• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننڊ ڪرڻ وقت موبائل کي پري رکو

عبدالرحيم

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم ڀائرو،
اڄ هڪ ڳالھ جي مونکي خبر پئي سوچيم ته توهان سان به ونڊ ڪريان۔
اسين اڪثر سمهڻ وقت پنهنجا موبائل فون بستري تي ويهاڻي هيٺيان يا پاسي ۾ رکندا آهيون۔ ان بابت ڊاڪٽرن اها ريسرچ ڪئي آهي ته موبائل خطرناڪ قسم جا شعاع اڇلائيندو آهي جڏهن هو سگنل جي اوٽ موٽ ڪندو آهي۔ انهن شعاعن جي ڪري اسان جي دماغ کي ڪافي نقصان پهچندو آهن۔ جهڙي ريت هيٺين تصوير ۾ ٻڌايل آهي ته ان جي نقصان ۾ مٿي جو سور ۽ نسن جو سور به شامل آهي۔
هڪ ٻي جڳھ تي مون پڙهيو ته اهي شعاع اسان جي ننڊ کي به ڪافي متاثر ڪندا آهن۔ اسان کي هاڻ احتياط ڪرڻ گهرجي۔
581100_467218393293095_255298207818449_2005462_330805924_n.jpg
 
مهرباني ۔۔۔ تمام پيارو ۽ وقتائتو ليک

سمهڻ وقت جيتوڻيڪ موبائل پري ڪري رکندو آهيان پر پوء به اها جانچ ڪري ٻڌايو ته دماغ کان ڪيترو پري رکڻ گهرجي۔
 
مهرباني ۔۔۔ تمام پيارو ۽ وقتائتو ليک

سمهڻ وقت جيتوڻيڪ موبائل پري ڪري رکندو آهيان پر پوء به اها جانچ ڪري ٻڌايو ته دماغ کان ڪيترو پري رکڻ گهرجي۔

ادا توهان موبائل فون جي ريزن مطابق وڌيق معلومات حاصل ڪرڻ لائي هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو
http://electroschematics.com/5200/mobile-phone-radiation
 
Back
Top