ڪها ڻي
وکري و يل خوا ب جو الميو
عزيز ڪنگراڻي
ڪار فيڪلٽيءَ جي مُک دروازي وٽ اچي سائيڊ تي بيهي ٿي. اڌڙوٽ وهيءَ جو سيبتو شخص ڪار تان لهي، ڪار جا دروازا لاڪ ڪري، پنهنجي خيالن ۾ اڳتي وڌي ٿو. درازي وٽ بيٺل سيڪيورٽي گارڊ سلام ڪريس ٿو ته خيالن منجھان نڪري سلام جي ورندي ڏيندي ماحول جو جائزو وٺي ٿو. فيڪلٽيءَ ۾ ڪا چهل پهل نه ڏسي سوچي ته شايد معمول کان اڳ فيڪلٽي پهتو آهي. ڀڻڪي ٿو: ”ڪا پهر ئي ڪانهي؟ مون به چيو ته گھر واري ڇو پئي چيو ته اڄ سوير سنبريو آهين.“ سوير اچڻ جو سبب ياد ايندي ئي ڊپارٽميٽ واري آفيس ڏانهن تڪڙي وک ڀري ٿو. خاموش ۽ خالي ڪاريڊور منجھان گذرندي قدمن جو آواز ايئن ٿو لڳيس ڄڻ ڊوڙندو هجي. آفيس پهچي، آفيس کولي هڪدم ٽيبل جا خانا تلاش ڪرڻ لڳي ٿو. ٽيبل جي خانن ۾ نه ٿو مليس ته الماڙيءَ کولي تلاشڻ لڳي ٿو. ”ڪاڏي ويو خط؟ ٽيبل تي به ناهي، ٽيبل جي خانن ۾ ڪونهي، الماڙيءَ ۾ به ناهي ته ويو ڪاڏي؟ انهيءَ خوف کان سوير آيس ته متان ٽيبل تي وساريو هجيم ۽ پٽيوالو صفائِي ڪندي هيٺ مٿي نه ڪري ڇڏي يا لڳي نه وڃي ڪنهن ٻئي جي هٿ“ پاڻ سان پاڻ ڳالهائيندي پگھرجي،پاڻ کي اچي ڪرسيءَ تي اُڇلي ٿو ته کيس سوچون گھيري وڃن ٿيون. ڄڻ سوچن جي ککرن ۾ کڙو هنيو هجيس ۽ سوچون ڀُون ڀُون ڪري ذهن کي چمبڙي ويون هجنس. سوچن کان آجائپ لاءِ وارن ۾ آڱريون ڦيري ٿڌو ساهه کڻي پڪ ڪرڻ لاءِ ٻيهر ٽيبل جا خانا کولي جاچڻ لڳي ٿو.
” ڪهڙي کوجنا ۾ آهيو سر؟“ پٽيوالو آفيس ۾ داخل ٿيندي پڇيس ٿو.
” آفيس آ، آثار قديمه جي سائيٽ ناهي جو کوجنا پيو ڪريان!“ ڇڙٻيندي چويس ٿو.
” معذرت.. سر!! پر وقت کان اڳ اچي ويا آهيو؟“
” منهنجي مرضي، تون ڪير ٿيندو آهين پڇڻ وارو؟
” معافي .. سر، صفائي ڪرڻي آ تڏهن پڇي ويٺس!“ پٽيوالو هيسجي چويس ٿو.
” ناهي صفائي جي ضرورت، وڃ جان ڇڏ“ لفظ نه پر ڄڻ ٽانڊا اوڳاڇي ٿو.
” جيءُ.. حاضر سر!“ پٽيوالو چئي، کيس حيرانگيءَ منجھان ڏسندي واپس ٿئي ٿوته پڇيس ٿو.
” بند ٿيل لفافو ڪلهه شايد ٽيبل تي ئي رهجي ويو هو، تو ته نه کنيو؟“
” سر! مرينه جو نالو لکيل هوس؟“
” ها ها!! تو کنيو ڇا؟“ اُتاولائِيءَ منجھان ڪرسيءَ تان اٿندي پڇي ٿو.
” نه سر“
” باقي؟؟“
” مرينه پاڻ کنيو هو“
” مرينا کنيو هو؟؟“
” جيءُ سر، توهان جيئن ئي آفيس منجھان نڪتا ته پٺيان مرينه آئي،پنهنجو نالو ڏسي لفافو کنيائين.“
” تو روڪيس ڇو نه؟“
”سر! توهانجي دادلي شاگردياڻي آ، ڊپ هو ته متان روڪڻ سبب توهان ئي دڙڪا ڏيو.“
” دادليءَ جو اهو مطلب ناهي ته منهنجي غير موجودگيءَ ۾ منهنجيون شيون کڻي؟“ ذري گھٽ رڙ جي انداز ۾ چوي ٿو ته پٽيوالو هٿ جوڙيندي چويس ٿو:
” سر معذرت سان چوندس ته اهو حق توهان ئي ڏنو اٿس، ڪافي ڀيرا کيس روڪڻ تي توهان ئي منهنجي بيستي ڪئي آ. پوءِ به مون روڪيومانس پر ڪانه مُڙي، کڻي هلي وئي.“
” نا معقول ڪنهن جاءِ جا.“ دئونس ۾ گھوماٽجي ڪرسيءَ تي ويهندي چويس ٿو ته پٽيوالو ڊپ ۾ ڪجھه ڪڇڻ بجاءِ بنان دير آفيس منجھان هليو وڃي ٿو ۽ هيءُ پريشانيءَ جي طوفان ۾ گھيرجي هٿن ۾ منهن لڪائي شوڪارو ڀري ٿو. چهري تان هٿ هٽائي جيئن ئي دروازي ڏانهن نهاري ٿو ته سندس نظر مرينه تي پوي ٿي جيڪا فاتحانه انداز ۾ مُرڪندي اچي سندس سامهون بيهندي چوي ٿي:
” هيلو سر!“
” مرينه ؟“
” جيءُ سر!!“ مرينه سندس سامهون ڪرسيءَ تي ويهندي وراڻي ٿي.
” تو هتان خط کنيو هو؟؟“
” ها سر! منهنجي نالي لکيل هوتڏهن کنيم. توهان جي خط مونکي هجڻ جو احساس ڏياريو آ ۽ اها به سُڌ پئي ته توهانجي دل ۾ مون لاءِ مُحبت جي وهندڙ سنڌوءَ وٽ سدائين ساوڻي آ.“
” شڪ جي گنجائش نظر اچئي ٿي؟؟“
” نه سر! خط ۾ ڊپارٽمينٽ جي چيئر مين لاءِ لکيل هڪ جُملي تي ڏاڍو کلي هئس ته ” وي سيءَ جي نا اهليءَ آ جو گند تان مَک اُٿاري اچي گُلن تي ويهاري اٿس“. ڏاڍو تنگ ٿو ڪري. هينئر به توهان ڏانهن ايندي ڏٺائين ته زوري آفيس ۾ ويهاري ڇڏيائين. جيڪو به لکيو اٿئو اصل منهنجي دل وٽان لکيو اٿئو.“
” انڪري چاهيان ٿوته خط واپس ڪر“ ٿڌو ساهه سندس اُماس روح جي گھراين منجھان نڪري ڪمري ۾ ڦهلجي وڃي ٿو.
”واپس ڪيان؟؟“
” ها “
” ڇو سر؟؟ “
” اِهو پوءِ ٻُڌايانءِ ٿو.“
” مون تي اعتماد نه رهيو آ؟“
” اعتماد آهي مرينه؟ “
” چيئرمين کان ڪو خوف خطرو آ؟؟ “
” ايئن ئي سمجهه“
” ٺيڪ آ سر“ مرينه چوندي نوٽ بوڪ جاچي ٿي. ”او ماءِ گاڊ سر!!“ مرينه کان رڙ نڪري وڃي ٿي ۽ ٽپ ڏئي ڪرسيءَ تان اٿي ٿي ته ششدر ٿي پُڇيس ٿو.
”ڇا ٿيو؟؟ “
” خط نوٽ بوڪ ۾ هو ۽ نوٽ بوڪ شايد چيئرمين جي آفيس ۾ وسري ويو“
” نه نه!!“
هلندڙ