لطيفا صرف لطيفا هوندا آهن۔۔ يعني صرف کل ڀوڳ لاءِ۔۔۔ ڪيڙا ڪڍڻ تي اچن ته ماڻهون الهامي ڪتابن کي ئي نه بخشين۔۔ اسان جا لطيفا ڪهڙي باغ جي موري آهن۔۔۔ پر مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته توهان جي مذاح جي حِس ۾ ڪا فني خرابي ناهي ته يقينن توهان هتي گهڻو محظوظ ٿيندو۔۔ کل اچي ته منهنجي لاءِ دعا ڪري ڇڏجو۔۔۔۔ هڪ دفعو وري وضاحت ڪندو هلان ته هنن لطيفن جو مقصد صرف کلڻ ۽ کلائڻ آهي۔۔ هنن جي ڪنهن غلط اثر تي ناچيز اڳ ئي معذرت خواه آهي۔۔۔
هوٽل جي استقباليا ڪائونٽر تي پهچي هڪ صاحب پڇيو۔۔ ”توهان جو هوٽل ڪيئن آهي۔۔۔؟“ استقباليا ڪلرڪ فخر سان چيو۔۔۔ ”بهترين جناب ۔۔۔۔! توهان هتي ترسندو ته ۔۔ بلڪل ائين محسوس ڪندو ۔۔ جيئن پنهنجي گهر ۾ هجو۔۔۔“ ”مان لعنت ٿو وجهان اهڙي هوٽل تي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ “ ان صاحب چيو ۽ پنهنجو بريف ڪيس کڻي ٻاهر روانو ٿي ويو۔۔
مشهور مفڪر ۽ سائنسدان آئن اسٽان اخبار هٿ ۾ کڻي پنهنجي دفتر مان نڪتو ۽ وڃي بس ۾ ويٺو۔۔۔۔ اتي جڏهن اخبار پڙهڻ ٿي چاهيئين ته کيس معلوم ٿيو ته عينڪ ته آفيس ۾ ئي رهجي وئي۔۔۔ سو هن پنهنجي ڀرسان ويٺل مسافر کي اخبار وڌائيندي چيائين۔۔۔ ”مهرباني فرمائي ڪجهه هيڊلائين پڙهي ٻڌايو۔۔۔“ جواب ۾ مسافر چيو ۔۔ ”معاف ڪجو صاحب۔۔۔ مان به توهان وانگر اڻ پڙهيل جاهل آهيان۔۔۔“
هڪ ماڻهون هٿ ۾ تلوار کڻي مسجد ۾ داخل ٿيو۔۔ ۽ آواز ڏنائين ۔۔ ”توهان مان ڪو سچو مسلمان آهي۔۔۔؟“ هڪ بزرگ چيو ۔۔۔ ”مان هان۔۔۔“ همراه بزرگ کي ٻاهر وٺي ويو ۔۔ ۽ ان جي قدمن ۾ ٻڪرو ضبح ڪيو۔۔۔ ٻيهر مسجد ويو ۔۔ سندس تلوار مان رت ٽمڪي رهيو هيو۔۔۔ ٻيهر پڇيائين۔۔۔ ”ڪو ٻيو سچو مسلمان آهي۔۔۔؟“ آواز آيو۔۔۔ ”مولوي صاحب آهي نه۔۔۔“ مولوي صاحب ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو۔۔۔ ”بڪواس ٿو ڪرين۔۔۔ مون کي ته ڪلمو به نه ٿو اچي۔۔۔“
”معاف ڪجو صاحب۔۔۔ مان به توهان وانگر اڻ پڙهيل جاهل آهيان۔۔۔“ هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واقعي ئي ڏند ٻاهر نڪتا ، اوهان ڊينٽسٽ کان به وڌيڪ آهيو
ٻيا لطيفا ته ڪجهه ٻڌل ۽ ڪجهه پڙهيل پر وري به پڙهي مزو آيو ۽ جنهن لطيفي ڏندن جي ڏاڪدر وارو ڪم ڪيو اهو هي مولوي وارو هيو ۔۔۔۔ هههههههههه ۔۔۔۔۔ ڇڇڇڇڇڇڇڇ ۔۔۔۔ پاڻ وارو مولوي عبدالرحيم صاحب نه ٻڌي وٺي ۔۔۔۔ لک قرب واڇون پٽرائڻ تي ۔۔۔۔
هههههههههه مزاح هئا پر علمي سطح جا ، نه ته مزاح جي خاني ۾ رڳو ٻاراڻي مزاح ڏسڻ لاءِ ملندو هو جيڪو کلڻ ته پري مسڪراهٽ به چهري تي آڻڻ لاءِ به ناڪام ثابت ٿيندا هئا ، سائين عبدالرشيد ماشاء الله اوهان جي مزاح وارو پهلو به نهايت سنجيده ثابت ٿيو آهي اسين اميد ڪريون ٿا ته وقت سر اهڙيون بهترين مزاح ونڊ ڪندا رهندا ، سدا خوش رهو
سائين عبدالرشيد مزاح ڪندو آهي۔ اها اسان کي خبر نه هئي۔۔۔ هي ته واقعي مزاح آهي پر ذرا اور قسم جي۔۔۔۔ ههههههه
سائين قبلا مولوين کي ڪلمون ته ايندو آهي ليڪن ڪافي مولوين کي سنڌي به مزاح لکڻ ۽ پڙهڻ وارن کي بهتر ايندي آهي افسوس آهي جو توهان کي ته ٻڪرو ذبح ڪرڻ به ڪونه ٿو اچي هليا آهيو مولوين تي ٺٺوليون ڪرڻ . ههههههههههههههههههههه
مولوي جي ڪلمي نه پڙهڻ واري ڳالهه تي مونکي هڪ ڪهاڻي ياد آئي جيڪا گهڻن دوستن پڙهي به هوندي، جنهن ۾ هڪ اوڏ کي زوري مسلمان ڪري روزو رکرايو ويو هيو،همراهه جو ساهه پيو وڃي بک ۽ اڃ ۾ جنهن تي ٽپهري ڌاري روزو ٽوڙي وڌائين۔ سو ڀائو واقعي ڏند نڪري آيا۔۔۔
هتڙي منهنجا ڏند واقعي ٽِڙيا ته منهنجي پُٽ محمد ڪاظم حسين به لطيفو پڙهيو ۽ ماٺڙي ڪري اٿيو ، وڃڻ سان ماءُ کي چيائين ته ابو جا دوست به ابو جهڙا آهن جو گهر کي پنهنجي لاءِ سزا ٿا سمجهن ۔
ادا ذيشان رشيد،هڪ توهانجا لطيفا حقِيقت ۾ کل ڏياريندڙ،مثان وري توهانجو اهو فرمان ته جيڪڏهن اسانجي مذاحه جي حس ۾ ڪا فني خرابي نه هوندي ته اسان جا ڏند انهن لطيفن جي ڪري ضرور نڪرندا کي پڙهي، اسان جا ڏند ته واقعي نڪتا، شايد لطيفن جي ڪري يا مٿين ڊفيڪٽ کان بڄڻ لاء،ان جو فيصلو نه ٿئي سگهيو۔ بهرحال اسان کلياسين ضرور ۔(ههههههههههههه هههههههههههههههههه ههههههههههه)
هڪ عورت گاڏي هلائيندي سگنل ٽوڙي وڌو۔۔۔ ٽريفڪ پوليس واري کيس روڪي وڌو۔۔ عورت: ”مهرباني ڪري مون کي وڃڻ ڏيو۔۔۔ مان ٽيچر آهيان۔۔۔“ ٽريفڪ پوليس وارو: ”آهه۔۔ مون ڪيترو نه ان وقت جو انتظار ڪيو آهي۔۔۔هاڻي ”مان وري سگنل نه ٽوڙيندس“ هزار دفعا لکي ڏيکاريو۔۔۔“
بھترين لطيفا ھئا ڏند ڇا پر ڏاٺون به ٻاھر ھيون ۔ھھھھھھا ۔مھرباني ڪجھ کھڙي کلياسين ته سھي اھڙي دور ۾۔الله سائين اوھان سڀني کي ھميشه خوش رکي ۔ آمين ۔