پاڪستاني منجهل (ڪنفيوزڊ) قوم پاڪستاني چاهيندا آهن ته:_ تعليم حاصل ڪيون ٻاهرين ملڪن ۾۔ نوڪري يا ڪم ڪيون آمريڪا، انگلينڊ ۽ دبئي يا ڪنهن ٻئي عرب ملڪ ۾ رهون ڪينئڊا ۾،۔ وفات ڪيون مڪي پاڪ ۾۔ دفن ٿيون مديني پاڪ ۾ ڳالهايون انگريزي۔ کائون چائينز رائس، اٽالين پيزا ۽ رشين سلاد۔ استعمال ڪيون جاپانيز اليڪٽرانڪ آئيٽم۔ ڏسون انگريزي فلمون۔ ٻڌون انڊين ميوزڪ۔ (هاڻي توهان ٻڌايو پاڪستان اسان وٽ ڪهڙي شي يا شناخت ۾ رهيو ۽ ڇا اسان پاڪستاني محب وطن رهياسين؟)
سائين غلام مصطفيٰ، الله تعالا اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ سڀ کان پهريان ته اوهانجون سڀ ڳالهيون صحيح آهن، پر پنهنجي سمجهه آهر هڪ عرض رکون ٿا ته؛ 1۔ پاڪستان ڪجهه قومن جي گڏيل رياست آهي ۔۔۔ هڪ قوم ناهي، 2۔ مٿئين حالت، پاڪستان ۾ شامل ڪجهه قومن ۽ گروهن جي آهي، سنڌي قوم جي فطرت اها ناهي، جيڪا اوهان بيان ڪئي آهي، سنڌي قوم جا ڪجه مٿئين طبقي جا خاندان اها سوچ رکندا هجن، پر عام سنڌي جڪيو ٻهراڙين ۾ رهي ٿو يا ننڍن شهرن ۾ رهي ٿو سو صرف رزق حلال يا وري ڪوشش ڪري پنهنجي ئي شهر ۾ رزق جي تلاش ڪري ٿو پر مجبوريءَ ۾ ٻاهر وڃي ڪمائڻ جو سوچي ٿو، سنڌي قوم ۾ ملڪ کان ٻاهر وڃي گذارڻ جي سوچ تمام گهٽ آهي۔ ها پاڪستان ۾ شامل پنجابي قوم جا ماڻهون ۔۔۔۔ الامان ۔۔۔۔ الامان ۔۔۔ پوري دنيا ۾ ڀريل آهن، ٻي نمبر تي پٺاڻ ۽ ٽين نمبر تي اردو ڳالهائيندڙ گروهه جن جو فڪر ئي اهو آهي ته ڇوڪر يا ڇوڪريءَ لاءِ رشتو به اهڙو ڳولهجي جيڪو ٻاهر خاص ڪري آمريڪا يا برطانيا يا يورپ ۾ هجي ۽ بلڪل ٻار پئدا ڪجي ته اهو به وڃي ٻاهر ڪجي ته جيئن کيس شهريت ملي وڃي۔ وڌيڪ پاڻ سياڻا ۽ زماني جا ماڻهون آهيو۔
سائين واقعي اها سوچ آهي قوم جي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙيون قومون ترقي مشڪل سان ڪري سگهن ٿيون۔ پر اسان سنڌين جي حالت جيڪڏهن ٻهراڙين ۾ وڃو ته گهڻي ابتر آهي ۽ هو ته اٽالين پيزا يا رشين سلاد کي به ڪونه سڃاڻين ، ها باقي جپاني ريڊيي سان چاهه اڄ به اٿن۔
۔ ڪوڊ: پر اسان سنڌين جي حالت جيڪڏهن ٻهراڙين ۾ وڃو ته گهڻي ابتر آهي ۽ هو ته اٽالين پيزا يا رشيد سلاد کي به ڪونه سڃاڻين ، ] رشيد سلاد ها ها ها سدائين گڏ
سائين امر سنڌو وارو مضمون ڪيڏانهن ويو، اڳي ته ماڻهون گم ٿيندا هئا، هاڻ ته سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيل مضمون به گم ٿئي ٿا وڃن
ڀاء ممتاز سلام سنڌ سلامت تي موڪليل هر ليک محفوظ آهي۔ محترمه امر سنڌو جو لکيل ڪالم ”سنڌ پرچائڻ“ نڪتا آهن۔۔؟ بلڪل موجود آهي ۽ اسان سڀني سنڌين جو آواز آهي۔
جي محترم سائين غلام مصطفى صاحب واقعي جنهن ڳالھين ڏانهن اوهان توجه ڇڪرائي آهي هن هوندي محب وطن جو ادنى اشارو به نٿو ملي ، باقي اها ڳالھ ته مڪي ۽ مديني سان محبت جي جيڪا اوهان ڪئي آهي سا اسلام سان محبت جو دليل آهي اهڙي محبت سان محب وطن تي ڪا آنچ نه ايندي جو اسلام سڀ ڳالھين کان متقدم آهي ، رهي ڳالھ حب وطن اهو به اسلام ئي اسان کي ٻڌائي ٿو ته هي به هڪ خاص پهلو آهي جنهن کي اسلام جاءِ ڏني آهي ، اوهان جو ليک مثبت نگاه سان ڏٺو وڃي ته نهايت سبق آموز آهي ادا نثار جيڪا قوميت جي ڳالھ ڪئي آهي سا به پنهنجي جاءِ تي ، پر قوم جي ڊفينيشن تمام وسيع آهي ، ۽ اها ڊفينيشن آئون پنهنجن ليکن ۾ ڪندو رهيو آهيان ، جئين علاقائي سببن ڪري قوميت جو وجود ، اسلام ۽ ڪفر جي مدِ مقابل قوميت جو وجود ، سو سنڌ ۾ رهندڙ مختلف قومون جنهن ۾ عرب ، راجپوت ،بلوچ ۽ مغل افغان مان لڏ پلان ڪندڙ جيڪي هتي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ سنڌ ۾ ضم ٿي ويا سو يقينن هڪ قوم جي صورت اختيار ڪري ورتائون ، جنهن جي مٿان قوم جو لفظ استعمال ڪري سگهجي ٿو ، ٺيڪ اهڙي طرح قرآن مجيد جي روشني ۾ ڏسنداسين ته حضرت نوح عليه السلام ۽ سندس پٽ جيتوڻيڪ پيءُ پٽ جو تعلق رکن پيا پر الله تعالى فرمايو ته ” انه ليس من اهلڪ“ هو تنهنجو اهل منجهان ناهي “ سو اسلام ۽ ڪفر جي ڪري رت جو رشتو پنهنجي اهميت وڃائي ويهي رهيو ۽ پيءُ مسلم قوم ۽ پٽ ڪافر قوم مان اچي بڻيو ، اهو يقينن هڪ نازڪ مسئلو آهي جنهن کي جيڪر تعصب جي عينڪ لاهي ڏٺو وڃي ته تڏهن حقيقت تي رسائي حاصل ٿي سگهندي يا ته ٻي صورت ۾ اختلاف ختم ٿيڻ جو نالو نه وٺندو ،، سمجهو ڪي سمجهن!!!! ادا غلام مصطفى صاحب اوهان جا ليک روز روز هڪ نئي زاوئي کي روشناس ڪرائيندو رهندو آهي جنهن لاءِ اوهان داد جا مستحق آهيو، جزاڪم الله