اسڪولي ٻارن ۾ خودڪشي جو رجحان ، ذميوار ڪير آهي ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    اسڪولي ٻارن ۾ خودڪشي جو رجحان ، ذميوار ڪير آهي ؟
    محمد سليمان وساڻ
    گلن جهڙا معصوم ٻارڙا جڏهن صبح جو سوير اسڪولي يونيفارم پائي ، مسڪرائيندا اسڪولن ڏانهن ويندا آهن ته ان وقت من ۾ خوشيء جو احساس ٿيندو آهي. اهي ئي ٻار جڏهن اسڪول کان واپس ايندي ٺينگ ٽپا ڏيندي، ڪڏندي، وڙهندي گهرن ڏانهن ايندا آهن ته ڄڻ ماحول ۾ تازگي پيدا ٿي ويندي آهي.ڪنهن جو به ٻار هجي پر ٻار من جا سچا ۽ کرا ٿيندا آهن. پر اهڙا معصوم مکڙين جهڙا ٻارڙا جڏهن ڪومل احساسن واري ڪچڙي عمر ۾ خودڪشي ڪن ته دل روئڻ لڳندي آهي، وقت رڪجي ويندو آهي ۽ دماغ ۾ اٿندڙ سوچون بيهجي وينديون آهن. هونئن ته اهڙا واقعا ٻين ملڪن ۾ به ٿين ٿا پر هن هفتي پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ چئن مختلف واقعن ۾ ٽن معصوم اسڪولي ٻارن موت کي ڳلي لڳايو آهي جڏهن ته هڪ ٻار اسپتال ۾ زير علاج آهي ۽ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي.
    پهريون واقعو پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ ڇهين ڪلاس جي 12 سالن جي شاگرد عُمر پنهنجي استاد جي تشدد ۽ پنهنجي پيء جي دڙڪن کان دلبرداشته ٿي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي. چون ٿا ته عُمر والدين جو اڪيلو پُٽ هو ۽ هو ٻن ڏينهن جي موڪل کانپوء جڏهن اسڪول ويو ته سندس استاد کيس سزا ڏني ۽ سندس والد کي وٺي اچڻ جو چيو پر سندس پيء وڃڻ کان انڪار ڪيو. استاد ۽ پيء جي اهڙي رويي سبب ننڍڙي عُمر پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي. ٻيو واقعو مظفر ڳڙهه ۾ ٿيو جنهن ۾ نائين ڪلاس جي هڪ 13 سالن جي شاگردمدثر پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي جنهن ۾ سندس پنجاهه سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي. هن واقعي جو سبب ٻار تي اسڪول ۾ پڙهائي جو غير معمولي دٻاء هجڻ هو.
    ٽيون واقعو خيبر پختونخواهه جي شهرايبٽ آباد ۾ ٿيو آهي جتي عبدالمبين نالي نينگر پنهنجي ڳچيء ۾ ڦاهووجهي پاڻ کي موت جي حوالي ڪيو آهي. هن ذهين شاگرد بابت چيو وڃي ٿو ته هو هاسٽل ۾ رهڻ پسند نه ڪندو هو ۽ ٻيو ته هو انگريزي جي استاد جي اڍنگي رويي سبب گهڻو دلبرداشته ٿي ويو هو. پنهنجي ڊائري ۾ مبين پنهنجي امڙ کي مخاطب ٿيندي لکيو آهي ته امان مان توسان ۽ پنهنجي گهر سان گهڻو پيار ڪيان ٿو، مان هاسٽل ۾ رهڻ نه ٿو چاهيان پر مان ڪنهن کي چوان، امان تون منهنجي قبر تي ڀلي روئجان پر گهڻو نه روئجان ۽ منهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ڪڏهن به هاسٽل ۾ داخل نه ڪجان. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مان جڏهن پنهنجي انگريزي جي استاد کان ٽيسٽ ۾ صرف اردو ۾ اهو پڇيو ته ڇا سوال ۽ جواب ٻئي لکان ته هن مونکي ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيو، ڇو ته استاداردو ڳالهائڻ تي پنج روپيا ڏنڊ وڌو هو. هو پنهنجي ڊائريء ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته هڪ دفعي منهنجي کيسي ۾ منهنجي ماء جي تصوير ڏسي انگريزي جي استاد اها کسي ورتي ان تي مان روئڻ لڳس ته هن تصوير واپس ڪري ڇڏي پر مونکي سخت مار ڏني ايتري مار ڪڏهن منهنجي پيء به مونکي ڪانه ڏني هئي.
    چوٿون واقعو ڪالهه ڪراچي جي پاپوش واري علائقي ۾ ٿيو آهي جنهن ۾ ڇهين ڪلاس جي تيرنهن ساله شاگرد رضا پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. هن واقعي جو سبب اهو هو ته رضا ٽيسٽ جي نتيجن ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪونه ڪري سگهيو تنهنڪري هن پنهنجي پوزيشن ڪارڊ کي پنهنجي والده کا صحيح ڪرائڻ چاهيو ، ڇو ته هو پنهنجي پيء کان ڊڄي رهيو هو. پر سندس ماء پڻ ان تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ سخت لفظن ۾ چيائينس ته پنهنجي پيء کان ڪرائجان ته جيئن کيس تنهنجي ڪارڪردگي جي خبر پوي. دلبرداشته ٿي هن معصوم گلڙن جهڙي ٻار پنهنجي پيءُ جو سخت رويو محسوس ڪندي پاڻ کي ڦاهو ڏئي پنهنجي زندگيء جو انت آڻي ڇڏيو.
    هنن سڀني واقعن تي جڏهن سرسري نظر وجهبي ته گهڻو ڪري اهي سڀ واقعا استادن جي جبري رويي ۽والدين جي بي حسي سبب پيش آيا آهن. گلڙن جهڙن ٻارڙن جي موت تي اهي سوال اٿيرهيا آهن ته هنن معصوم ذهنن جي قتل جو ذميوار ڪير آهي ؟ معاشرو، والدين يا استاد !!!!! پر ڪير به جواب ڏيڻ لاء تيار ناهي. پاڪستان ۾ تعليم جي شرح اڳ ۾ ئي گهٽ آهي ۽ هنن واقعن سبب ٻارن ۽ والدين ۾ وڌيڪ ڳڻتي پيدا ٿي آهي ۽ اها شرح وڌيڪ گهٽجي سگهي ٿي.
    ٻارن جي نفسيات کي سمجهڻ انتهائي ضروري هوندوآهي۔ اڄڪلهه والدين ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ وڏين فيسن عيوض ۽ هاسٽلن ۾ داخل ڪرائي ڄڻ ته پنهنجا سڀ فرض پورا ڪري ٿا ڇڏين ۽ ٻار ڇا ٿو سوچي، هن سان اتي ڪهڙو ورتاء ڪيو ٿو وڃي، ٻار ڪنهن ذهني پريشاني يا ڪنهن احساس ڪمتري ۾ مبتلا ته ناهي،ان تي ڪا توجهه ئيڪونهٿا ڏين۔ ياد رکو ٻارن کي سمجهڻ لاء پاڻ کي به ٻار ٿيڻو پوندو آهي۔والدين کي هٿ ٻڌي عرض آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي ٻارن کي وقت ڏيو، انهن کي سمجهو ۽ انهن جي صحيح پرورش سان گڏ صحيح رهنمائي به ڪيو۔ ياد رکو ٻارن جا ذهن ۽ سوچون هڪجهڙيون ناهن، ڪي ٻار پئدائشي ذهين هوندا آهن ته ڪي وري ڍلا ، ڪي ٻار پئدائشي سُست، ڪاهل ۽ منجهيل هوندا آهن ۽ ڪي ٻار وري پئدائشي تمام گهڻا چُست ۽ چالاڪ ته ڪي ٻار ذهني بيمار ۽ ڪمزو هوندا آهن. تنهنڪري هر ٻار کي ان جي طبيعت موجب پرگهور ۽ سار سنڀال جي ضرورت هوندي آهي.
    استاد هڪ پيغمبري پيشو آهي، اهو استاد جنهن کي والدين جي برابر عزت ملي ٿي، اهو استاد جنهن کي شاگر سڄي عمر پنهنجو رهنما سمجهن ٿا، سي ڪيئن ايڏا جابر ۽ سنگدل ٿي وڃن ٿا. استادن کي گذارش آهي ته خدارا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته والدين اوهان تي ڀروسو ڪري پنهنجي جگر جو ٽڪرو اوهان جي حوالي ڪري ٿا وڃن ۽ نتيجي ۾ جيڪڏهن هنن کي پنهنجي پياري جو لاش ملي ته هن جي دل تي ڇا گذرندي هوندي؟. مهرباني ڪري اوهان پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي پنهنجي ڪوتاهين تي سوچيو، پنهنجي ڪمزورين کي پاڻ ڳوليو ۽ انهن تي قابو پايو. ٻارن کي سزا ڏيڻ وقت انهن جي تذليل نه ڪيو ۽ ڪو اهڙو ڪم نه ڪيو جنهن سبب سموري استادن کي گهٽ نظر سان ڏٺو وڃي. ٻارن کي پنهنجائپ جو احساس ڏياريو ۽ هنن سان پيار ڪيو. سزا ڏيڻ وارا اهي پراڻا طريقا هاڻي دنيا ۾ ڪٿي به رائج ناهن، تنهنڪري جديد طريقن سان ٻارن کي تعليم ڏيو۔
    اسڪول انتظاميه تي به اها جوابداري عائد ٿئي ٿي ته هو استادن ۽ ملازمن جو خيال رکڻ سان گڏ اهو به ڏسن ته ڪٿي ڪو استاد ڪي حدون ته نه ٿو اورانگهي ۽ ڪٿي ڪو استاد سزا جو تذليل وارو ۽ غير اخلاقي رويو ته ڪونه پيو رکي.سوال اهو به پيدا ٿو ٿئي ته هن ننڍي عمر ۾ ٻارن کي خودڪشيء جو خيال ۽ رغبت ڇو ٿي ٿئي ۽ هو اهو سڀ ڪجهه ڪٿان ٿا سکن؟ مان سمجهان ٿو اسان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي غير ذميوار رويي، ڊرامن ۽ فلمي سين کي ڏسي به شاگرد ان مان اهڙو سبق حاصل ڪري انتها تي پهتل قدم کڻن ٿا.اسان جي معاشري ۾ موجود روش سبب هي سڀواقعا ٿيا آهن، جن گهڻو صدمو پڻ پهچايو آهي، ٻارن جي هن ڪچڙي ذهن ۽ ننڍي عمر ۾ ڪيل خودڪشي ڪيئي سوال ۽ خدشا پيدا ڪيا آهن جنهن جو اسان جي تعليمي نظام تي گهرو اثر گهڻي وقت تائين رهندو.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها ادا اسان کي ٻار جي نفسيات جي مطابق ئي تربيت ڪرڻي پوندي، اسان ٻارن کي سمجهڻ ۾ ڪوتاهي ڪري رهيا آهيون، ٻارن ۾ وڌندڙ اهڙي بيچيني جا اسان ئي ذميوار آهيون، بقل توهان جي اسان کي ٻار سان گڏ ٻار ٿيڻو پوندو۔۔ تمام ڏک پهتو آهي اهي خبرون ٻڌڻ سان۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جيتوڻيڪ اهڙا واقعا ايڪڙ ٻيڪڙ پوري دنيا ۾ ٿين ٿا ۔۔۔ ڇاڪاڻ ٻار تمام حساس هوندا آهن، پر جيئن ته پوري پاڪستان عام ڪري ۽ خاص ڪري سنڌ جو معاشرو تمام گهڻين سماجي براين ۾ مبتلا آهي انڪري اهڙا واقعا ڪجهه سرس ٿين ٿا ۽ منظر تي اچن ٿي ۔۔۔

    سماجي ڪوتاهيون ۽ ڏوهه پوري سماج تي اهڙا ئي اثر وجهندا آهن جو ٻارن کان وٺي پوڙها شهري سڀ ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي پاڻ مارين ٿا يا ٻين کي نقصان رسائن ٿا ۔۔۔۔ اسانجي معاشري کي هڪ تمام وڏي جراحيءَ جي ضرورت آهي جنهن سان ناسور قسم جون بيماريون ڪٽي ڦٽو ڪري سگهجن ۔۔۔

    اسين سڀ ان جا ذميوار به آهيون ته ان جا مسيحا به ٿي سگهونٿا ۔۔۔ اچو ته پنهنجي گهر کان پاڙي کان ۽ شهر کان شروع ڪريون۔

    سنڌ جي هڏ ڏوکي ۽ جاکوڙي دوست سليمان جو هڪ سهڻو ۽ ڪارائتو ليک ۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ساڳيو مضمون اڄوڪي هلال پاڪستان ۾ پڻ ڇپيو آهي​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ساڳيو مضمون روزانه عوامي آوز جي اڄوڪي ايڊيشن ۾ ڇپيو آهي​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هي واقعا گهڻو ڏکوئيندڙ رهيا آهن ۽ ٻارن جي علمي حصول تي پڻ اثر انداز ٿيا آهن
     
  7. ميب

    ميب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2012
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين محمد سليمان وساڻ صاحب سلامت هجو، سدائين مسڪرايو ۽ خوش گذاريو. اوهان ٻارڙن جي خود ڪشي جي باري ۾ جيڪو مضمون لکيو ان ۾ هونئن ته کوڙ ساريون ڳالهيون لکيون ويون آهن پر جيڪا اوهان اسڪول کان موٽندي ٻارڙن جو کلندي ڪڏندي گهر واپس اچڻ وارو نقشو چٽيو آهي سائين يقين ڪيو ته ان اسان کي پنهنجي ننڍي هوندي واريون يادون ڏياري ڇڏيون، اهو زمانو ياد اچي ويو ۽ ٿوري دير لاءِ ان ماضي ۾ هليو ويس جڏهن اسڪول کان گهر موٽندا هئا سين ته وات ۾ گگ، نڪ ۾ گوبو (سنگهه)، پير اگهاڙا، گهنجل ڪپڙا (بغير استري جي)، لٽن تي سئو لينگها، قميس جو ڦاٽل کيسو، ڪاري باستي جي گوڏ، صرف سليٽ، پٽي ۽ 8 پيجن واري بندي جنهن تي لکيل هوندو هو ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ* استاد چوي ته اڄ هي سبق ياد ڪري اچو ٻيو سڀحاڻ ڏيندو مانوَ. ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز * هي ٻئي ڏينهن جو سبق هاڻي باقي سبق ياد ڪري اچو جيڪو هي هيو س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه لا ء ي.سائين جيڪڏهن پنهنجي ننڍپڻ تي لکجي ته گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو پر سائين توهان جي مضمون ٿوري دير لاءِ اسان کي ماضي جو سير ڪرايو ۽ ڏاڍو مزو آيو، سدائين گڏ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    هڪ سهڻو ۽ ڪارائتو ليک ۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين جيسيتائين ٻار جي نفسيات نه سمجهيو ويندو تيسيتائين اهو ٻار خاط خواه نتيجا نه ڏيندو ۔ ان لاءِ والدين توڙي استاد ٻنهي کي ٻار جي سائيڪي کي سمجهي ان جي ذهني رجهان کي مطابق ٽريٽ ڪن ته جيئن اهڙن حادثن کان گُلن جهڙا ٻارڙا بچي سگهن۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هن وقت جي حالت جي صحيحي ترجماني ڪندڙ مضمون۔اسان کي ٻارن سان تمام نرم رويو رکڻ پوندو۔هنن جون جائزه خواهشون پوريون ڪرڻيون پونديون۔هن قسم جي خودڪشي جا واقعات هنن جي ذهن تي غلط اثر وجهندا آهن،انهن ڳالهين کي هنن کان لڪائڻو پوندو۔ڇاڪاڻ ته اهئي ڳالهيون ڪنهن ٻه ٻار جو ذهن بغاوت ڏانهن راغب ڪري سگهي ٿو ۽ ٻار خودڪشي کي پنهنجي ننڍن مسئلن جو حل سمٍجهندو۔ٻارن سا ن ڪائونسلنگ ڪري هنن کي خودڪشي جي نقصانن ۽ ان سلسلي ۾ اسان جي مذهب جي طرفان ٻڌايل سزائون کان آگاه ڪرڻ گهرجي۔خودڪشي ڪرڻ وارو جهنم جي باه جو کاڄ ٿيندو،اهو ٻارن جي دماغ ۾ نقش ڪرڻ گهرجي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين نثار مهربانيون

    سچ ته اسان پنهنجي ٻارن کي نه ته صحيح وقت ڏيون ٿا ۽ نه ئي وري هنن کي سمجهون ٿا ۽ نه ئي هنن جي اسڪول جي سرگرمين کان گهڻا واقف رهون ٿا۔ نتيجي ۾ گهڻا ٻار فرسٽريشن جو شڪار ٿي وڃن ٿا يا وري ڪجهه ٻار احساس ڪمتري جو شڪار ٿين ٿا۔

    اچو ته ٻارن جي رهنمائي ڪيون ۽ هنن کي سمجهون ۽ کين سمجهايون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو