يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
سنڌ کي ڇا ٿيندو؟؟
(وسعت الله خان)
جيڪر مهاجر صوبي جو نعرو لڳائڻ وارا نه ته به انهن کان اهو نعرو لڳرائڻ وارا ضرور اهو ڄاڻندا هوندا ته سنڌ ۾ وڪرو ڪيل آفريقي غلامن جي هڪ پٽ هوشو شيدي هڪ سئو اوڻهتر سال پهرين مرندي مرندي اهو نعرو هنيو هو ته،
“مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون”
۽ پوءِ سنڌ جي سماٽن، بلوچن، ڀيلن ۽ ڪولهين ڳورن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ان ڪاري کي پنهنجو هيرو ۽ سندس نعري کي جهنڊو ٺاهي ڇڏيو.
آريائن کان انگريزن تائين فاتح تبديل ٿيندا رهيا پر سنڌ ۽ هند جي ويدڪ تعريف ڪير به بدلائي نه سگهيو، خيبر ۽ بولان، دري ۽ مڪران مان داخل ٿيڻ وارو هر ڦني خان بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب مان لنگهي ويو پر جيڪو سنڌ ۾ آيو ته اهو بس اچي ويو. هن ننڍڙي عجائب گهر ۾ تاريخ اهي سڀئي ذاتون ۽ نسلون جمع ڪري ڇڏيون جيڪي وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا کان هندوستان تائين پکڙيون.
جيڪي سنڌ فتح ڪرڻ آيا هئا انهن کي سنڌي ٻولي فتح ڪري وڌو، جيڪي پناهه وٺڻ آيا هئا انهن کي سنڌوءَ اجرڪن جي اوڍاڻي ڏني، سنڌ جي سرزمين ٻولي ۽ نسلي بنيادن تي ته هڪ طرف، انتظامي ورهاست به ڪڏهن قبول ناهي ڪئي. ممبئي ريذيڊينسي سنڌ کي فقط اٺاسي سال پنهنجي پيٽ ۾ رکي سگھي. وفاقِ پاڪستان کي تيرنهن سالن ۾ ئي ڪراچي سنڌ کي موٽائي ڏيڻو پئجي ويو ۽ ون يونٽ به صرف پندرنهن سالن ۾ ئي بدهضمي جو شڪار ٿي ويو.
ٻين وفاقي يونٽن کي ٽوڙڻ آسان ۽ ممڪن اهڙي ريت آهي جو سرائيڪين کي ڏکڻ پنجاب جي ٽن ڊويزنن ۾ ، هزارهه وال کي خيبر پختون خواهه جي هڪ ڊويزن ۾ ۽ پختونن کي اتر بلوچستان ۾ واضع اڪثريت ، ثقافتي ۽ لساني اثر آهي پر سنڌ ۾ هر سنڌ ڳالهائيندڙ بلوچ توڙي سماٽ لساني ۽ ثقافتي بنيادن تي ورهاست جو مخالف آهي.
اردو ڳالهائيندڙ سنڌ جي هر علائقي ۾ غير اردو آبادين جي وچ ۾ رهن ٿا يا انهن جي وچ ۾ گهيريل آهن. ايستائين جو حيدرآباد جي لطيف آباد ۽ ڪراچي جي ٻن وچين ۽ اترين ضلعي کي ڇڏي باقي جاين تي اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت جي دعويٰ حال في الحال هڪ وڏو سواليه نشان آهي ۽ اهو نشان صرف هڪ غير سياسي ۽ غير جانبدار مردم شماري سان ئي ختم ٿي سگهي ٿو
.
اردو اڪثريت جي نمائندهه جماعت ايم ڪيو ايم کي تڏهن به ووٽ ملندا هئا جڏهن مهاجر صوبي يا ڏکڻ سنڌ جو نعرو سامهون نه آيو هو ۽ اڃان به ووٽ ملندا جڏهن ظاهري طرح هڪ نامعلوم ٽولي پاران لڳايل نعرو سامهون آيو يا سامهون آندو ويو. پر اها خبر ڪيئن پوي ته اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت نئين صوبي جي حق ۾ آهي؟ شايد هڪ ئي اهڙو طريقو آهي ته اڳئين بلدياتي ۽ قومي اليڪشن ۾ مهاجر صوبه تحريڪ جا حامي سامهون اچي هر ان سيٽ تي بيهن جتي سنڌ جي تقسيم جي مخالف ايم ڪيو ايم جو اميدوار بيهي ٿو ته جيئين ڳالهه اڇري..... پر ڇا ئين ٿي سگهندو؟؟؟.
جيتوڻيڪ قومپرست عوامي تحريڪ جو موجودهه نوجوان اڳواڻ قانون جي ڌنڌي سان لاڳاپيل آهي ۽ ڀلي ڀت خبر اٿس ته مهاجر صوبي جو نعرو سن ستر ۾ به لڳايو ويو هو پر اڄ ڪيترا ماڻهو اهو نعرو لڳائيندڙ مرزا جواد بيگ کي سڃاڻن ٿا؟ سنڌي قومپرست اهو به ڄاڻن ٿا ته اڄ سنڌ ۾ لساني ۽ نسلي باهه جيڪر ڀڙڪي ٿي ته ان مچ ۾ سنڌ اسيمبلي ستي ته ٿي سگهي ٿي پر سنڌ جي ورهانڱي جي آئيني منظوري نٿي ڏيئي سگهي.
پر ان جو ڇا ٿيندو ته زميني حقيقتون سمجهڻ جي باوجود به هي خواب اکيون بند ڪري سگهي ٿو ته آخر آئون ڪڏهن هڪ مقبول ۽ وڏو سياستان سڏائيندس. ڪيستائين آئون رڳو پريس ريليز، ايس ايم ايس ۽ سيميناري سياست تي گذارو ڪندس.
۽ اهي جنيهن ٻاويهه مئي تي ڪراچي ۾ هٿين خالي جلوس تي فائرنگ ڪئي هئي، جيڪر انهن جو مقصد سياست جي نفرت بازار ۾ ڪنهن نئين ڪاروبار کي اچڻ کان روڪڻ هو ته هو بري طرح سان ناڪام ٿيا آهن ڇوته شارٽ ڪٽ سياست بازن لاءِ هر رنگ ۽ نسل و نظريي جو انساني خام مال سستو ۽ گهڻو آهي، هونهن به هي زمانو جذباتي تيلي سان موقع پرستي ڀڙڪائن وارن ۽ انهن جي گورکن جو زمانو آهي. اهڙي ماحول ۾ کدڙي حڪومت ۽ ميڊيا دعا جي جهولي پکيڙي صرف وهيل ( کدڙن کي ملندڙ خيرات) ئي گڏ ڪري سگهي ٿي.
بي بي سي اردو جي ٿورن سان