چوٽيھون در
نسيم کرل
باک مھل پاڻيءَ جي ماپ وٺندي، ھن جي اوچتي نظر وڃي ھڪ لاش تي پئي، جو بئراج جي در ۾ ڦاٿو پيو ھو. لاش جي ڳچي آروپار ڪپيل ھئي ۽ سسي باقي وڃي کل جي ٽڪريءَ سان ڳنڍيل ھئي. لاش ڏسي ھو ھراسجي ويو ۽ ڪي گھڙيون ڀت کي ھٿ وجھيون چپ چاپ بيٺو رھيو. ڳپل مھل کان پوءِ ھن تان ٿورو ھراس لٿو ته وري لاش کي غور سان ڏسڻ لڳو. لاش ڪنهن زائفان جو ھو، جنهن کي ڳاڙھو گھگھو پيل ھو، جنهن جا ڊگھا وار پاڻيءَ ۾ لڙھڻ ڪري کلي پيا ھئا ۽ جنهن جو ڀورو باھ جھڙو رنگ ان لڙئي پاڻيءَ ۾ به ڪوڏ جيان پئي جرڪيو. ھن جي ھڪ دل گھريو ته جيڪر ان ڦڏي ۾ ئي نه پوي ۽ در کولي لاش کي ھيٺ لوڙھي ڇڏي، پر وري ٻيءَ دل ھن کي ائين ڪرڻ کان جھليو ۽ کيس رب جي ڏاڍي سرڪار ياد ڏياري، جا اھڙين ڳالھين ۾ راضي ڪانه ھئي. ھن دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته ھو پاڻ وڃي ٿاڻي تي فريادي ٿيندو ۽ صوبيدار کان ڪرڙي جانچ ڪرائي، خونين کي سوگھو ڪرائيندو. اھو ارادو ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ آيو ۽ ڪلف کڻي در بند ڪرڻ لڳو. در بند ڪري اوچتو ھن کي پور پيو ته جيڪر پنهنجي ترتي عملدار، سروير کي اھو سمورو مذڪور ٻڌائيندو وڃي. ان پور تي ھن وڃي سروير جو ڪوارٽر جو ڪڙو کڙڪايو. پر سروير جو سڄي رات سکر گھمي ۽ فلم ڏسي اسر موٽيو ھو، سو ڪيئن پيو اھي اٺين ٻارھين آنين وارا کڙڪا ٻڌي. پر ھن در کي ايستائين نه ڇڏيو، جيستائين سروير اچي در نه کوليو. اکيون مھٽيندي کانئس پڇيائين: ”ڇو ڙي ڪو کنڊ پيو آ ڇا؟“
”نه سائين، کنڊ ڪونهي پيو، پر ھڪ لاش اچي در ۾ ڦاٿو آ.“
”پوءِ مون کي ڇو جاڳايو ٿئي، مان ڪو صوبيدار آھيان؟“
”سائين، ٿاڻي تي وڃان ٿو، پر توکي اطلاع ڏيڻ آيم جو متان دير ٿي وڃي.“
”دير، شام تائين موٽي آئين ڄڻ لک کٽيئه. پوءِ ته روز حاضريون کارئيندءِ.“
”ھا سائين، مٿئون جو اچي پئي، منهن ته ڏبو نه.“
”ڀلي وڃي منهن ڏي، پر ٻي ڳالھ ٻڌ، متان فرياد ۾ منهنجو به نالو شاھدي ۾ لکائين.“
”نه سائين، تنهنجو نالو ڪونه ايندو. چوندس ته لاش ڏسي، سڌو ٿاڻي تي آيو آھيان.“
”ٺيڪ آ، ائين چئجانءِ.“ سروير در بند ڪيو.
ھو وري بئراج تي آيو ۽ سکر طرف ھلڻ لڳو. ھن اڃا سڏ کن پنڌ ڪيو ھو جو پوئتان کيس ٽرڪ جون بتيون نظر آيون. ٽرڪ ڊرائيورن جي وڏائيءَ جي کيس چڱيءَ طرح خبر ھئي. ھو ھھڙي تهڙي کي ته سگنل به ڪونه ڏيندا آھن، پر ھن کي به سکر جو پنڌ سجھيو ته ھن به کڻي ھٿ ڏنو. ڊرائيور به ڪو اشراف جو پٽ ھو، جو کڻي ٽرڪ جھليائين. ھو خوشيءَ ۾ پر ٿي ويو ۽ دل ئي دل ۾ ڊرائيور جو ٿورو مڃڻ لڳو، جنهن ٽرڪ جھلي کيس ڄنگھن ھڻڻ کان بچايو ھو. ان ٽرڪ کي بيھارڻ ۽ کيس پنڌ کان بچائڻ ۾ مرضي به مولا جي ھئي، جو سندس ان ڪم ۾ راضي ھو. ٿاڻي جي در کان ٿورو پرتي ھو ٽرڪ جھلائي لٿو ۽ گيٽ اندر ٿيو. سامھون بيٺل سپاھيءَ کان صوبيدار جي پڇا ڪيائين.
”صاحب جانچ ۾ ويل آ.“ سپاھي کيس ڪياڙيءَ سان ورندي ڏني.
”جمعدار، مون کي صوبيدار وڏي سان ضرور ملڻو آھي. اھي ڳالھيون ڇڏ ميان!“
”ڇو، ڪا فرياد آ ڇا؟“
”ھا ميان، فرياد آ.“
”ھينئر فرياد داخل نه ٿيندو. ٻٽي ڏينهن رکي پوءِ اچجانءِ، سال جي پڇاڙي آھي، ڏوھ اڳ ۾ ئي وڌيل آھن.“
”ميان، ڪا چوريءَ کاٽ جي ڳالھ ٿوري آھي. خون ٿيل آ خون!“
”تون ڪيو آ ڇا خون؟ ڪٿي آھن ھٿيار؟“
”ھٿيار صوبيدار ئي وٺندو، مون کي ڇڙو ساڻس ملاءِ.“
”اھي سنها ڪم به صوبيدار وڏو ڪندو ته باقي مان ھي مڇون اس ۾ اڇيون ڪيون آھن؟ جلد پيروي ٻڌاءِ.“
”جمعدار، تڪڙ گھٽ ڪر، مان به ڌڻڪو آھيان ۽ تو جھڙو ئي سرڪاري ملازم آھيان.“
”کڻي آسمان تان اڏري لٿو ھجين، توکي حقيقت ٻڌائڻي ئي پوندي.“
”جمعدار، ھروڀرو ٿو ضد ڪرين. صوبيدار وٽ تون به ٻڌجانءِ.“
سپاھي ھن مان ڪو چاڙھو نه ڏٺو ته لاچار کيس صوبيدار جي ڪوارٽر ڏانهن وٺي ھليو. صوبيدار به ھينئر تازو اٿيو ھو ۽ چانهه پئي پيتائين. سپاھيءَ سلوٽ ھڻي صوبيدار کي چيو: ”سائين، ھي فريادي آيو آ.“
صوبيدار ڪرڙي اک کڻي پنهنجي سپاھيءَ ڏي ڏٺو ۽ خار مان کانئس پڇيائين: ”اڙي عقل جا دشمن، ٿاڻي تي منهنجي آمد آھي جو مون ڏي وٺي آئينس!“
”سائين، مان ته ھن کي ٻڌايو ته صاحب گناھ نمبر 224 جي جاچ ۾ مصروف آھي، پر ھن جو ڳوري ڳالهه ٻڌائي ته لاچار کيس وٺي آيس. پاڻ به سرڪاري ملازم آ.“
”ڇا ٿو ٻڌائي؟“
”سائين، چئي ٿو ته خون ٿيل آ.“
”خون، چڪلي ۾ ڇا؟ پر اتي ته سڄي رات رائونڊ ۾ ھوس.“
”نه سائين، مون کي ته جاءِ واردات جي خبر ڪانهي، اوھان کي پاڻ ٻڌائيندو. اڙي ميان، ويجھو اچي صاحب کي سموري حقيقت ٻڌاءِ. ڊڄ ڊپ نه، سچ ٻڌائيندين ته فائدو پوندءِ.“ سپاھيءَ ھن کي سڏي چيو.
ھو اڳتي وڌي صوبيدار جي ڀرسان آيو ته صوبيدار کائنس پڇيو: ”ميان، تون ڪھڙي کاتي ۾ آھين؟“
”سائين مان گيج ريڊر آھيان سکر بئراج تي.“
”ھا، حقيقت ڪر.“
”سائين، مان صبوح جو دستور موجب پاڻيءَ جي ماپ پئي ورتي ته ھڪ لاش ڏٺم، جو بئراج جي در ۾ ڦاٿو پيو ھو. لاش جي ڳچي آروپار ڪيل آھي ۽ سسي باقي وڃي کل جي ٽڪريءَ سان ڳنڍيل آ.“
”لاش مرد جو آ يا عورت جو؟“
”عورت جو.“
”لاش پڪ مڇيون کائي ويون ھونديون ۽ شناخت کان زور ھوندو.“
”نه سائين، اڃا سلامت آ.“
”ھون، ڪا خبر چار؟ ڪو آيو، ڪو ويو؟“
”نه سائين، اسان وٽ ته ڪو ڪونه آيو.“
”ڪوڙا خان، ٿاڻي تي ته ڪو وارث وصي ڪونه آيو؟“ صوبيدار پنهنجي سپاھيءَ کان پڇيو.
”نه سائين، ھتي به نه جن نه ڪن.“
صوبيدار وري ڏانهنس ڪنڌ ڦيرايو: ”ھا ميان، ڪھڙيءَ مھل لاش ڏٺئه؟“
”سائين، باک پي ڦٽي.“
”اتي ٻيو ڪير ھو؟“
”ڪوئي ڪونه، مان اڪيلو ھوس.“
”پوءِ ڪنهن کي ٻڌائيه؟“
”ڪنهن کي ڪونه، سڌو ٿاڻي تي آيو آھيان.“
”تون پاڻ ڪٿي رھندو آھين؟“
”سائين، سکر بئراج تي ڪوارٽر مليل آ.“
”اڪيلو رھندو آھين يا ٻارين ٻچين؟“
”سائين اڪيلو.“
”ھا ميان، اڪيلو ڇو نه رھندي، مڙس به شوقين ٿو ڏسجين!“
”شوقين ڪيئن سائين؟“
”ميان لبِ مھراڻ تي روز ھڪ ٻئي کان اور ٿيون اچي گڏ ٿين، تو به ھڪ کن ته تاڙي ھوندي.“
”نه سائين، مان انهن ڳالھين کان پري آھيان.“
”انهن ڳالھين کان پري ھجين ھا ته خون ڇو ٿئي ھا، لاش ڇو لڀي ھا!“
”سائين مان نه سمجھيو.“ گيج ريڊر کي پگھر اچي ويا.
”برابر، تون ھاڻي ائين سمجھندين به ڪونه، پر اھا مھل آئي ته پاڻھي طوطي وانگر ٻوليندين.“
”سائين، توھين مون ۾ اجايو شڪ ٿا رکو. مان اھڙو ڪم ڪيان ھا ته لاش ھيٺ نه لوڙھي ڇڏيان ھا. آخر مون کي ڪنهن پئي ڏٺو؟“
”ھا، اھا ڳالھ تنهنجي فائدي ۾ آھي، ان کي ضرور خيال ۾ رکبو. چڱو لاش جو حليو ته ٻڌاءِ.“
”سائين، مان ھيٺ لھي ته ڪونه ڏٺو جو ھراس پئي ٿيو. باقي فوتڻ رنگ جي ڀوري، ڊگھن ڪارن وارن سان، ڳاڙھو گھگھو ڀرت سان......“
”وئي، وئي!“ صوبيدار ڳوٽ ڀڳي.
”ڪئين وئي سائين؟“
”پڪ ڪنهن گھگھيلي ڪاري ماري، پنهنجو منهن ڌوتو.“
گيج ريڊر اڃا اھو گفتو نه سمجھيو، سو صوبيدار کان پڇيائين: ”سائين، ڪنهن منهن ڌوتو؟“
”ميان، تون ڄٽ ماڻھو، توکي انهن ڳالھين جي ڪھڙي خبر؟ اھي غيرتون گھگھيلن کي، جو ڪو مھڻو ڏئين ته ان تي ئي آءُ ڪن.“
گيج ريڊر ھينئر اھا ڳالھ سمجھي ويو، سو صوبيدار کي چيائين: ”سائين، اھي ڪھڙي قرآن ڪتاب ۾ جائز آھن؟“
”ٻروچ ھن قانون کي ڇا ٿا سمجھن، اھڙا خون ته ھنن لاءِ جائز آھن.“
”پر سائين، قانون ۾ ته ڏوھي آھن.“
”ھا ميان، قانون ۾ ته سڌو سنئون 302 آھي، پر ڪير فريادي ٿئي ۽ ڪير باڪو ٿئي؟ ان ڪاريءَ جو ڀاءُ ۽ پيءُ به جوڻي نه کڻندا. ٻيا مائٽ ته پري ٻڌ.“
”پر سائين، اوھان اکيون وجھون ته اھي ڏوھ ڪيئن ٿا لڪي سگھن؟“
”ھا، جي ڊگھي جاچ ڪبي ته اٽي مان وار به ڪڍي ڇڏبو. مون کي ته اھڙو آزمودو آھي، جو ڪو خوني٤ کي کڻي گلاب جي عرق ۾ وھنجاري سؤ ماڻھن سان گڏ بيھاري، ته به مان ھڪ پل ۾ ڪن کان وٺي ٻاھر ڪڍندوسانس ته پٽ ماءُ جا، ھتي ٿي بيهه!“
”واه سائين واه، اھو وري ڪيئن؟“
”خون جي ڌپ! خوني مان ڪا رت جي ڌپ ويندي؟“
”پوءِ ته سائين وارو ڪيو.“
”ميان، ھن ڪاريءَ جي ڪيس ۾ ڪنهن کي پڪڙي ڪنهن کي پڪڙيان؟ جنهن ٻروچ ۾ ھٿ پوندو تنهن مان خون جي ڌپ ايندي!“
”پر سائين، اھو به ته ٿي سگھي ٿو ته فوتڻ ڪاري نه ھجي ۽ واٽ ويندي، پاڻي ڀريندي، ڪنهن شڪاريءَ کي ھٿ اچي وئي ھجي ۽ ان پوءِ ڀو کان ماري کيس لوڙھي ڇڏيو ھجي.“
”ھا، ائين به ٿي سگھي ٿو، پر اھڙو امڪان اٽي ۾ لوڻ برابر آھي.“
”سائين، ھڪ ڀيرو جانچ شروع ٿي ته پاڻھي دڳ ٿيندو ويندو. خون ۽ کٿوريون ٿورو لڪنديون آھن.“
”ميان، ھھڙي خون جي مولا نه جاچ ڪرائي. ھيءَ جاچ ته رھندو گھر جا ٽپڙ به گھليندي.“
”ڪيئن، سائين؟“
”بابا، لاوارث لاشن جون جاچون ڪي سوليون آھن. پھريون لاش ڪڍائڻ تي مزوري، پوسٽ مارٽم جو خرچ، فوٽو گرافر، جيپن جا ڀاڙا ڪرايا، لاش جو دفن ڪفن، ان کان پوءِ بالا آفيسرن جا سھما، روز پيا پڇائون ڪندا، جيستائين ٻه ڏوڪڙ سندن منهن ۾ نه ھڻبا. ميان، در کولي، لاش لوڙھي ڇو نه پئي ڇڏيئي؟“
”سائين، اھڙو پاپ مون کان ڪئين پئي پڳو. مولا الائي ڪھڙين ڳالھين ۾ راضي، شل حقؤن به رکي ناحقؤن به.“
”پر ھاڻي تو گناھ ڪيو يا مان، جو ٻئي پيا رولڙا پسون. ميان، خون جو فرياد ڪا چرچي جي ڳالهه ڪانهي. روز روز حاضريون کائي ٿڪين ته پاڻھي بانئه ڪندي.“
”سائين، مون کي اھي حاضريون چڱيون آھن، پر اھڙو ڪڌو ڪم مون کان نه ٿيندو، منهنجي فرياد وٺ.“
”ھا ميان، تو مان جندڪانه ڇٽيندي. ننڍي ھوندي مائٽن ڪو گڏھ جو کير پياريو ھيئي الائي ڇا.“
”سائين، جيئن سمجھين.“
”ڪوڙا خان، منشيءَ وڏي کي سڏ ڪر ته ھي فرياد وٺون.“ صوبيدار پنهنجي سپاھيءَ کي چيو.
منشي وڏو پنا، ڪاربان، رول، پينسلون کڻي آيو ۽ اچي صوبيدار جي ڀرسان موڙي تي ويھي، رول سان پني تي ليڪا ڪڍي، صوبيدار کان پڇيائين: ”سائين، پھريون ڪچي پني تي ٺاھيون ته پوءِ ٿا 154 تي آڻيون.“
”وڏا، مڙيئي ڌوڙ وجھينس، يا جيئن وڻئي تيئن ڪر، ڀلي پھريون ڪچي ٺاھ.“
منشي وڏي بنا ڪاربان ٺاھي پينسل ھٿ ۾ کڻي، صوبيدار ڏانهن ڏٺو.
”وڏا لک فرياديءَ جو نالو، ڇا ٿي نالو؟“
”سائين، غلام محمد پٽ نور محمد.“
”وڏا، لک – فريادي غلام محمد پٽ نور محمد، گيج ريڊر سکر بئراج، ڏوھ قلم302 وقت اطلاع صبوح جو ڇهه بجي، وقت رپورٽ...... وڏا، بيهه ته، روزنامچو ڪيستائين لکيو اٿئي؟ ھينئر ته ڏھ ٿيا آھن.“
”روزنامچو رات کان بند آ، ھينئر وڃي لکندس.“
”ٺيڪ آ ته پوءِ لک – وقت رپورٽ داخلا جو سوا ڇهه بجا، وقت جانچ جو، بروقت پوليس طرفان ڪا دير ڪونه. ھا بابا، لاش ڪٿي ڦاٿل آ؟“
”سائين، سکر بئراج جي چوٽيھين در ۾.“
”وڏا، وارو ڪر، ڏس ته اسان جي ٿاڻي جي حد ڪھڙي در تائين آھي؟“
منشي وڏو تڪڙو ڪوٺيءَ ۾ ويو ۽ پري کان رجسٽر کنيون ٻھڪندو آيو ۽ چوڻ لڳو: ”سائين، اسان جي ٿاڻي جي حد ڪانهي.“
”واه قلندر! ميان، وڃ روھڙي ٿاڻي. ان حد ۾ نه اسان جو اڌ نه ٽھائي.“ صوبيدار مرڪندي چيو.
”سائين، ائين ڪيئن ٿا ڪيو؟“
”ميان، اعتبار نٿو اچئي ته کڻي پاڻ رجسٽر ڏس.“
”سائين، فرق ته رڳو ھڪ در جو آھي.“
”بادشاھ، ھڪ در جو فرق ته وڏي ڳالهه آ، پر ھڪ تِر جو ھجئي ته به وک نه ھلانءِ. مان آخر پرائو سور پنهنجي مٿي ۾ ڇو وجھان؟“
”مڙئي سائين مھر ڪر.“
”اڙي ڪو چريو چئبين. ليلھڙاٽ ته ائين ٿو ڪرين، ڄڻ ڪا پنهنجي سڳي ھجئي. ميان، تنهنجو ڇا؟“
”پوءِ سائين، مان ڇا ڪيان؟“
”بابا، تون روھڙي ٿاڻي تي وڃ، اتي وڃي اھا رپورٽ ڏي.“
”اھو جو رپورٽ نه وٺي؟“
”ڪيئن نه وٺندو؟ سندس حد آ.“