اسيمبليءَ ۾ پي پي جي هڪ رڪن تقرير ڪندي هڪ آکاڻي ٻڌائي۔۔۔”هڪ پيءَ جا ٽي پُٽ هئا، اُن پنهنجي پٽن کي 100 رپيا ڏيندي چيو ته اهڙي شئي وٺي اچو، جنهن سان سمورو ڪمرو ڀرجي وڃي۔۔!!!پهريون پُٽ ويو، 100 جي ڪپهه وٺي آيو پر ڪمرو نه ڀرجي سگهيوٻيون پُٽ ويو، 100 جو بُهه وٺي آيو، پر اڃان به ڪمرو نه ڀرجي سگهيو۔۔ٽيون پُٽ هوشيار هو، ان فقط 1 رپئي جي ميڻ بتي ورتي، جيڪا ٻاري ڪمري جي وچ ۾ رکيائين ته سمورو ڪمرو روشن ٿي ويو، ان کان پوءِ ان رُڪنِ اسيمبلي چيو ته ”اسان جو صدر زرداري صاحب به ان ٽئين پُٽ وانگر آهي، جنهن جڏهن کان صدارت جو عهدو سنڀاليو آهي، ملڪ کي خوشحاليءَ جي روشنيءَ سان ڀري ڇڏيو اٿس۔“ايتري ۾ اپوزيشن جي سيٽ تان ڪنهن آواز ڏني۔۔۔۔ ”سائين اهو سڀ ته خير آهي پر اهو ٻڌايو، باقي 99 رپيا ڪاڏي ڪيائين؟؟؟“
هههههههههههههههههههههه ۔۔۔۔۔۔ سمجهي وياسون بابلا ۔۔۔۔ باقي 99999999999999999999999999999999999999 روپيا ڪٿي آهن؟ اها به خبر آهي ۔۔۔۔
جنهن به رخ ۾ ڏسو ،۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر سمجهاڻي زبردست هئي۔ هڪ رپئي ۾ ڪمري کي ڀري ڇڏيائين ۔۔۔۔۔۔۔ اهڙي سهڻي سوچ کي سلام
ادا مست اسلام عليڪم۔ڇا ڳالھ ڪجي ٽيئن پٽ جي چالاڪي جي۔پر هڪ ڳالھ ته ٻڌايو اپوزيشن وارو ڪردار ڪھڙي پٽ ادا ڪيو،پهرين يا ٻيئن يا ٻنهي گڏجي؟ ڇا انهن کي به زبان بند رکڻ لاء انهن 99رپين مان حصي جي ضرورت هئي،جيئن اڄڪلھ زبان ان طريقي سان بند ڪرڻ جو رواج عام ٿئي ويو آهي،سمجھ وارن لاء توهان جي لطيفي ۾ کل سان گڏ نصحيت به آهي۔هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا۔وھ سائين وھ ۔
هههههه۔۔۔ سائين مان سمجهان ٿو انهن مان هڪڙو پُٽ عمران خان ۽ ٻيو نواز شريف هوندو۔۔۔ جيڪي پهرين توهان جو وارو، پوءِ اسان جو وارو واري نعري تحت لائن ۾ آهن، ڪهڙي خبر انهن 99 رپين مان سندن به ڪوحصو هجي، يا وري ان ٽئين پُٽ (زرداري) انهن کي 99 رپين جي آسري ۾ رکي ڪم ڪڍيو هجي، جيئن هينئر تائين ڪڍندو آيو آهي۔۔۔۔