔۔۔ والد ٿورو وهمي قسم جو هو ان ڪري هن ننڍڙي کي چيو۔۔۔۔ ”ڌيءُ منهنجي هٿ کي پڪڙي هلجان متان ندي ۾ ڪري پوين“
ننڍڙيءَ جواب ڏنو ”نه بابا توهان منهنجي هٿ کي پڪڙيو۔۔۔“
پيءُ حيران ٿيندي پڇيو ته ”ائين ڇو۔۔۔“
ننڍڙي جواب ڏنو۔۔۔ ”بابا جيڪڏهن مون توهان جو هٿ پڪڙيو ۔۔۔ ۽ خدا نخواسته توهان ندي ۾ ڪري پيو ته مان توهان جي هٿ کي پڪڙي نه سگهندس ۔۔۔ هٿ مون کان ڇٽي ويندو پر جيڪڏهن توهان منهنجو هٿ پڪڙيو ته مون کي اطمينان ٿيندو ته توهان منهنجي هٿ کي ڇڏي نه سگهندو۔۔۔۔“


سبق: ڪنهن به رشتي ۾ اعتماد هڪ وڏو عنصر هوندو آهي ۔۔۔ ان ڪري جنهن کي توهان چاهيو ٿا ان جو هٿ پڪڙيو ۔۔۔۔ هن جي هٿ پڪڙڻ جي توقع نه رکو۔۔۔۔
هي پيغام آهي ته ننڍو پر سمجهڻ واري لاءِ ڪنهن قيمتي شي کان گهٽ نه آهي۔۔۔۔۔
 
ها يار صفا اصلي وڏي ڳالهه آهي پر توهان وري ٿا چئو ته ننڍڙي ڪهاڻي ..........

هن ۾ ته وڏو سبق پوشيده آهي مٺا
اهڙي سبق آموز ڪهاڻي شيئر ڪرڻ تي توهان کي عبدالوهاب قمبراڻي طرفان مبارڪون هجن
 
Back
Top