نثارابڙو
نائب منتظم
ڪيـهي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اَهڙِي رَوَشِ رَوَنِ؟
نڪـــا دِلِ دوزَخَ ڏي، نڪِـــي بِهِشتُ گُهـرَنِ؛
نَڪــو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَڪا مُسلمانِي مَــنِ؛
اُڀــــا اِيئَن چَـــــوَنِ، ته پِرين ڪَجـــــو پانهِنجو.
سر رامڪلي
بيت جي معنيٰ
ڪهڙي مقصد خاطر ڪاپڙي اهڙي روش ٿا هلن؟ نه دل دوزخ ڏي ۽ نه وري بهشت ٿا گهرن، نه ڪفار سان ڪو واسطو ۽ نه وري مذهب سان تعلق اٿن، بس اها طلب اٿن ته پرين پنهنجو ڪن
حاصل مطلب
سچا انسان ڪنهن به هڪ ڌرم يا دين جا نه پر صرف هڪ ڌڻيءَ جا پوڄاري هوندا آهن ۽ هو انسانن ۾ ڪو مت ڀيد نه ڪندا آهن ۽ ڪنهن لالچ ۽ خوف کان بغير الله جي عبادت ڪندا آهن