امن جي نگر ۾ ڪيتريون، پلجن ٿيون وحشتون، حوَس جي آڙ ۾هر روز، لٽجن ٿيون عصمتون، وحشت جو کاڄ بڻجن پيون، ڪيئي معصوم عزتون، انڌياري جي ور چڙهي ويون، ڪيتريون ئي حسرتون، ڪيئي ڪونڌر ڪسن هر روز ٿا، سياست جي آڙ ۾، مطلب پرست هرڪو بڻيو، لوڀ ۽ لالچ جي آڙ ۾، سنڌوء جي تهذيب جا اي وارثو، ڇو موڪلائي ويو آ ماڻهپو، ڇو اڄ وحشي بڻيو انسان آ۔ ڇو اڄ وحشي بڻيو انسان آ۔۔۔۔
سجاڳي پيدا ڪندڙ لفظ۔۔اچو ته ان وحشي پڻي مان ٻاهر نڪري پنهنجي ڌرتي کي مهذب تهذيب بڻايون۔۔ ۔سنڌوء جي تهذيب جا اي وارثو،ڇو موڪلائي ويو آ ماڻهپو، ڇو اڄ وحشي بڻيو انسان آ۔ ڇو اڄ وحشي بڻيو انسان آ۔۔۔۔
مرض آهي ڏکيو پر لاعلاج ناهي، انڪري اميد آهي ته سنڌ جا حڪيم، طبيب ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪو علاج ڳولهي لهندا ۔۔۔ اميدن تي جهان قائم آهي ۔۔۔ ڪروڙين سنڌي قوم آخر پاڻ ته سنڀاليندي ۽ جنهن ڏينهن پاڻ سنڀالي ورتائين ان ڏينهن ٿيندو۔۔۔ دما دم مست قلندر ۔۔۔
جنيد ميمڻ نوجوان شاعر آهي، جذبا جوان اٿس ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ دوست آهي۔ سندس قلم معاشرتي براين، نانصافين ، اڻبرابري، ڏاڍ، ظلم ۽ جهالت خلاف خوب لکي ٿو۔ ڀاء عاشق جون به مهربانيون آهن جو گهڻن ڏينهن کانپوء سندس ڪا ڊزائن ڪيل شاعري نظر مان گذري آهي۔