نثارابڙو
نائب منتظم

امر سنڌو ـ
هوءَ چئوڪڙي ٿي،”سنڌ پرچائڻ“ نڪتا آهن. سنڌ جيڪا هن وقت پنهنجي جوڌي جوان بشير خان قريشي جي آلي قبر تي ماتم ڪنان آهي. سنڌ جيڪا مظفر ڀٽي جي چِچريل لاش جي وصولي تي غم ۾ ٻيڻي ٿيل آهي، سنڌ جيڪا محبت سنڌ جي ريلي تي وحشياڻي فائرنگ ۽ ڪراچي جي ڳلين ۾ نيسارا ڪري وهندڙ رت تي روئي اڃان بس نه ڪئي آهي. سنڌ جيڪا پنهنجي هر شهر، هر ضلعي ۾ پوليس ڪريڪ ڊائون ڪري، سنڌ جو نانءُ اچاريندڙ ٻچا کنڀي، بنا ڪنهن ٿاڻي ۾ رجسٽري جي ايجنسين کي منتقل ڪري رهي آهي. اُن سنڌ ۾ اُڀريل غصي، ڏک ۽ احتجاج کي ماٺو ڪرڻ لئه هو ٽوپي نراڙ تي رکي سنڌ پرچائڻ هليا آهن…. وزارتن جي منصب تي ويهڻ کانپوءِ جن پنهنجي تڪ ۾ لوڻو هڻي، ڀيرو نه ڀڃيو هو، اڄ حيدرآباد ۾ ’ميچ فڪسنگ‘ لاءِ نڪتا هِن يا سنڌ پرچائڻ نڪتا آهن…بيشڪ ته هو هن وقت پنڊي- اسلام آباد جي وڪٽري اسٽينڊ تي بيٺل وڏا کلاڙي آهن… سياست جي عوامي ميدان کي شطرنج جي بساط بنائڻ ۾ هُنن ڪو گهڻو وقت نه ورتو. جوڙ توڙ ۽ محلاتي سازشن ۾ بيشڪ ته هو پوري سپاهگيري واري سينا سان سينا سهايو بيٺا آهن. پنڊي سان پُڄي اچڻ تي به هو سڄي جهان ۾ مبارڪون ميڙين. سپريم ڪورٽ سان ارهه زورائي ۾ به اول صف ۾ بيٺل ۽ اتي به سندن پلڙو اڳ کان اڳرو. هو پنڊي ۽ پنجاب جي شاهراهن کي به پنهنجي پيادن هٿان شطرنج جي بازي ۾ ته مات ڏيئي چُڪا هن… بيشڪ ته سدائين اسٽيبلشمينٽ هٿان خوار ٿيندڙ پيپلزپارٽي هن وقت power جي اُن سنگهاسن تي پُهتل جتان فرعونيت ۽ رعونت جون حدون شروع ٿين. رعونت سان ڀريل قيادت کي ”اگلي باري پهر زرداريءَ“ ديوار تي لکيل نظر اچي رهيو، پر ديوارن تي لکيل ”ٻي تحرير“ پڙهڻ کان سندن اکيون قاصر آهن.
بيشڪ، مڃون ٿا ته اهو سڀ دُرست آهي ۽ بنا ڪنهن وڌاءُ جي، جي ڏسجي ته هو پنهنجي ليکي ۾ ”اگلي باري پهر زرداري“ وارو ميچ به لڳ ڀڳ فڪس ڪري ئي ويٺا هِن. هو پنڊي ۽ پنجاب جا چَٺا، خيبر پختونخواهه ۾ شراڪت داري ۽ بلوچستان ۾ بارگينگ سان بيهي ويندا. ڪو شڪ ڪونهي ته هو پنڊي ۽ پريزيڊنسي جا فاتح، ٻيهر سئو سلاميون سڄي ملڪ مان ميڙين پر…. پريزيڊنسي جي بئرڪ کان، اسان چئون ٿا ته هڪ نظر هن دردوندي جي ديس تي به وجهو، هتي نه شطرنج جي بساط، نه بارگيننگ، هيءُ جهان قرب جو ڪُٺل، محبتن جو ماريل آهي… توهان جي حصي ۾ آيل غير مشروط محبتن جي سرزمين، جنهن جو نالو سنڌ آهي. پنڊي جي پاور جا قيدي؛ جي اڃان به وقت هُجيوَ ته هڪ نگاهه هِن ديش تي به وجهو، جن غير مشروط محبتن سان ”سنڌ ڪارڊ“ کي blank چيڪ جي صورت ۾ توهان جي کيسي ۾ وڌو ۽ آئي ويل، سپريم ڪورٽ هُجي يا سپاهگير سينا توهان وقتن فوقتن ان ڪارڊ جو استعمال ڪيو ۽ پنهنجي دؤر کي طوالت بخشي. ڪو شڪ ناهي ته سڄي پاڪستان ۾ توهان جون پاڙون پر اُنهن کي طاقت بخشيندڙن جو، جا مدفن ڳڙهي خدا بخش ۾ خاڪ ٿيل… ان طاقت سان توهان خوب کيڏيو. پر طاقت جي رعونت ۾ توهان کي اُها خلق نظر نه آئي، جيڪا اُن خاڪ سان جڙيل هئي. ان خاڪ سان جُڙيل خلق جا خواب ڪيئن ڌوڙ ڪيا ويا. جي ڪڏهن وجهه مليو ته پنهنجن نمائندن سان سنڌ کي ڏسجو، توهان تي، طرز حڪمراني تي ۽ سنڌ سان ويساهه گهاتي تي ٿيندڙ تنقيد کي توهان يقينن مخالفن جي پروپئگنڊا چئي رد ڪرڻ جو اختيار پاڻ رکو ٿا، پر ياد رکجو ته توهان جوڙ توڙ واري سياست واري ايوان کان ٻاهر جڏهن هن خلق سان مکاميل ڪرڻ ايندؤ، هنن جو حال ونڊڻ ايندؤ، تڏهن ئي شايد توهان کي اندازو ٿيندو ته هاڻي هو ڳڙهي جي محبتن کي اقتدار ڏانهن ويندڙ شاهي رستي سان تشبيهه ڏيندي ڪيئن وک وک تي توهان جي وٺ ڪرڻ لئه تيار آهن. ها پر شايد اهو به ڪو ٻيو دؤر هو، جڏهن اقتدار جي سج لٿي کانپوءِ پنهنجي آباڻي وٿاڻن ڏانهن واپسيءَ جو سفر ڇڪبو هو، هاڻ ته شايد ائين ممڪن نه رهي. اقتدار کان ٻاهر جا رستا هاڻي اباڻي قبرستانن ڏانهن واپس شايد نه ٿين. ديس ڌڻين سان هاڻ جيئري ملاقاتون شايد وري نه ٿين.
هن وقت پاور جا رستا واپسي وارا پيرا ڊاهي دبئي ۽ لنڊن ۾ پنهنجي مستقبل جا ماڳ سيٽ ڪرڻ جا سانباها عام جام پيا ڏسجن.
ڀلا، هن ديس ۾ اهو ڪنهن کان لڪل آهي ته اڄوڪي ”کاتي پيتي“ وارن کاتن ۾ مقرر منسٽرن جا لنڊن/ دبئي جا ديرا اڳ ئي آباد هئا ۽ اڃان به شفٽنگ هلندڙ آهي. مُنهنجي سنڌ جي پيپلزپارٽي جي وزيرن لاءِ ”اگلي باري“ نه پر ”آخري باري“ وارو لقاءُ آهي. محترمه بينظير ڀٽو جن کان آخري جلسن ۾ قرآن تي قسم وٺندي رهي هئي ته عوام جي خدمت ڪجو، خدا جو قسم ته اُنهن سڀني ”ميڙن“ ۾ هڪ ٻئي سان خوب ريس پُڄائي. خوب ميڙيو ويو. ڪٿان ڪٿان نه ميڙين. ترقياتي رٿائن مان ميڙين، پوليس ٿاڻن مان ميڙين، ڊيڄاري ڌمڪائي ميڙين، سرڪاري پرائمري اسڪولن مان ميڙين، پرائمري ماسترن جي ويزا موڪلن مان سندن اڌ پگهارون سيڪريٽريٽ تائين پُهچائي ميڙين، روڊ رستن مان ميڙين، خالي گٽر جي ٺيڪن مان ميڙين، نوڪرين جي پوسٽنگ ۽ پٽيوالين جي نوڪري وڪڻندي ميڙين، نوڪرين جي پوسٽنگ ۽ بدلين مان ميڙين، گوسڙو ماسترياڻين/ماسترن کان رشوت ۾ ميڙين، بدلين مان ميڙين، داداگيري، غنڊه گردي سان ميڙين، ڊي او ايس ڊئين مان ميڙين، واهن جي کاٽي کيڙي مان ميڙين، ٽٽل بندن جي مرمت ٺيڪن مان ميڙين، پي آءِ اي، اسٽيل مل ته کڻي مڃون ته تعصبي ميڊيا جو مچايل ممڻ هو، پر هنن ته سنڌ يونيورسٽي، بينظير ڀٽو، لياري يونيورسٽيءَ مان واڪ لڳائي ميڙيو، ٻن سالن ۾ ٻوڏ متاثرين جون امدادون پنهنجي گودامن ۾لڪائي ميڙين، وري به عرض ته قرآنن تي قسم کاڌل اِها چونڊ محترمه بينظير ڀٽو جي هُئي پر سڀني هُن سان ۽ عوام سان خوب نڀايو. پنهنجي آڪهه سميت ڪاهي پيا، ٻنهي هٿن پيرن سان زالين مڙسين، ٻارين ٻچين ”ميڙڻ ۽ کائڻ“ ۾ جُنبيل رهيا. زالون، پُٽ، پوٽا ۽ مُڙس، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جهاتي پائي ڏسو ته ڪيئن منسٽرن جون آڪهه جون آڪهون ويٺيون ڪيلڪيولٽر کنيو ’لين دين‘ جا کاتا سنڀالين. ڪميشن ڪيتري؟ پوسٽنگ جا پئسا ڪيترا؟ بدلين جو اگهه ڪهڙو؟؟ من پسند پوسٽنگ جي واڪ ڪيتري هوندي؟ ڏسو ته هاڻ جيالا به نه پر سندن گهر ڀاتي سڄو ڪاروهنوار سنڀالين ٿا، هتان جو ڪو ٽڪو پئسو هيڏانهن هوڏانهن ٿئي. ڏسو جانچجي ته ڪير آهي جو ٽوپي نراڙ تي رکيو ڪنهن نه ڪنهن ڊپارٽمينٽ سان ڪميشن ۽ ٺيڪا طئي ڪري ٿو؟ هر وزارت جو ڪهڙو ڀاتي جيڪو هن دور ۾ دڳ نه چڙهيو آهي؟ ٿاڻن جي وڪري تي ڏسو ته ڪهڙي جنات ويٺل آهي. باقي ”ادي“ ۽ ”اديءَ“ جا ڪم ته لياري ۾ لال ڪري چون ته به ٿيا ست خير. بينظير ڀٽو کي هيومن شيلڊ فراهم ڪري پنهنجي ڇاتين کي گولين آڏو ڏيندڙ لياري تي اٺ ڏينهن پوليس چاڙهي سندن ٻچا بڪتر بند گاڏين هيٺ هڏا ٽڙڪائڻ جو شغل ته ”ادي“ خوب ڪيو. ڪير آهي ڪابينا ۾ جيڪو سينو ٺوڪي چوي ته هُن پاور پيرڊ ۾ پنهنجا ”ٽيڪڻ“ جو ڌنڌو نه ڪيو؟ ڪير آهي جو چوي ته سندس منسٽري ۾ پٽيوالي جي نوڪري به ڪا نه وڪامي؟
Power ته پتو ناهي پر ٽي (P’s) پيز رکندڙ پيپلزپارٽي جي دؤر حڪومت ۾ ڪرپشن ضرور decentralize ٿي.
هلندڙ
