ڪجهه ڏينهن کان محسوس ٿي رهيو هيو ته سنڌ سلامت تي ڪجهه رڪنن جي موڪليل موضوعن جي لکائي درست نه هئي۔۔۔ سندن اکرن جا فونٽ ۽ ساڄي کان کاٻي هجڻ به سنڌ سلامت جي ڊيفالٽ سيٽنگ مطابق نه هيو۔۔۔ اهڙن موضوعن ۾ مثال طور سائين نثار ابڙو جو هيٺيون سڪرين شاٽ مطابق۔۔
اصل ۾ سنڌ سلامت ايڊيٽر تي نئين سافٽويئر تي منتقل ٿيندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته اکرن جي لکائي، انهن جو لي آئوٽ، رنگن جو اپلائي ٿيڻ کان وٺي تصوير کي اپلوڊ ڪرڻ تائين عمل بجاءِ ڪوڊ طور ظاهر ٿيڻ جي ايڊيٽر اندر ئي اپلائي ٿي وڃن۔۔ هڪ ٻي سهولت جيڪا ڏني وئي آهي سا آهي ته ڪنهن ٻي سائيٽ تان کنيل مواد کي فورم ايڊيٽر تي رکندي ان مواد جي فارميٽنگ پهرين سائيٽ تان کنيل وقت واري ئي رهي۔۔۔ اهو عمل انڪري به فائدي وارو آهي جو انگريزي سائيٽن تان کنيل انگريزي لفظ ساڳي فارميٽ ۾ رکڻ ئي ڀلا ٿا لڳن بنسبت سنڌ سلامت جي ڊيفالٽ فونٽ ايم بي سنڌي ويب جي۔۔۔
هاڻي ٿئي ائين ٿو ته توهان جڏهن ڪو مواد ڪنهن ٻي سائيٽ جهڙوڪ فيس بوڪ تان ڪاپي ڪري سنڌ ايڊيٽر تي پيسٽ ڪريو ٿا ته اهو خودڪار سيٽنگ تحت فيس بوڪ فارميٽ ئي ظاهر ٿئي ٿو۔۔۔ جهڙوڪ سائين نثار ابڙو جن جو ئي فيس بوڪ تي لکيل هي مواد ڪاپي ڪجي ٿو۔۔۔
۽ پوءِ سنڌ سلامت جي ايڊيٽر تي لڳائڻ سان نظارو ڪجهه هن طرح اچي ٿو۔۔۔
ان ڪري دوستن کي مشورو آهي ته جڏهن به ڪو مواد ڪنهن ٻي سائيٽ تان کڻي سنڌ سلامت تي لڳائيندا هجو ته مواد ڪاپي پيسٽ ڪرڻ کان پوءِ ان کي سليڪٽ ڪري سنڌ سلامت ايڊيٽر ٽول بار منجهان ”فارميٽنگ ختم ڪريو“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري گذاريو۔۔۔ جنهن سان پيسٽ ڪيل مواد جي فارميٽنگ تبديل ٿيندي سنڌ سلامت جي ڊيفالٽ فارميٽنگ مطابق ٿي ويندي۔۔ ياد رهي ته اهو بٽڻ ورچوئل ڪيبورڊ بٽڻ ۽ فونٽ سليڪشن ٽول جي وچ تي ٿيندو آهي۔۔۔

اميد ته سنگت ڳالهه سمجهي وئي هوندي۔۔۔ ان هوندي به وضاحت سان سمجهڻ لاءِ حاضر آهي سنڌ سلامت جي هي مختصر وڊيو۔۔۔